فلسطين جي مزاحمت ۽ جرئت کي سلام ـ اعجاز ممنائي

تاريخ انساني گواه آهي تہ جرئت ۽ بهادريءَ جو قافلو ڪٿي بہ نہ ٿو رڪجي. طوفان ڪيترو بہ سخت هجي، لهرون ڪيتريون بہ بلند هجن، رستا ڪيترا بہ خطرناڪ هجن، اهي قافلا جن جي بنياد جرئت ۽ بهادريءَ تي ٻڌل هجن، اهي هڪ نہ هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي منزل تي پهچندا آهن. انهن جي منزل صرف ساحل نہ آهي، پر انهن جا خواب، اميد ۽ آزادي جي تعبير هوندا آهن. جڏهن اهي حق ۽ سچ جا قافلا نڪرن ٿا، تہ انهن وٽ نہ دولت آهي ۽ نہ ئي دنياوي طاقت هجي ٿي، پر انهن وٽ سڀ کان قيمتي سرمايو ايمان، صبر ۽ يقين هوندو آهي. اهي قافلا جن جي دلين ۾ ايمان جي شمع روشن ٿيندي آهي، انهن جي اکين ۾ پنهنجي منزل جي جھلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، انهن جا پير پٿون بہ ٿين ٿا پر پوءِ بہ هڪ وک پوئتي نہ ٿا هٽائين پر اڳتي وڌ، اڳتي وڌ واري سوچ سان سينگارجن ٿا۔ سندن هٿ دعا جي ڇانوَ ۾ کڄن ٿا، انهن کي اڳيان نہ اونده ٿي ڏسجي ۽ نہ ئي ڪا رڪاوٽ انهن کي روڪي ٿي سگهي. هي قافلو صبر جي نالي تي قرباني بہ ڏئي ٿو، رستن کي رت سان رنگين بہ ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٽي کي ڳوڙهن سان سيراب ڪري ٿو.

 تاريخ جا صفحا شاهد آهن تہ جرئت ۽ جستجو جا قافلا هميشہ پنهنجي منزل تي پهتا آهن. چاهي اهو سن 61 هجريء ۾ ڪربلا جو قافلو هجي يا موجودہ دور ۾ فلسطين جي مظلوم شهيدن جو ڪرب ۾ ورتل قافلو هجي۔ اهي غزائيت سان ڀرپور ٻيڙيون غزه جي محصور ٻارن لاءِ ماني، دوا ۽ اميد جي ڪرن بڻجي روانيون ٿيون هجن، اهو ڄاڻندي تہ رستي ۾ طوفان ۽ دشمن جون بندوقون سندن اڳيان رڪاوٽون بڻيل آهن. پر انهن جي ٻيڙي اميد کي لنگر انداز ڪري اڳتي وڌي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو صرف سامان نہ کڻي وڃي رهيو آهي، پر قوم جو فخر، انسانيت جو درد ۽ همت جو عروج بہ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا آهن. غزه جون مائرون هن قافلي لاءِ پنهنجي دعائن جا در کولي ڇڏين ٿيون، ٻار پنهنجي معصوم اکين سان ان رستي کي ڏسي رهيا آهن ۽ شهيدن جا روح انهن جا محافظ بڻجي وڃن ٿا. هي قافلو انسانيت ڏي پيغام موڪلي ٿو تہ محصور دلين کي قيد نٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي سمنڊ جا رستا بند ڪري سگهجن ٿا، جڏهن سفر جرئت جي نالي تي هجي. جرئت اها طاقت آهي جيڪا انسان کي ٽٽڻ نٿي ڏئي. جڏهن جسم ڪمزور ٿي وڃي ٿو، زخم ڳرا ٿي وڃن ٿا ۽ دنيا مايوس ٿي وڃي ٿي، تڏهن هي جرئت ۽ همت دل کي سهارو ڏئي اڳتي وڌي ٿي ۽ حقيقي منزل ڏانهن قدم وڌائي ٿي. هي اها جرئت ۽ همت آهي جيڪا انهن قافلن کي ڪناري تي وٺي ويندي آهي. ياد رکو جيڪي ڪناري تي پهچندا آهن اهي هارايل بہ نہ هوندا آهن، اهي پاڻ سان گڏ تاريخ جو فخر، انسانيت جو اعزاز ۽ قربانين جي روشني کڻي پهچندا آهن. اهي انهن لاءِ هڪ مشعل بڻجي ويندا آهن جيڪي انهن جي نقش قدم تي هلندا آهن.

