سونهاري سنڌ
جنهن جي حسن، امن، علم، مهمان نوازي، محبت، ڀائيچاري، رواداري ۽ پنهنجائپ جي هاڪ ڏيهہ
توڙي پرڏيهہ مشهور هوندي هئي، اڄ انهيءَ ڌرتيءَ تي رت جي راند جاري آهي، امن امان مڪمل
تباهہ ٿي ويو آهي، بدامني پنهنجي جاءِ والاري آهي، سنڌ جي دشمنن پنهنجا ديرا ڄمائي
ورتا آهن، جنهن ڪري هر ايندڙ ڏينهن ڌرتي ڌڻين لاءِ خوشين بجاءِ غمن جا انبار کڻي اچي
ٿو، گذريل ڏينهن شڪارپور ۾ هٿياربندن جي ڄڃ تي فائرنگ سبب گهوٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، رستم
کان جيڪب آباد ويندڙ ڄاڃين تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ
۾ گهوٽ الطاف مهر، سندس معصوم ڀاءُ محمد حسن مهر ۽ ڊرائيور محمد رمضان مهر قتل ٿي ويا، ڪيڏي
نہ ڏک جي ڳالهہ آهي تہ ڪنوار کي وٺڻ لاءِ ويل گهوٽ جو لاش گهر پهتو!!!! شاديءَ جي خوشيءَ
سندس وليمو تَڏي ۾ تبديل ٿيو آهي، گهوٽ جي هنج ۾ ويٺل سندس معصوم ڀاءُ محمد حسن مھر
جنهن جو طهر سنت هو، پنهنجي ڀاءُ جي جھولي
۾ ڦٿڪي ڦٿڪي راهہ رباني ٿيو. دعوت لاءِ سجايل پنڊال ڀرسان جنازا پڙهيا ويا. عورتن جي
عزت ۽ عظمت کي بہ نہ بخشيو ويو، گهوٽ جي ماءُ کي گوليون هنيون ويون. گهوث الطاف مهر
کي ڪهڙي خبر تہ اڄ پنهنجي لال ڪنوار سان لائون لهڻ بجاءِ قبر سان وڃي لائون لهندو. ان
ڪنوار جي دل تان ڇا گذرندو هوندو، جيڪا ونواھہ
۾ ويهي ان اوسيئڙي ۾ هوندي تہ اڄ منهنجو جيون ساٿي مون کي گڏ وٺي نئين زندگي جي شروعات
ڪرائيندو، پر افسوس هن ظالم دنيا کين خوشيون ڏسڻ ۽ هڪ ٿيڻ نہ ڏنو. پنهنجي جيون ساٿياڻي
جو منهن ڏسڻ کان اڳ ئي جدا ڪري ڇڏيو. پاڻ تہ ويو پر پنهنجي معصوم ڀاءُ کي بہ گڏ کنيو
ويو، سندس جيجل ماءُ جنهن خوشيءَ مان گهوٽ پٽ جا لاڏا سهرا چيا، اها بہ زخمي اسپتال
۾ پئي آهي. کيس خبر بہ ناهي تہ ڪو پٽ شهيد ٿيو آ، جڏھن خبر پوندس تہ مٿس ڪهڙي قيامت
گذرندي؟ هن جون ڀينر جن پنهنجي ڀاءُ کي ميندي هڻي موڙ ۽
ڳانا ٻَڌا ۽ خوش ٿي ڀاءُ سان گڏ پنهنجي ڀاڄائي وٺڻ لاءِ پئي ويون, اڄ اهي بيحال هونديون.
هر مٽ مائٽ،
دوست، عزيز، شهري توڙي ڳوٺاڻا سڀ ڏکارا آهن، هن دردمند واقعي تي رت جا ڳوڙھا پيا ڳاڙين،
پوري سنڌ ۾ آواز اٿيل آهي. هرڪو سڏڪي پيو. صرف
خاموش آهن تہ حڪمران جن جي ڪن تي جونءَ بہ نٿي چُري. ڀل ڪيترا بہ ڪونڌر ڪُسجن، معصوم
مرن، نياڻيون قتل ٿين پر هنن کي ڪا پرواھہ ناهي. جڏهن
ملڪ ۾ قانون سردارن ۽ جاگيردارن جو غلام هوندو تہ پوءِ اھڙا واقعا ٿيندا رهندا. ضلعن
جا حڪمران جيڪي پاڻ کي تعليم يافتہ سڏرائين ٿا، سي
اھڙن سردارن جا ڊرائيور ٿا ٿين، پوءِ اھي ڪھڙو انصاف ڪندا پر ياد رکو ھڪ انصاف ڪندڙ
اسان جو رب بہ آھي جنھن وٽ ڪابہ سفارش ڪونہ ھلندي. سنڌ ۾ بيگناهہ ماڻهن جا قتل، ڪارو
ڪاري، ڌاڙا، اغوا براء تاوان سڀ جاگيرداڻا نظام جا تحفا آهن. قبيلائي جهيڙا ۽ دشمنيون
جهالت ۽ تباهيءَ کانسواءِ ڪجهہ بہ ناهي.
شڪارپور واقعو
وحشت جو اگھاڙو رقص آھي، جنھن جي مذمت ڪھڙي ڪجي، مٿي ۾ مٽي وجھي ماتم ڪجي يا ھن نظام
تي سڌا فائر ڪري سندس حليو بگاڙي ڇڏجي، قانون جي جنازي نماز پڙھائي، گولين ۽ بارود
جي ڪارخانن کي باھيون ڏجن، آخر ڇا ڪجي، ڇا گذري ھوندي ان مقتول تان جيڪو پنھجي شادي
جا سھرس ٻڌڻ کان پھرين قبر ڀيڙو ٿي ويو، ان ڪنوار تي ڪھڙي قيامت ڪري ھوندي، جيڪا ونواھہ
۾ ويٺل ھئي، ان گھر ۾ ڇا حشر برپا ھوندو، جتي خوشين جا دھل وڄڻا ھئا ۽ اوڇنگارن جا
آلاپ اڀري پيا ڪير ڪندو ھن درد جو درمان ڪير ڏيندو. سنڌ جي ڌرتي، جيڪا محبت، مهمان
نوازي ۽ امن جي سڃاڻپ هئي، اڄ قبيلائي تڪرارن سبب رت سان رڱجي رهي آهي.
فيصلا نہ ڪندڙ
ڀوتارن ۽ مفاد پرست ماڻهن سبب بيگناهہ زندگيون ختم ٿي رهيون آهن۔ شڪارپور
۾ جتوئي ـ مهر قبيلائي تڪرار دوران ڄڃ مٿان فائرنگ رڳو هڪ واقعو نہ پر سنڌ لاءِ وڏو
الميو آهي. اهي تڪرار سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، جتي خوشيءَ
جا لمحا ماتم ۾ بدلجي وڃن ٿا. ضرورت ان ڳالهہ
جي آهي تہ ڏوهارين کي پڪڙي کين فورن ڦاهيءَ جي ڦندي تي لٽڪائي کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون
وڃن، تہ جيئن آئنده لاءِ سنڌ ڪو سک جو ساهہ کڻي سگهي.

