محترمه بينظير ڀٽو تنهنجي شهادت کانپوءِ ـ اعجاز ممنائي

ـ27  ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ ڏينهن آهي جيڪو هر سال قوم جي دلين کي ٻيهر زخمي ڪري هليو ويندو آهي. هي ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ٿي چڪو آهي، ان شهيد راڻيء جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه پر هڪ سوچ، هڪ تحريڪ ۽ جدوجهد جو هئي جنهن جي ويئي کانپوء سمورو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.اڄوڪي ڏينھن تي شھادت جي مرتبي تي فائز ٿيندڙ والدين جي پنڪي، عوام جي هردل عزيز اڳواڻ ۽ جمھوريت جي اميد جي ڪرن هميشه لاء الوداع ڪري پوري قوم کي سوڳوار ڪري ويئي۔ ھوء دليلن سان وڙھندڙ پرامن جدوجھد جي حامي هئي هوء عوام جي دلين ۾ جي ڌڙڪڻ هئي پر افسوس اسان ان محترمه بينظير ڀٽو جهڙي بيبها اڳواڻ جو قدر نه ڪيو ۽ وحشين جي جنگل ۾ بنا ڪنهن ڏوھ جي نه رڳو ماري وئي پر ھن مهل تائين سندس قاتلن جو پيرو به کڻي سگهياسين۔ هاء شهيد راڻي تنهنجي وئي کانپوء ملڪ مان سچي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي اسيمبلي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويا آهن۔ عوام جا چونڊيل نمائندا پنهنجي تڪ جي عوام کان وانجهيل آهن عوامي مسئلا جيئن جو تيئن پيل آهن ڪوبه نمائندو پنهنجي زميواري کڻڻ لاء تيار ناهي عوام کي بيوقوف بڻائي کانئن ووٽ وٺي وري پنج سال منهن ئي نه ٿا ڏيکارين۔ ٻئي طرف چور دروازي کان اقتدار تي قبصو ڪندڙ جمهوريت جا دعويدار ٿي ويٺا آهن جن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي اي شهيد راڻي توهانجي پارٽيء جو نعرو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان هو جيڪا غريب لاء وقت جي اهم ضرورت هئي ۽توهان ان لاء وڏو ڪم ڪيو توهان غريبن جي سار لهندي کين روزگار سميت پنهنجا گهر آباد ڪرڻ ۽ غربت گهٽائڻ جا کوڙ سارا پراجيڪٽ پيدا ڪيا پر تنهنجي وئي کانپوء غريبن جا گهر ڊاهڻ جا سانڀاها تيار ڪيا ويا پئسن عيوض نوڪريون وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي جنهن ڪري غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو رهي۔ سرڪاري ملازم جيڪي سرڪار جي ريڙهه جي هڏيء جي حيثيت ٿا رکن تن جا جائز مطالبا مڃڻ لاء سخت احتجاج کانپوء به کين لولي پاپ ڏنو ٿو وڃي مٿن ملڪ دشمنن ونگر تشدد ڪيو ٿو وڃي۔کين مئريٽ تي ترقيون ڏيڻ بجاء رشوت جي بازار گرم ڪئي ويئي آهي۔اي شهيد راڻي توکي ڪهڙي دانهن ڏيئي ڪهڙي ڏيان۔ تنهنجي وئي کانپوء ادارا  ٺاهڻ بجاء ڀڳڙن جي مٺ ۾ خانگائڻ لڳا آهن ۽ ان کي ترقيء جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو۔ واپاري سياست ۽ جمهوريت جو واپار ڪرڻ لڳا آهن۔ اظهار جي آزاديء وارو اصول ختم ٿي چڪو آهي جڪو سچ ڳالهائي ٿو ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مجرم قرار ڏنو وڃي۔ عدالتون انصاف مطابق فيصلا ڪرڻ کان قاصر آهن۔سرحدون محفوظ نه هجڻ ڪري ڌارين جي يلغار آهي دهشتگردي ڪاروايون عروج تي آن۔ اسان جي قوم محفوظ ناهي روزانو سيڪيورٽي فورسز ۽ عام ماڻهن مٿان بمباري ٿي رهي آهي۔