 ٻئي طرف، هڪ تلخ حقيقت اها بہ آهي تہ اهي مجاهد، جيڪي الله جي وحدانيت جو اعلان ڪن ٿا ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪن ٿا، انهن کي دنيا جي ظالم حڪمرانن دهشتگرد بڻائي ڇڏيو آهي. تازو اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جهڙا اڳواڻ، جن کي عالمي دهشتگرد اسرائيلي فوجين پاران گرفتار ڪيو ويو هو، اهو اصل ۾ سچائيءَ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي۔ جيڪا سينيٽر مشتاق احمد خان جي جرئت سبب ناڪام ٿي ۽ اسرائيل کي رسوائي نصيب ٿي. اهو هڪ معزز ۽ جرئت ڀرئي انسان جو چمڪندڙ مثال آهي، پر بدقسمتي سان، اسان جا حڪمران غفلت جي ننڊ ۾ ستل نظر اچي رهيا آهن ڇوتہ پوري نيا ۾ دهشت جي علامت بڻيل آمريڪا انهن کي پئسا ڏئي حقيقت کان پري رکي ٿو. پاڪستان جي عافيہ سالن کان آمريڪا جي قيد ۾ آهي پر حڪمران ٻہ اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن آخر ان جو قصور ڪهڙو آهي؟. اسان جڏهن افغانستان ايران انڊيا ۽ ٻين ملڪن جي مسئلن تي آمريڪا سان ڳالهايون ٿا تہ پوءِ پنهنجي ماڻهن لاءِ آواز ڇونہ ٿا اٿاريون۔ ڇا اسانجي ماڻهن لاءِ غير ملڪي ماڻهو صدا بلند ڪندا؟ بلڪل بہ نہ ۔۔۔۔۔ اسان کي ظلم ۽ جهالت جي اونداهيءَ مان نڪرڻ لاء پاڻ کي اجالو ڪرڻو پوندو، ڇوتہ اونداهي جا بت اڃا تائين بيٺا آهن ۽ حڪمرانن دولت جي نشي کي زندگيءَ جو مقصد بڻايو ويٺا آهن. ان جي باوجود، دنيا ۾ ڪجهہ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پاڻ ايمان جي طاقت تي جي رهيا آهن ۽  انسانيت جي ڀلائي لاءِ قافلن جي صورت اختيار ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن. وقت جي حڪمرانن کين ازيت جي عالم ۾  قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهن همت نہ هاري۔ اهو ئي سبب آهي جو اهي پنهنجن قيدين کي هڪ ڏينهن ۾ آزاد ڪرائيندا آهن. ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ ڇا هر واقعي تي صرف مذمت ڪرڻ سان ملڪ بدلجي ويندو؟ بلڪل نہ! اسان کي ان لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان کي غفلت جي خوابن جي دنيا مان ٻاهر  نڪرڻو پوندو ۽ جرئت سان اٿڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انسان جاڳندو هوندو تڏهن پنهنجي حق جي قافلن کي ڪناري تي وٺي سگهندو. باقي جيڪڏهن حڪمرانن جي حال تي هلياسين تہ ذلت جو طوق  اسانجي گلي ۾ هوندو ۽ در در جون ٺوڪرون کائيندا رهنداسين۔ الله ظالمن جي طاقت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو ۽ مظلومن کي پنهنجي واعدي مطابق، زمين جي وارثن جي عزت عطا ڪندو پر شرط اهو آهي تہ جرئت ڪري صبر جو دامن مضبوطيءَ سان پڪڙيو، فلسطين جي مزاحمت ۽ همت جيڪا هاڻي دنيا ۾ ثابت قدمي ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي چڪي آهي. اها فخر ڪندڙ فلسطينين جي بهادري آهي، جيڪي پنهنجن حقن تي سوديبازي نہ ڪندي، مسلسل پنهنجن حقن لاءِ وڙهندا رهيا آهن. اڄ بہ فلسطيني جرئت ۽ همت جي محاذ تي بي خوف ٿي وڙهي رهيا آهن، ۽ اڄ بہ ڪوڙن سامراجن جي ڪوڙن جنگبنديء وارن اعلانن تي فلسطين ۾ روزانو انساني حقن جي ڀڃڪڙي، ڪمزور، ٻارن ۽ عورتن کي بي رحميء سان قتل ڪيو پيو وڃي پر انساني حقن جون ڪميشنون، انهن معصوم فلسطينن کي مجبور ڪيو ويو آهي تہ اهي اسرائيل جي اڳيان جهڪن، جيڪو آمريڪا جهڙي ظالم رياست جو ناجائز اولاد آهي جنهن اسرائيل جو وجود پوري دنيا لاءِ ناسور بڻيل آهي ان کي صفحہ هستيءَ تان مٽائڻ اسانجي زميواريءَ ۾ شامل آهي۔ امام خميني رحہ اڳ ئي فارمولو ٻڌائي ويا آهن تہ سڀ مسلمان گڏجي هڪ هڪ پاڻيءَ جي بالٽي اسرائيل مٿان هاريندا تہ اسرائيل ان ۾ ٻڏي مري ختم ٿي ويندو۔ بهادر فلسطيني قوم دنيا لاءِ هڪ مثال آهي جنهن پنهنجي جان جي قيمت تي بہ پنهنجي سرزمين کي ڪڏهن بہ نہ ڇڏيو. فلسطيني ڄاڻن ٿا تہ سندن دشمن تمام گهڻو طاقتور آهي ۽ 1.8 ارب مسلمانن سميت ڪو بہ سندن مدد لاءِ اڳيان نہ ايندو. تنهن هوندي بہ اهي وڙهندا رهيا آهن ۽ نسل ڪشي کي منهن ڏيڻ سميت مزاحمت ڪندا رهندا آهن. 40 هزار زندگيون وڃائڻ کان پوءِ بہ هنن پنهنجي اميد نہ ڇڏي آهي ۽ نہ ئي هارايو آهي. هو پنهنجي دشمن سان سخت وڙهندا رهيا آهن ۽ هر قسم جي جبر کي وڏي همت سان منهن ڏئي رهيا آهن. انهن کي پڪ آهي تہ وطن ڇڏڻ سان کين پنهنجو پيارو وطن واپس نہ ملندو. فلسطين جهڙيون بهادر قومون مشڪل وقت کي منهن ڏئي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ ڀڄڻ ۽ پنهنجو وطن ڇڏي نہ وينديون آهن. تنهن ڪري پنهنجي وطن سان پيار ڪريو ان لاءِ جيئو ۽ پنهنجي وطن کي پنهنجي جان جي قيمت تي بہ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ جاءِ ٺاهيو.


Previous Post Next Post