سنڌ جي ڌرتي
جڏهن ڪنهن باشعور، غيرتمند ۽ حق پسند انسان
کي جنم ڏئي ٿي ته اهو رڳو هڪ فرد نه پر فڪر، سوچ، آواز
۽ جدوجهد جي صورت اختيار ڪري سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو آهي، اهڙو ئي
سچو ۽ بي باڪ نالو آهي سينيئر صحافي، بي خوف ڪالم
نويس ۽ عوام جو آواز قلم ڌڻي وفا ولي محمد ڦل، جيڪو
31 ڊسمبر 1971ع تي ڦل شهر ڀرسان هڪ تاريخي، سخي
۽ انسان دوست گهراڻي عبدالڪبير ڦل جي نالي سان ڳوٺ عبدالڪبير ڦل ۾ ڄائو. وفا ولي محمد ڦل جي پنهنجي والد بزرگ سخي
عبدالڪبير ڦل جي گهر اهو جنم رڳو هڪ ٻار جي پيدائش نه هئي پر سنڌي صحافت لاءِ هڪ اهڙي
قلم جي آمد هئي جيڪو اڳتي هلي سچ لکي، ظلم کي للڪاري، مظلوم
جي ڳالهه ڪري ۽ طاقت آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري، وفا
ولي محمد ڦل جو والد عبدالڪبير ڦل پنهنجي دور جو مشهور سخي، هر
هڪ لاء دروازا کليل رکندڙ، مسافر نواز
۽ غريب پرور انسان هو، جنهن جي اوطاق
سنڌي مهمان نوازي، سخاوت، اخلاق
۽ انسان دوستي جي علامت طور سڃاتي ويندي رهي آهي، اڄ
به سندن اوطاق تي پري پري کان آيل مهمان، مسافر، غريب
۽ ضرورت مند اچن ٿا جتي بغير ڪنهن ذات، فرق، مذهب
يا لساني سڃاڻپ جي کين عزت، محبت، مروت
۽ مانُ ڏنو وڃي ٿو، اها اوطاق رڳو ويهڻ جي
جاءِ نه پر سنڌي سماج جي قدرن، ڀائيچاري، رواداري
۽ سچائي جو زنده مثال رهي آهي ۽ اهو ئي انساني رنگ، سچائي
جو جذبو ۽ سماجي احساس وفا ولي محمد ڦل جي شخصيت، سوچ، مزاج
۽ قلم ۾ چٽي نموني نظر اچي ٿو.
وفا ولي محمد
ڦل اهڙي گهراڻي ۾ پرورش حاصل ڪئي جتي سادگي، ايمانداري، مهمان
نوازي، سچ ڳالهائڻ ۽ سماجي ذميواري ورثي طور ملي، سندس
ڀاءُ استاد علي محمد ڦل تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهي علم جي روشني ورهائيندو رهيو
آهي جنهن سبب گهر جو ماحول علم دوست، سوچ
وارو ۽ شعور سان ڀريل رهيو آهي، اهڙي ماحول
۾ پلجڻ سبب وفا ولي محمد ڦل ننڍپڻ کان ئي ڪتابن سان محبت، لفظن
سان دوستي، سچ جي ڳولا ۽ سوال ڪرڻ جي همت سکيو، تعليم
جي ميدان ۾ وفا ولي محمد ڦل پرائمري تعليم ڳوٺ ابڙاهو مان حاصل ڪئي جتي بنيادي علم
سان گڏ سماج کي سمجهڻ جو شعور مليو، مڊل جي تعليم
ڳوٺ الهرکيو مري ۽ ڦل شهر مان مڪمل ڪئي، ميٽرڪ مدرسه
هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز مان پاس ڪئي جتي هن جي سوچ وڌيڪ پختي ٿي، جڏهن
ته بي اي ۽ بي ايڊ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪري علمي ميدان ۾ پاڻ کي
مضبوط ڪيو، تعليم سان گڏ قومي، سماجي
۽ سياسي تحريڪن سان لاڳاپي سندس شعور کي وڌيڪ سگهارو بڻايو، سنڌ
ساگر، جسقم، فاروق
اعظم ڪميٽي، شهري ايڪشن ڪميٽي ۽ جي يو آءِ جهڙن فورمن سان وابستگي
هن کي سنڌ جي مسئلن، ماڻهن جي درد، حقن
جي جدوجهد ۽ سماج جي نبض سان ڳنڍي ڇڏيو.
