اڄوڪي دور
۾ جتي دنيا ترقيءَ جي اعليٰ منزلن ڏانهن وڌي رهي آهي، اتي ڪنهن بہ ”انصاف پسند ۽ ذميوار رياست“ جو
تصور هر قوم ۽ ملڪ لاءِ بنيادي حيثيت رکندڙ آهي. سماجي
ضرورتن کي ڏسجي يا مھذب معاشري يا توڙي جو مذھب جي ھدايتن کي ھر ھنڌ اھا ئي ڄاڻ ۽ اصول واضح آهن تہ ڪا بہ
رياست
تڏهن ئي مستحڪم، پُرامن ۽ ترقي يافتہ
ٿي
سگهي ٿي، جڏهن اها ملڪ ۾ رھندڙ  ھر فرد جي لاءِ ملڪي وسيلن ۽ ذميوارين بابت سنجيدگي سان
سوچي ۽ عملي طور قدم کڻندي هجي. حقيقي ذميوار
رياست جو مطلب ئي اھو آهي، تہ اهڙو نظام، جنهن
۾ حڪومت، رياستي ادارا ۽ عوام سڀ پنهنجو پنهنجو مقرر اصولي
ڪردار، جبر بجاءِ
ايمانداريءَ
۽ مقرر دائري اندر رھندي ادا ڪن.
رياست جي قائم رھڻ ۽ اصولن پٽاندڙ ھلڻ جي سڀ کان پهرين ذميواري
ئي حڪومت جي ٿئي
ٿي. جتي حڪومت کي گهرجي تہ هو عوام جي بنيادي ضرورتن، جهڙوڪ:
تعليم،
صحت، امن، روزگار ۽ انصاف جي فراهمي کي
يقيني بڻائي. اتي اسانجي ملڪ ۾ ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندو رھيو آهي.
ملڪ کي صحيح
رستي ھلائڻ لاءِ
ھميشہ
هڪ اهڙي حڪومت گھربل ھوندي آهي، جيڪا پنهنجي
ماڻهن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري، هر ھڪ شهريءَ
کي برابر حق ڏئي، ۽ جيڪا حڪمراني کي طاقت نہ
پر
خدمت سمجهي، سا ئي حقيقي معنيٰ ۾ ذميوار رياست بڻجي يا سڏجي
سگهجي ٿي.
تعليم جو نظام
۽ تعليمي ادارن جو ڪردار ڪنهن بہ ذميوار رياست
جو سڀ کان اهم ستون ھوندو آهي، پر اسان وٽ تعليمي
ادارن ۾ اھڙي سڄاڳي بجاءِ پابندين کي ترجيح ڏني وئي آهي. جيڪڏهن هر ٻار کي معياري تعليم ميسر ھجي
۽ آزادي سان سکڻ جو ماحول ميسر ھجي، تہ قوم ۾ شعور پيدا ٿيندو، معاشرو
مهذب بڻجندو ۽ ڪرپشن، جهالت ۽ غربت جهڙا مرض پاڻمرادو ختم ٿي سگھندا. ماڻهو
پنهنجي حقن کان واقف ھوندا ۽ حق گھرڻ جي سگھ رکندا پر
شايد
اسان وٽ رياست ھميشہ اھو سڀ ئي تہ ناهي چاھيو، ۽ نوجوانن کي اھڙي فڪري ماحول کان پري رکڻ لاءِ ھر طرح جو جبر ۽ زور آزمائي ڪئي
ويندي آهي.
انصاف جي حوالي
سان بہ ذميوار رياست جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري
سگهجي. جڏهن قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو، جڏهن
امير ۽ غريب، سياسي توڙي نظرياتي ماڻهوءَ کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ويندو، تڏهن ئي معاشرو
انصاف تي ٻڌل هوندو، پر جيڪڏهن انصاف
صرف طاقتور يا مخصوص  ٽولي لاءِ هجي ۽ غريب
لاءِ صرف واعدا هجن، تہ پوءِ رياست
جي ذميواري تي سوال تہ اٿندا.
