وائرس جي دريافت - وائرس (قسط 02) ـ دريا خان سنڌي

وائرس جو لفظ پاڻ ۾ تضاد رکي ٿو، هي رومن دور جو لفظ آهي، اتي انجو مطلب نانگ جو زهر بہ هيو ۽ مرد جو مادو يعني نطفا بہ. بربادي ۽ تخليق، هڪ ئي لفظ ۾ گڏ هئا، ايندڙ صدين ۾ وائرس جي لفظ نئون مطلب ماڻي ورتو، هڪ اهڙو انفيڪشن وارو مواد جيڪو بيماري ڦهلائي سگهي، اهو ڪڏهن ڪو پاڻياٺ بہ ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ زخم مان نڪرندڙ مواد، اهو هوا ۾ ڦهلجندڙ ڪو اسرار بہ ٿي سگهي ٿو، اهو ڪنهن ورق تي بہ اثر وجهي سگهي ٿو، جيئن ڪنهن جي آڱر لڳڻ سان بيماري ڦهلجي وڃي، موجودھ معنيٰ ان لفظ کي اوڻويھ صدي جي آخر ۾ ملي، ۽ ان پٺيان هڪ زرعي تباهي هئي.

نيدرلينڊ ۾ 1879ع ۾ تمباڪو جي پوک ۾ هڪ بيماري ڦهلجي رهي هئي، جنهن سبب ٻوٽا وڌڻ بند ٿي ويا هئا، ان تي تحقيق ڪندڙ نوجوان زرعي ڪيمسٽ ايڊولف مائير هو، ان معلوم ڪيو تہ بيمار ٻوٽن مان رس ڪڍي تندرست ٻوٽن ۾ وجهجي تہ اهي بہ بيمار ٿي وڃن ٿا، جنهن جو مطلب اهو ٿيو تہ ڪا خوردبيني پيٿوجن اندر موجود آهي، پر ڪهڙي؟ مائير ان کي دريافت نہ ڪري سگهيو.

هڪ ٻيو ڊچ سائنسدان مارٽينس بائيرنڪ ڪجھ سالن کانپوءِ ان تحقيق کي اڳتي وڌايو، ان بيمار ٻوٽن کي پيسيو ۽ حاصل ٿيل پاڻياٺ کي اهڙي نفيس ڇاڻي مان گذاريو، جنهن سان ٻوٽن جا گهرڙا ۽ بيڪٽيريا ٻاهر ڇاڻجي ويا، جيڪو صاف رس بچيو، اهو تندرست ٻوٽن ۾ وڌو ويو، ۽ اهي بہ بيمار ٿي ويا.

بائيرنڪ وري نون بيمار ٻوٽن مان ساڳيو جوس فلٽر ڪيو، ان بہ بيماري ڦهلائي ڇڏي، جيڪو ڪجھ هو، اهو رس ۾ هو، بيڪٽيريا کان گهڻو ننڍو، پاڻ کي ڪاپي ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ۽ بيماري ڦهلائيندڙ

هي پاڻياٺ اهڙي شيءَ هئي، جيڪا ان وقت جي حياتيات جي ڄاڻ کان ٻاهر هئي، نہ جاندار، نہ ٻوٽو، نہ فنگس، نہ بيڪٽيريا، الڪوحل وڌائڻ باوجود ان جي اثر ۾ تبديلي نہ آئي، ان کي گرم ڪيو ويو، ڪو خاص فرق نہ پيو، ان سان فلٽر پيپر کي آلو ڪيو، سڪائي ڪري ٽي مهينا رکي ڇڏيو، وري پاڻي ۾ وڌو، ان تحليل بہ ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيندو هو.

بائيرنڪ ان اسرار کي وائرس جو نالو ڏنو، هي پهريون دفعو هو، جڏهن وائرس جو جديد معنىٰ ۾ استعمال ٿيو، بائيرنڪ ٻڌايو تہ وائرس ڇا نہ آهن، باقي ڄاڻ ان وقت جي سائنس جي حدن کان ٻاهر هئي.

وائرس کي بهتر سمجهڻ لاءِ نون اوزارن ۽ نون خيالن جو انتظار ڪرڻو پيو، اليڪٽران مائڪروسڪوپ سان سائنسدانن ڏٺو تہ اهي اصل ۾ ڇا آهن، گهڻا ننڍڙا ذرڙا، انهن جي مقابلي ۾ بيڪٽيريا بہ وڏا لڳن ٿا.