وفا ولي محمد
ڦل صحافتي سفر جي شروعات رپورٽر طور ڪئي جتي هن ميدان ۾ وڃي عام ماڻهن جا ڏک، درد، تڪليفون، دانهن
۽ ناانصافيون ويجهڙائي سان ڏٺيون، اهي ئي مشاهدا
۽ تجربا اڳتي هلي سندس ڪالم نويسي جو بنياد بڻيا، هڪ هزار جي لڳ ڀڳ سندس جا مضمون مختلف
سنڌي اخبارن ۾ 2000ع کان وٺي اڄ تائين ڇپجي چڪا آهن.
سندس
قلم هميشه سماجي ناانصافين، مهانگائي جي
عذاب، تعليم جي تباهي، صحت
جي زبون حالت، ثقافتي زوال، بدعنواني، سياسي
بي حسي ۽ حڪمرانن جي لاتعلقي کي بي نقاب ڪندو رهيو، هو
بنا ڪنهن خوف، لالچ، دٻاءَ
يا مفاد جي سچ لکندو رهيو آهي، وفا ولي محمد
ڦل جي قلم جي سڃاڻپ بي باڪي، سچائي، ساده
لهجي ۽ عوامي انداز سان جڙيل آهي، سندس تحريرون
رڳو تنقيد تائين محدود ناهن پر مسئلن جي تجزئي، سببن
جي نشاندهي ۽ حل جي ڳولا پڻ آهن، هو سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب
۽ قومي سڃاڻپ جو سچو پاسبان آهي، جنهن جي هر
لفظ مان ڌرتي سان عشق، ماڻهن سان محبت
۽ حق سان وابستگي ظاهر ٿئي ٿي، پريس ڪلب ڦل
جو ميمبر هئڻ سان گڏ سگا ڦل شاخ جو لائيف ٽائيم ميمبر ۽ سرگرم رڪن هجڻ سبب وفا ولي
محمد ڦل ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾ به پنهنجو اثرائتو ڪردار
نڀائيندو رهيو آهي، 1992ع ۾ بطور استاد مقرر
ٿي علم جي روشني ورهائي ڪيترن ئي شاگردن جي ذهنن کي شعور سان روشن ڪيو، جڏهن
ته 2018ع ۾ طبيعت خراب هجڻ سبب رٽائرمينٽ ورتائين پر ان باوجود قلم کان پري نه رهيو، اڄ
به زير علاج هجڻ باوجود صحافت ۽ ڪالم نويسي سان سندس وابستگي قائم آهي، وفا
ولي محمد ڦل جي زندگيءَ جو هڪ اهم، روشن ۽ فخر
جوڳو پهلو سندس فرزند عقيل آهي جنهن ۾ ذميواري، اخلاق، شعور
۽ سچ سان وابستگي جا اهي ئي نقش نظر اچن ٿا جيڪي پيءُ جي تربيت، سوچ
۽ جدوجهد جو زنده ثبوت آهن، اهو فڪري تسلسل
وفا ولي محمد ڦل جي مشن کي نسلن تائين زنده رکڻ جو سبب بڻجي ٿو، وفا
ولي محمد ڦل جو جنم سنڌ لاءِ هڪ نعمت آهي ڇو ته هن جو قلم رڳو لفظ نه پر عوام جو آواز
بڻيل آهي، سندس تحريرون نوجوانن کي سوچڻ سيکارين ٿيون، شعور
پيدا ڪن ٿيون، سچ ڳالهائڻ جو حوصلو ڏين ٿيون ۽ حق لاءِ بيهڻ جي
همت پيدا ڪن ٿيون، هو رڳو هڪ ڪالم نويس نه
پر هڪ ذميوار سوچ، هڪ بي خوف آواز، هڪ
تحريڪ ۽ هڪ اڻٿڪ جدوجهد جو نالو آهي.
سندس جنم ڏينهن
رڳو هڪ تاريخ نه پر سنڌي صحافت لاءِ اميد، حوصلو
۽ سچ جي واٽ تي هلڻ جو پيغام آهي، دعا آهي ته
الله پاڪ وفا ولي محمد ڦل کي مڪمل صحت عطا فرمائي، سندس
والد سخي عبدالڪبير ڦل جي اوطاق کي هميشه آباد رکي، ۽ سندس، فرزند
عقيل وفا ڦل ۽ سموري گهراڻي کي سلامت رکي ۽ سنڌ امڙ لاءِ سندس قلم کي هميشه سچ، حق
۽ انصاف جو علمبردار بڻائي (آمين)