رياست جو مطلب
صرف حڪومت يا سندن جا ماڻهو ئي نہ، پر سموري عوام
آهي، جيڪا پڻ پنهنجي زميوارين کان آجي ناهي. پر گڏ رياست ۾ اگر جبر ۽ زيادتيون ھونديون تہ نتيجي طور، اصولي
رياست جا خواب ڪڏهن سانڀيان نہ ٿي سگهندا، اها
هڪ اهڙي حقيقت آهي، رياست جيڪا ايمانداري، ھر
فرد سان انصاف، ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل آهي.
”ذميوار رياست ئي مضبوط قومن جو بنياد آهي.“ ڇاڪاڻ تہ
ذميوار
رياست جو تصور دنيا جي هر مهذب ۽ ترقي يافتہ
سماج
جو بنياد آهي. اها رياست جيڪا پنهنجي عوام کي جوابدہ ھجي، ايماندار ۽ فلاح پرست هجي، سا
ئي حقيقي معنيٰ ۾ ذميوار رياست سڏائي ٿي. جيئن تہ
ملڪ
پاڪستان، اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، جنھن بنيادي
مقصد پڻ هڪ اهڙي فلاحِي ۽ ذميوار رياست جو قيام هو، جتي
هر شهريءَ کي برابري، انصاف ۽ عزت حاصل هجي پر
اڄ تائين ملڪي تاريخ ۾ پيش ايندڙ انيڪ واقع ان جي ابتڙ
عڪاسي ڪندڙ آهن.
رياست کي گھرجي
تہ جبر ۽ پاڻمرادو سختين ۽ نا انصافين بجاءِ انصاف، برابري، تعليم، شعور، عوامي فلاح ۽ سماجي تحفظ سان گڏ شفافيت
۽ جوابدہ ھجڻ جا اصول اپنائي. آزاديِ اظهار ۽ قانون جي
حڪمراني کي ھٿي وٺرائي. بدقسمتيءَ سان، ملڪ پاڪستان
اڃا تائين انهن اصولن تي مڪمل طور عمل نٿو ڪري سگهي. اڄ
بہ اسان جي رياست کي ذميواريءَ، انصاف ۽ شفافيت
جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آهي.
جنهن ۾ وڏو
ڪردار عدالتي ۽ انتظامي ناانصافي پڻ آهي. ڇاڪاڻ
تہ هتي قانون اميرن لاءِ نرم ۽ غريبن لاءِ انتھا جي سختي رکندڙ آهي. تعليم جو سخت بحران آهي ملڪي تعليمي ادارا وسيلن کان محروم آهن، اهڙي
صورتحال ۾ باشعور سماج جي تعمير مشڪل ٿي وڃي ٿي.
معاشي بحران
۽ بيروزگاري: مهانگائي، بيروزگاري ۽
غربت ماڻهن جي زندگيءَ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ ذميوار رياست عوام کي روزگار ۽ سهولتون
فراهم ڪري ٿي، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ اڪثر پاليسيون صرف امير طبقي لاءِ ڪارگر
ٿين ٿيون.
ڪرپشن ۽ سياسي
بي اعتمادي جي ڳالهہ ھجي يا سماجي
افراتفري ۽ اخلاقي زوال، ھر پاسي معاملات
بگاڙ ۾ آهن,
حڪومت کي ايمانداريءَ
سان ادارن ۾ سڌارا آڻڻا پوندا. تعليم ۽ انصاف کي ترجيح
ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن رياست ۽ عوام ٻئي
ملي پنهنجي پنهنجي ذميواري نڀائين، تہ
پاڪستان
بہ هڪ ڏينهن اهڙي فلاحِي ۽ ذميوار رياست بڻجي
سگهندو.
ڇاڪاڻ ته اڄوڪي
معاشرتي حالتن ۾ ذميوار رياست ھڪ خواب ئي
نہ پر اھم ضرورت آهي. اها
ئي رياست پنهنجي ماڻهن جي عزت، امن ۽ خوشحاليءَ جي ضامن بڻجي سگھي ٿي. جيڪڏهن اسان
چاهيون ٿا تہ پاڪستان دنيا
جي صف ۾ هڪ مضبوط، ايماندار ۽ ترقي يافتہ ملڪ بڻجي، تہ پوءِ خود رياست کي ذميواري جي اصولن تي ايمانداريءَ
سان عمل ڪرڻو پوندو.
”ذميوار رياست ئي آزاد قوم جي سڃاڻپ آهي.“