  اهي سڀ منظر ڏسي دل  گهڻي تڪليف ٿي پئي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهن ۔خود تنهنجي پارٽيء جي مقبوليت جو گراف ڪري رهيو آهي. تنهنجي پارٽي جيڪا چئني صوبن جي زنجير بڻيل هئي ۽ تنهنجي لاء نعرا لڳندا هئا ته ” چئني صوبن جي زنجير۔بينظير بينظير“ اها زنجير ٽٽي ويئي آهي۔تنهنجي پارٽيء جا وزير ۽ مشير غريب مان ٿيڻ بجاء وڏيرا شاهيء مان ٿي رهيا آهن۔ تنهنجي پارٽيء جا جيالا ۽ همدرد گهاڻيء ۾ پيڙهجي رهيا آهن۔ عوام شاهه لطيف جون هي سٽون پڙهڻ تي مجبور آهي

ويا مور مري، ھنج نه رھيو ھيڪڙو

انھن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي

وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو

اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته لکين ماڻهن جي ساٿ سان تنهنجو قافلو هلندو هو جنهن ۾ غريب ۽ سادن ماڻهن جي اڪثريت هوندي هئي يعني توهان غريبن جي دلين تي حڪمراني ڪندا هو اها حڪمراني مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي۔اڄ جي حاڪمن پئسي تي ماڻهو خريد ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي جمهوريت جو چهرو داغدار ڪري ڇڏيو آهي۔جڏهن ته توهان سان ماڻهن جي عقيدت ۽ احترام جو اهو ثبوت اڄ به تاريخ جي ڪتابن ۾ سنهري اکرن سان موجود آهي ته غريب عوام پيرين اگهاڙي توهانجي استقبال لاء پهچي ٿو ۽ ڪارساز وٽ توهان تي خوني حملو ٿئي ٿو، کن پل ۾ سوين ماڻهو موت جي ننڊ پئجي وڃن ٿا.ڇا ان ۾ ڪو سردار وڏيرو يا جاگيردار ماريو ويو؟ نه نه اتي شهيد ٿيندڙن ۾ اهي غريب ماڻهو هئا جن جان جو نذرانو ڏيئي توهانجي حفاظت ڪئي پر افسوس تنهنجي پارٽي سنڀاليندڙن سندن خاندانن ۽ معصوم ٻچڙن جي سار به نه لڌي۔ هو بک ۽ بدحاليء ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ اي شهيد راڻي تو ان واقعي کي پاڻ سنڀاليو هو، شهيد ڪارڪنن جي سار لڌي هئي، زخمين وٽ هلي وئي هئينء،کين آٿت ڏنو هئي.هاڻي ڪو مسڪين ماروئڙن جا ڳوڙها اگهڻ وارو ئي ڪونهي .

اي شهيد راڻي تون زندگيءَ جي تلخين باوجود پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾ پرعزم، جرئتمند ۽ بهادر رهينء۔ تنهنجي مخلصي لڪڻ جي نه هئي تڏهن ته هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو ۽ توهان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلندو هو ۽ توهان سن هر ڏک ۽ سک ۾ توهان سان گڏ بيهندو هو۔ جيل جون سختيون ۽ مارشل لا جون مصيبتون به توهان کان کين پري نه ڪري سگهيون۔توهانجي همت ۽ حوصلاافزائيء سبب سمورا جيالا وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاء تيار هئا ڇوته توهان پاڻ مظلوميء جو مثال هيون، توهانجي والد کي ڦاهي ڏني ويئي، توهانجي ٻن ڀائرن کي شهادت جو جام پياريو ويو۔ان جي باوجود توهان وڏي حوصلي ۽ همت واري عورت ٿي اڀري آيو،مطلب توهان پاڻ عوام لاء بهادر ۽ رول ماڊل ليڊر عورت ٿي رهيو۔ جنهنڪري توهانکي عالمي ۽ مقامي سازش جي اڻت ڪيل ڄار ۾ ڦاسائي بار بار مارڻ جي سٽ سٽي ويئي ۽ اڄوڪي ڏينهن تي توهان کي پنجاب جي حدن ۾ رستي تي گوليون هڻي ماريو ويو ۽ ملڪ هڪ عالمي ليڊر کان محروم ٿي ويو.

