احمد حسن عرف جاويد پنهور جي جنم ڏينهن جي تقريب ـ رپورٽ ـ رزاق حسين ”بلبل“ پنهور

سگا جي سٿ جي ھڪ بيحد مخلص، محنتي ۽ سجاڳ شخصيت، جنھن پنھنجي اخلاص، مستقل مزاجي ۽ بي لوث خدمت ذريعي سگا مرڪز ۾ انفارميشن سيڪريٽري جي حيثيت سان نمايان ڪاميابيون ماڻي، اھڙي قدر لائق انسان سائين احمد حسن المعروف جاويد علي پنھور جي جنم ڏينهن جي خوشي ۾ ھڪ يادگار ۽ محبت ڀري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.

مان سائين احمد حسن پنهور جو مختصر تعارف ڪرائيندو هلان ته سائين جو جنم دادو ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ پيارو ڳوٺ ۾ 30 ڊسمبر 1971ع ۾ ٿيو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي انٽر دادو ڊگري ڪاليج مان ۽ ماسٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان جنھن کان پوءِ پاڻ پرائمري استاد جي پيشي سان جڙجي ويا، سندن ۾ سماجي خدمت جو جذبو ننڍي عمر کان ئي رهيو آهي پنهجي ڳوٺ جي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ڊوميسائل ٺهرائڻ کان وٺي ڳوٺ بنيادي سهولتن لاءِ سدائين جاکوڙ ڪئي آهي جنهن واٽر سپلاءِ هجي بجلي گئس يا بنيادي صحت مرڪز جي سڌاري لاءِ ڪوششون هجن، ان کان پوءِ پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا 2000 ۾ ڦلجي اسٽيشن شاخ جا ميمبر ٿيا ۽ 2006 ۾ ان شاخ جا جوائنت سيڪريٽري ۽ 2009 کان 2021 تائين جنرل سيڪريٽري رهيا آهن ۽ ان دوران سندن شاخ جون سماجي خدمتون سڄي سنڌ ۾ نمايان رهيون آهن ان کان پوءِ پاڻ 2024 ۾ سگا مرڪز جو مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري چونڊجي آيو. جنهن کان پوءِ هن پنهجي عهدي سان جئين  نڀايو آهي ان سان سڄي سنڌ ۾ سندس شخصيت نمايان طور سامهون آئي آهي. سندس پاران هر ماڻهو سان نياز نوڙت ۽  مرڪي ملڻ جو انداز هر ماڻهو کي پنهنجي طرف متوج ڪري ڇڏي ٿو سندس جي پنهجي ڪم سان سچائي کيس هن مقام تي پهچايو آهي جو اڄ کيس سنڌ جا ساٿي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا.

سندس جي سالگره جي تقريب:

ھي خوبصورت تقريب سگا شاخ مخدوم بلاول جي جنرل سيڪريٽري، بيحد محبتي ۽ سرگرم شخصيت جنرل سيڪريٽري سگا مخدوم بلاول شاخ غلام مرتضيٰ پنھور طرفان ايوان صحافت پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سگا جي دوستن کي گڏ ڪري پنھنجي دلي دوست سائين احمد حسن پنهور جي جنم ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملھايو. تقريب ۾ شريڪ دوستن جنم ڏينهن جي ھن سعادت ڀري موقعي تي سائين احمد حسن کي دل کولي مبارڪون ڏنيون، دعائون ڪيون ۽ پنھنجي خيالن جي اظهار وسيلي محبتن جا گل نڇاور ڪيا.

ان موقعي تي سگا شاخ پاٽ شريف جي صدر محترم سائين گلزار احمد ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيو ته سائين احمد حسن نه رڳو ھڪ بھترين، حليم ۽ شائسته طبيعت جو مالڪ آھي، پر ساڳئي وقت ھڪ متحرڪ، ثابت قدم ۽ عملي ڪردار ادا ڪندڙ شخصيت پڻ آھي. سندس مسلسل جاکوڙ، اخلاص ۽ مثبت روين سبب ئي ھن دوستن جون دليون کٽي ورتيون آھن ۽ سگا مرڪز ۾ پنھنجي سڃاڻپ افق تي تارن جيان روشن ڪئي آھي.

ساڳي طرح سگا شاخ پاٽ شريف جي جنرل سيڪريٽري پڻ پنھنجي لفظن جي سٽاءَ سان سائين احمد حسن جي زندگيءَ جي مختلف پاسن تي روشني وڌي ۽ سندس تنظيمي خدمتن کي ساراهيو.

ان کان علاوه محترم عبدالله خان شاھاڻي، صدر ايوان صحافت ڦلجي اسٽيشن، پنھنجي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سائين احمد حسن سگا جھڙي مھذب تنظيم ۾ جيڪو مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آھي، اھوئي ڪردار ھن ايوان صحافت جي دوستن لاءِ پڻ ادا ڪيو آھي. سندس باھمي تعاون، بردباري ۽ مفاهمتي سوچ سبب چونڊن بدران اتفاقِ راءِ سان سڀني دوستن کي گڏ ڪري گڏيل انداز ۾ ڪم ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو ويو، جيڪو ھڪ سچي سماج سڌارڪ جي علامت آھي. ھن چيو ته اسين سندس سڀني ڪاوشن کي دل سان ساراهيون ٿا ۽ اڄ جي ڏينھن کيس لکين دعائون ۽ دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا.

تقريب دوران سائين احمد حسن جي فلاحي، تنظيمي ۽ عملي زندگيءَ تي روشني وجهندي محترم غلام مصطفى سومرو نائب صدر سگا ، سڪندر علي جهتيال جنرل سيڪريٽري سگا ، غلام سرور پنھور رپورٽر ڪي ٽي اين ڪاوش ، ڪامريڊ ايڊووڪيٽ سڪندر علي پنھور، شير خان منگي، محمد يعقوب کهڙو جنرل سيڪريٽري ايوان صحافت ، سجاد الرحمان پنھور رپورٽر پنهجي اخبار ٽائيم نيوز ، رانا نصرالله سنڌي سينئر صحافي ، طاھر حسين پنھور، غلام حيدر پنھور سينئر صحافي ، نيڪ محمد پنھور  ۽ ٻين دوستن پڻ تقريرون ڪيون ۽ سندس شخصيت کي ڀرپور لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي.

ھن سڄي محبت ڀري، ڀائيچاري ۽ اخلاص سان ڀرپور تقريب جي ميزباني جو شرف محترم غلام مرتضيٰ پنھور، جنرل سيڪريٽري سگا شاخ مخدوم بلاول ۽ ايوان صحافت حاصل ڪيو، جنھن پنھنجي حسنِ انتظام سان تقريب کي يادگار بڻايو.

بيشڪ اھڙيون محفلون نه رڳو شخصيتن کي عزت ڏين ٿيون، پر تنظيمن اندر محبت، اتحاد ۽ خدمت جي جذبي کي به وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون


Previous Post Next Post