نئون سال نيون اميدون مبارڪ ـ اعجاز ممنائي


 اڄ سرزمين تي نئين سال 2026 جو نئون سج اڀريو آهي، پراڻي سال جون پراڻيون يادون دفن ٿي چڪيون آهن هي نئون سال نوان خيال نيون سوچون نيون خوشيون کڻي آيو آهي، هر ڪو کيس ڀليڪار پيو چوي ڇوته چوندا آهن ته جنهن ڪم جو آغاز ڀلائيء سان ڪبو آهي ته ان جو نتيجو به ڀلو نڪرندو رهي۔ ڏکن پٺيان سک هجن ٿا يقينن نئون سال پنهنجي دامن ۾ هڪ نئين صبح، هڪ نئين اميد ۽ هڪ نئين عزم جو آغاز ڪري رهيو آهي ۽ دل بهار بهار ٿي رهي آهي ۽ نئين سال جي هٻڪار هلي رهي آهي۔ توڙي جو ماضيء جا زخم اڃا تازا آهن۔ غريب مهانگائيء جي چيچڙي ۾ پيڙهجي رهيو آهي ملڪي سياست سادن ماڻهن لاء آزار بڻيل آهي۔ عدالتون انصاف ڪرڻ کان قاصر آهن جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي دربار لڳائي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن۔اسپتالون غريبن کي علاج معالج جون سهولتون نه ڏيڻ برابر آهن پر اميد قوي آهي ته ڪجهه نه ڪجهه سڌارو ايندو ائين اسڪول تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن پر نئي آيل کيپ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اميدون آهن ته جيڪڏهن انهن کي ڪم ڪرڻ ڏنو ويو ته هو قوم جي معمارن جو مستقبل روشن ڪري سگهن ٿا ورنه ڪارو ٻڌو ڪمري سان ته رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي۔ سو نئون سال کوڙ ساريون نيون اميدون کڻي آيو آهي اسان جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون، اتي هر طرف ماڻهو مشڪلاتن ۽ معاشي تنگدستين ۾ ورتل نظر اچي ٿو پر دنيا اميدن تي قائم آهي هر ڪاري رات کان پوءِ هڪ روشن صبح ضرور ٿيڻو آهي.  نئين سال جو پھريون ڏھاڙو توھان ۽ اسان سڀني عالمي انسانن جي خوشين جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ کوڙ ساريون خوشيون ڏئي سگهي ٿو بس اسانکي گذريل سال جي ڏکن تڪليفن ۽ پريشانين کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي.ڇو ته رب ڪريم  آھي ۽ ان جي رحمت وسيع آهي انڪري ڪڏهن به رب ڪريم جي انعامن کان نا اميد نه ٿيو.اھو رب جيڪو رات مان ڏينھن ۽ ڏينهن مان رات ٿو ڪري۔ جيڪو اونداهيء مان روشني ڏيندو آھي يقينن هو ھر شيء جو خالق آھي هن جي رحمت مان مايوس نه ٿجي۔

نئون سال رڳو ڪئلينڊر جي تاريخ بدلجڻ جو نالو ناهي، پر هڪ احساس زميواريء جو نالو به آهي جيڪو هر انسان کي پنهنجي اندر جي ضمير کي جاڳائي ٿو ۽ هر بگڙيل شيء کي ڀلو ڪرڻ جي عزم سان منسلڪ آهي۔ ڪئلينڊر پنهنجي 365 ڏينهن کي نه رڳو پهرن هفتن ۽ مهينن ۾ تبديل ڪري ٿو پر اندر جي اڌمن کي جنجهوڙي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ملي ٿو ۽ انسان ڪاميابيء سان همڪنار ٿئي ٿو۔ رات جو 12 وڳي تبديل ٿيل سال جو آغاز گهڻو ڪجهه سمجهائي ٿو پر سمجهو ڪي سمجهن۔ انسان محبت جي پيداوار آهي انڪري نفرت پالڻ محبت سان ٽڪراء برابر آهي۔ هونء به انسان کي نئون ڪجهه ڪرڻ جو ڪم ئي ناهي پر ماضيء جي شخصيتن جي سيرت اپنائڻ جو ڪم آهي۔اسان هروڀرو تبديلي تبديليءَ جون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندا آهيون۔ اسانجي دستور ۾ تبديليء جو ذڪر ئي ڪونهي پر اسانجو عوام اسانجا حاڪم تبديلي آڻڻ تي هروڀرو زور پيا ڏين۔ نئون سال اسان لاءِ صرف هڪ ڏينهن جي تبديلي نه آهي پر اهو پنهنجي گذريل زندگي تي غور ڪرڻ ۽ پنهنجي عملن ۾ تبديلي آڻڻ جو سال آهي. اسان ڪنهن به مذهب سان وابسته آهيون ته اهو اسان کي سيکاري ٿو ته هر ڏينهن کي پنهنجي آخرت جي بهتريء لاءِ استعمال ڪيو وڃي ڇوته بهترين ماڻهو اهو آهي جيڪو ٻين لاءِ فائديمند هجي پر افسوس ڪجهه ماڻهو نئين سال جي خوشي ملهائڻ لاءِ فائرنگ ۽ ڦٽاڪا استعمال ڪري پاڙيسرين جي امن ۽ سک کي خراب ڪن ٿا ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته پاڙيسرين جون ننڊون حرام ڪرڻ سان اسان کي ڇا حاصل ٿئي ٿو؟

معصوم ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ اسان جي خوشين کي ڪهڙي حد تائين جائز بڻائي ٿو؟ ڇا اسانجي مذهب يا ڪنهن به اخلاقي نظام ۾ اهڙي عمل جي اجازت آهي؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته پوء اچو ته نئين سال کي عبادتن ۾ گذاريون ۽ شڪرگذاري جو مظاهرو ڪريون۔ڇوته انسان کي خلق ئي عبادت لاء ڪيو آهي۔نئين سال جي آمد تي پنهنجي رويي ۾ محبت امن ۽ ٻين جي خوشين جو خيال رکو بي مقصد عملن فضول خرچين ۽ نقصانڪار عادتن کان پاسو ڪريو۔انسانيت لاءِ مثبت قدم کڻڻ جو عزم ڪريو ائين ڪرڻ سان اسانجو سال رحمتن برڪتن ۽ ڪاميابين سان ڀرپور هوندو۔


Previous Post Next Post