محترم بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عالمي منظرنامي تي پاڪستاني رياست ۽ معاشرو سواليه نشان بڻجي ويو آهي. دنيا ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽيليجنس ادارن، سربراهن، معاشي ماهرن پنهنجا پنهنجا تبصرا پيش ڪري تشويس جو اظهار ڪيو آهي. دي اڪنامسٽ جي هڪ مضمون ۾ پاڪستان کي دنيا جو انتهائي خطرناڪ ملڪ سڏيو ويو. ٽائيم رسالي ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوء پاڪستان جي صورتحال بابت رايا ۽ مضمون لکيا ويا آهن. ٽائيم رسالي جي فرنٽ پيج تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير سان گڏ هي لفظ به لکيا ويا آهن.

No one could save Benazir Bhotto why we need to save Pakistan’’

ان جو مطلب آهي ته ”ڪو به بينظير ڀٽو کي بچائي نه سگهيو ته اسان ڇو پاڪستان کي بچائڻ جي ضرورت محسوس ڪريون“ پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙو ملڪ ٿي اڀريو آهي، جتي هڪ طوفان کانپوءِ ٻيو طوفان سامهون اچي ٿو. اهو سلسلو 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل کان شروع ٿيو ۽ بينظير ڀٽو جو قتل به ان طوفاني سلسلي جي ڪڙي آهي.“

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آمريڪا پنهنجي پاليسن ۾ تبديلي آندي ۽ ان وقت جي صدر بش وائيٽ هائوس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي. ان گڏجاڻي ۾ سي آءِ اي ۽ سيڪيورٽيءَ جي اعليٰ عهديدارن سان صلاح مشورا ڪندي بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ، پاڪستاني قبائلي علائقن ۾ سي آءِ اي ۽ آمريڪي فوج کي نوان اختيار ڏيڻ سميت پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي تحفظ ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا ان اهم اجلاس ۾ القاعده کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي فورسز پاڪستان اندر موڪلي القاعده کي چٿڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ويئي ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته صدر مشرف انتهائي غير مقبول ٿي چڪو آهي تنهن ڪري انڪري کيس هٽايو وڃي۔ صدر بش طرفان اُهو سمورو ٽاسڪ C I A کي ڏنو ويو. ساڻ ٽي هزار فوج نيٽو جي مدد لاءِ افغانستان موڪلڻ جي اجازت پڻ ڏني جنهنجي نتيجي ۾ طالبان ۽ القاعده جو خاتمو آيو.اڄ وري اهي ساڳيا طالبان پاڪستان خلاف محاذ قائم ڪيون ويٺا آهن۔محترمه جي شهادت بعد اقوام متحده پاران اهو بيان به آيو ته پاڪستان جي معشيت افراطِ زرِ جو شڪار آهي. آءِ ايم ايف، اقوام متحده جو ادارو آهي، جنهن جو ڪم افراطِ زرِ کي روڪڻ آهي. معيشت ۾ مسلسل افراط زرِ قومن جي تباهي جو سبب بڻبي آهي، افراظ زرِ هڪ وبا آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ رياست ۽ عوام جو فرض آهي، ٻي صورت ۾ افراط زرِ قومن ۽ رياستن کي ڪمزور ڪري ناڪاره بڻائي ڇڏيندي آهي. هن وقت پاڪستان سياسي، معاشي ۽ اخلاقي طور ڪمزور ترين رياست جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. جتي هر طرف ڪيئي خطرا منهن ڪڍيون بيٺا آهن.


Previous Post Next Post