جيستائين زندگي
اصولن آدرشن يا بهتر مقصدن لاءِ نٿي گذارجي
تيستائين انسان ۽ حيوان ۾ ڪو واضح فرق نٿو رهي۔ زندگي رڳو کائڻ، پيئڻ، سمهڻ ۽ قضا حاجت جو نالو نہ آهي۔ زندگي زندہ دليءَ
جو
نانءِ آ، ٻي صورت اها زندگي ڄڻ ڪچي مٽيءَ جو يا ڪو ڀيلو ٿانءِ آ۔
مولا علي ڪرم
الله وجہ جي قول مبارڪ مطابق اوهان ۾ سٺي شخصيت جو
مالڪ اهو آهي، جنهن مان خلق-خدا کي فائدو يا ڀلائي نصيب ٿيندي هجي۔ بلند ڪردار وارو
شخص، بهترين ۽ پسنديدہ شخصيت جو مالڪ
هوندو آهي۔ جنهن کي سندس چاهڻ وارا دل ۽ اکين ۾ جايون ڏيندا آهن۔ ان کان سواءِ اهي پنهنجي بلند ڪردار سبب تاريخ جي ورقن
۾ امرتا ماڻي وٺندا آهن، ۽ صدين پڄاڻان بہ
اهڙا
ڪردار وسري ناهن سگهندا۔
زندگي اگر بي
اصولي ۽ بي دڳي يا بيڪار گذري تہ اها زندگي زندگي
ناهي بلڪہ ڇڙواڳي آهي۔ تنهنڪري اهو لازمي آهي تہ زندگيءَ
۾ بهترين اصولن کي اپنائي هڪ مثالي جيون گهارجي، پنهنجي ڪردار کي بلند بالا ڪجي ۽ شخصيت
کي مقبوليت جي بلندين تائين پهچائجي۔ ”پنهنجي
اخلاق کي ايترو بلند ڪيو جو ماڻهون اوهان جو مثال بيان ڪن“ هي قول مبارڪ آهي حضرت خواجہ گل حسن قريشي صديقي صاحب لواري شريف واري
جو۔ هڪ صحتمند شخص ئي سماج ۾ بهترين ڪردار
ادا ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري، شخصيت جي نکار لاءِ
سٺي
صحت هجڻ پڻ بيحد ضروري آهي۔ صحت کي هر حالت ۽ هر صورت ۾ بحال رکڻ گهرجي ورنہ بيمار ماڻهو تہ سماج تي بار برابر هوندو آهي۔
حديث شريف آهي
تہ سچو مومن اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان
ڪنهن کي ڪا بہ تڪليف نہ پهچي۔
حقيقي مومن
اهو آهي جيڪو ڪنهن جو حق تہ نہ کائي پر ٻين جي حقن جي حفاظت ڪري حق سچ
۽ نيڪ ڪمن جي تلقين ڪري ۽ حقيقي راھ تي هلڻ جي لاءِ
رهبري
ڪري۔ مومن کي امين ۽ صادق هجڻ گهرجي۔ مومن کي شفيق هجڻ گهرجي، پاڙيسرين سان سٺو ۽ همدرديءَ وارو سلوڪ ڪندڙ هجي۔
ٻيو وڏو ۽ افضل
اصول آهي سچائي۔ ڪوڙو هر گناھ جي جڙ/پاڙ آهي۔ تنهنڪري ڪوڙ کان بچڻ گهرجي۔ حق سچ تي
قائم رهي خلق-خدا سان بهترين سلوڪ روا رکڻ گهرجي۔
لالچ لوڀ کان
پري رهڻ گهرجي۔ لالچ جي ڪري ئي ڪافي سماجي برايون جنم وٺن ٿيون۔ رشوت خوري/حرام خوري،
ڦرلٽ، چوري، ڌاڙا وغيرہ سڀ لالچ ۽ رات
پيٽ ۾ امير ٿيڻ جي غلط سوچ ۽ لالچ جو نتيجو آهن۔ محنت ۾ عظمت آهي محنت سان ئي اعليٰ مقام ماڻي سگهجي ٿو۔ محنت
۾ وري محبت شامل هجڻ گهرجي ورنہ بي دليءَ سان ڪيل محنت بيگار جي برابر هوندي آهي
۽ گهربل نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام رهندي آهي۔اڄ ڪلھ جعل سازي ۽ ملاوت جو مرض عام جام آهي جنهن
سبب معاشري ۾ سماجي براين ۾ بي پناھ اضافو ٿي رهيو آهي۔
نيت هميشہ نيڪ رکڻ گهرجي۔ جيئن حديث شريف آهي تہ ”عملن
جو دارومدار نيتن تي آهي.“
جيڪڏهن نيت
نيڪ نہ هوندي تہ
انسان
کان نيڪ عمل نہ ٿي سگهندا
۽ ويتر بدنيت شخص ساري سماج لاءِ هڪ وڏي آفت
يا ناسور جيان ثابت ٿيندو۔ رحمدلي ۽ همدرديءَ جو جذبو هجڻ اشد ضروري آهي۔
جيئن
تہ وطن جي حب ايمان جو جزو آهي تنهنڪري وطن
جي حب کان سواءِ ايمان مڪمل
نٿو ٿئي۔ جنهن ديس ۾ رهجي ٿو ان سان خير خواه ٿي رهڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ هر فرد جو جيئڻ مرڻ پنهنجي وطن سان ئي هجي
ٿو۔ تنهنڪري سدائين وطن جي ترقي ڀلائي ۽ بهبود واسطي ڀرپور ڪردار نباهڻ گهرجي۔
تعليم ۽ تربيت:
تعليم ۽ تربيت انسان کي انسان ڪامل بنائڻ ۾ اهم ۽ اولين ڪردار نباهي ٿي۔ انسان کي اٿڻ