جيڪڏهن تہ اهي گهڻا ننڍا آهن، پر سائنسدان انهن جي اندر ڏسڻ ۽ انهن سان ڪم ڪرڻ جا طريقا ڳولي چڪا هئا، هڪ انساني گهرڙو لکين ماليڪيولز تي ٻڌل آهي، جيڪي ماحول کي محسوس ڪن ٿا، خوراڪ وٺن ٿا، وڌن ٿا، فيصلو ڪن ٿا تہ ڪڏهن ورهائجي وڃڻو آهي يا ٻين گهرڙن جي فائدي خاطر خودڪشي ڪرڻي آهي.

پر وائرس ان جي ڀيٽ ۾ گهڻا سادا آهن، پروٽين جي چادر ۾ ڪجھ جينز تي ٻڌل، ان سادگي باوجود، وائرس زندگي جي ٻين قسمن کي قابو ڪري ڪري وٺن ٿا، سائنسدان ڏسي سگهيا تہ وائرس پنهنجون جينز ۽ پروٽين ميزبان ۾ وجهن ٿا ۽ ان تي ڪنٽرول وٺي ان مان پنهنجون ڪاپيون ٺهرائن ٿا، هڪ وائرس هڪ گهرڙي ۾ گهڙي، خالي هڪ ڏينهن ۾ هزارين ڪاپيون ٺاهي سگهي ٿو.

اڻويھ سئو پنجاھ 1950ع جي ڏهاڪي تائين وائرولوجسٽن کي هي بنيادي حقيقتون معلوم ٿي چڪيون هيون، پر ڄاڻڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجھ باقي هو، مثال طور، کين اها نہ ڄاڻ هئي تہ وائرس ڪهڙن مختلف طريقن سان بيماريون پيدا ڪن ٿا، کين اهو نہ هو خبر تہ پاپيلوما وائرس سيهڙ جا سينگ ڪيئن ڪڍي ٿو ۽ هر سال لکين عورتن کي سروڪس ڪينسر ۾ مبتلا ڪري ٿو، نہ اهو تہ ڪي وائرس موتمار ڇو ٿين ٿا ۽ ڪي بي رحم، نہ اهو تہ اهي ميزبان جي مدافعتي نظام کان ڪيئن بچن ٿا، نہ اهو تہ ڪنهن بہ ٻي شئي کان وڌيڪ تيزيءَ سان ارتقاء ڇو ڪن ٿا.

ان وقت کين هي بہ خبر نہ هئي تہ هڪ وائرس ان وقت چيمپينزي مان انسان ۾ ٽپو ڏئي چڪو آهي ۽ ڦهلجي رهيو آهي، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان پوءِ انسانيت جو وڏو قاتل بڻجندو، کين اهو بہ وهم نہ هو تہ زمين تي وائرس جي قسمن ۽ تعداد جو ڪيترو وڏو ذخيرو آهي، ۽ تہ حياتيات جو جينياتي قسم سڀ کان وڌيڪ وائرسن ۾ آهي، کين اهو بہ نہ هو خبر تہ اهي ڌرتي جي گرمي پد جو ٿرمو اسٽيٽ آهن، آڪسيجن جي وڏي پيداوار جا ذميوار آهن، يعني اسان جو ساھ انهن جي مهرباني سان آهي، ۽ تہ انساني جينوم جو وڏو حصو بہ انهن هزارين وائرسن تي ٻڌل آهي، جيڪي اسان جي پُراڻن اباڻن کي وقت بوقت متاثر ڪندا رهيا آهن. يا گهڻو ڪري، چار ارب سال اڳ وائرسن ئي زندگي جي شروعات کي ڌڪو ڏنو هو.

هاڻي سائنسدان انهن ڳالهين کان ٿورا ٿورا واقف آهن، اهي انساني جسم جي اندر يا ڌرتي جي ڏکين جڳهن ۾ وائرس جي موجودگي جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، هن ڌرتي تي وائرس بابت ڄاڻ اڃا گهري ناهي، پر انهن کي سمجهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي.

Previous Post Next Post