ويهڻ کائڻ پيئڻ ۽ ٻين سان سٺي سلوڪ جو ڏانؤ سيکاري ٿي۔ پنهنجو روزانو
احتساب ڪرڻ گهرجي تہ مون کان ڪيتريون
غلطيون ڪيٿرا گناھ يا ڪيترا ثواب يا نيڪيءَ
جا
ڪم ٿيا۔ اهڙيءَ ريت انسان پنهنجي
اوڻائين يا کامين کان پاڪ ٿي هڪ با اصول ۽
آدرشي زندگي بسر ڪري سگهندو ۽ خلق-خدا لاءِ
دل
آزاريء، مصيبت يا تڪليف جو سبب نُ بنجندو۔ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ تي تمام گهري نظر رکڻي پوندي ۽ سڀ کان اڳ
اصلاح جي شروعات پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کان ئي ڪرڻي پوندي۔
زندگيءَ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي خاص مقصد رکڻا ۽
اصول اپنائڻا پوندا آهن۔ انهن جي حاصلات لاءِ
هر
طرح جون اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون آهن، جيستائين انهن کي حاصل ڪري نٿو وٺجي تيستائين
سڪون سان ناهي ويهڻو پوندو۔ روزاني جي بنياد تي روز ڪجھ بهتر قدم پنهنجي ماڳ کي حاصل
ڪرڻ لاءِ ضرور کڻڻا پوندا آهن۔
هر
ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ وقت جي وڏي
اهميت هجي ٿي۔ هر ڪم وقت سر ۽ دل جي پوري سچائيءَ
سان
سرانجام ڏيڻ گهرجي جيئن بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن۔ ٻي صورت ۾ ٿوري دير ڪرڻ سان ساري
محنت تي ئي پاڻي ڦري ويندو آهي ۽ پوءِ
پڇتاؤ
کان سواءِ ڪجھ بہ
هڙ
حاصل ناهي ٿي سگهندو۔ هر نيڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ تمام اهم ضروري آهي۔ بغير
رٿابنديءِ جي ڪوبہ
ڪم
يا منصوبو گهٽ ڪامياب يا صفا ئي ناڪام ٿي ويندو آهي۔
هر هڪ شخص کي
پنهن جي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن هر ڪو بي فڪر ٿي سستيءَ کان ڪم وٺندو تہ منٽن جي ڪم ۾ ڪلاڪ، ڪلاڪن جي ڪم ۾ مهينا،
اهڙيءَ ريت مهينن جي ڪم کي سال لڳي ويندا آهن ۽
ڪافي ڪم تہ رولڙي جو شڪار ٿي بلڪل ٺپ ٿي ويندا آهن۔
تنهنڪري اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نہ ڇڏڻ گهرجي۔
ڪاوڙ ڪروڌ سبب
ڪافي ڪم بلڪل بگڙي ويندا آهن تنهنڪري پنهنجي جذبات کي مڪمل ضابطي ۾ رکڻ گهرجي هر هڪ
سان مرڪي سٺو سلوڪ ۽ همدرديءَ وارو رويو اپنائجي۔
جيئن چوڻي آهي تہ جوش ۾ هوش ناهي
رهندو تنهنڪري جلد بازيءَ ۾ فيصلا نُ ڪرڻ گهرجن هوش کان ڪم وٺندي صحيح وقت تي
صحيح فيصلا ڪرڻ گهرجن۔ هر فرد کي فيصلي ڪرڻ جي قوت هجڻ گهرجي۔
حاصل مقصد تہ پنهنجي حياتيءَ جا ڪجھ ضابطا ۽ اصول ٺاهڻ، ڪامياب ۽ مثالي
زندگي گذارڻ لاءِ بيحد ضروري
آهن۔ ٻي صورت ۾ ناڪام زندگي اسان کان سک چين کسي وٺندي ۽ ناڪامي وري خواريءِ بي سڪوني ۽ بي مزگيء جو سبب بنجندي۔
عمدو دستورالعمل
يا ضابطہ حيات اسان جي ڪامياب ۽ مثالي زندگيءَ جو ضامن آهي، بهترين ۽ مثالي زندگي دين اسلام
جي ڪامل پيروي ڪندي متقي ۽ پرهيزگار ٿي رهڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي۔ روحاني علمن جو
مطالعو ۽ انهن تي عمل ئي اعليٰ شخصيت جي نکار
لاءِ انتهائي ضروري هجي ٿو۔ جيڪي قومون تباھ
۽ برباد ٿي ويون انهن جي تباهيءَ جو ڪارڻ سماجي
برايون ئي هيون جيڪي هن وقت پنهنجي اوج تي نظر اچن ٿيون۔ اخلاقي قدرن ۽ انساني وصفن
کي اپنائي اسان پنهنجو شمار ڪامياب ۽ بلند ڪردار قوم جي حيثيت سان مڃرائي سگهون ٿا۔
هڪ بهترين مثال قائم ڪري سگهون ٿا۔ اهڙي مثالي قوم سان ٻيون قومون يا ملڪ سٺا تعلقات
قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو فخر ۽ ڪاميابي محسوس ڪندا ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻي ترقي ۽ خوشحالي
ٿي ويندي۔