وڃايل وجود جي تلاش ـ ڪهاڻي ـ امداد ”عاجز“ نصيراڻي

هن جي دل ۽ دماغ ۾ زندگي کان نفرت ۽ مايوسي توڙي نا اميدي ڄڻ گهر ڪري وئي هجي، مايوسي ۽ نا اميدي جي دلدل مان نڪرڻ سندس لاءِ محال ٿي چڪو هو. سگريٽ جا ڪش هڻندي هڻندي کيس ننڊ جو جهئنڪو اچي ٿو ۽ خوابن جي دنيا ۾ ڪڏھن پاڻ کي ھو ريگستان جي ڪنھن تتل واري ۾ ھڪ اڃايل ۽ بکايل پکيءَ جيئان ڀٽڪندي ۽ تڙپندي ڏسي ٿو تہ ڪڏھن ھو ڪنھن بيابان ۽ برپٽ ۾ ڪنھن جي تلاش ڪندي ڪندي پاڻ کي ٿڪايل محسوس ڪري ٿو ۽ ھيڻو ٿي پنھنجو پاڻ کان سوال ڪري ٿو تہ ”مان ڪٿي آھيان؟ ۽ مان ھتي ڇا ڪري رھيو آھيان؟“ تڏھن پنھنجو عڪس محسوس ڪندي پنھنجو پاڻ کي جواب ڏيندي چوي ٿو تہ ”تون ھتي پنھنجو وڃايل وجود ڳولھي رھيو آھين! تون ھڪ ناڪام شخص ھوندي ھڪ ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آھين، تون پنھنجي زندگي سان جنگ ڪري رھيو آھين، تون تہ ھڪ وڃايل اھو شخص آھين جنھن پنھنجي حسين زندگي کي ھڪ مشڪل ۽ ڪٺن رستو سمجھي کانئس ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھين!!!“

نہ نہ! مان ڪو ڊنل، بزدل ۽ پنھنجي وجود کان بيزار شخص تہ ناھيان...! پنھنجو پاڻ کي جواب ڏيندي ڄڻ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو ھجي.

وري اوچتو ڪوئي خيال ايندي پنھنجو پاڻ کان سوال پڇي ٿو تہ ڇا تون ڪڏھن زندگي کي سمجھڻ جي ڪوشش بہ ڪئي آھي؟ تہ وري جواب مليس ٿو تہ ”زندگي تي سوچجي بہ ڇو؟ زندگي تہ ريگستان جي تتل واري جيئان نہ گذرڻ وارو ڪٺن سفر آھي، زندگي تہ هڪ اھو لمحو آھي جنھن کي گذارڻ لاءِ ھر ھر مرڻو پوندو آھي“

ان جو مقصد تہ تون جيئڻ ۽ زندگي گذارڻ چاھين ٿو؟ ھڪدم پاڻ کان سوال پڇي ٿو...! زندگي جِي بہ آخر مرڻو ئي آھي تہ پوءِ جِي ڇا ڪجي؟ ڇا رکيو آھي ھن بيحس دنيا ۽ ظالم سماج ۾؟ جتي ھڪ پل جيئڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا مرڻو پوي ٿو! پنھنجي سوال جو جواب مليس ٿو.

مطلب تہ تون پنھنجي زندگي کان مڪمل طور تي ھارائجي چڪو آھين؟ وري پاڻ کي جنجھوڙي سوال ڪري ٿو، ھن دفعي جواب مليس ٿو تہ نہ مان ھارايو تہ ڪونھي، مان تہ زندگي کي اپنايو ئي ڪونھي تہ ھارائيندس ڪيئن؟؟؟ وري ڪجھ سوچيندي چپن ۾ ڀڻڪي ٿو تہ مون زندگي کي اپنايو ڪيئن ڪونھي؟ مان ھي جيڪو ساھ کڻي رھيو آھيان، زندگي ان جو ئي تہ نالو آھي، پوءِ مان ڇو ان کان ڀڄي رھيو آھيان ۽ آخر ڪيستائين زندگي کان ائين ڀڄندي ڀڄندي ڀٽڪندو رھندس؟ زندگي تہ خدا جي طرفان مليل ھڪ خوبصورت تحفو ۽ نعمت آھي ۽ مان رب جي مليل نعمت کان ڀڄي رھيو آھيان، يعني مان تہ بدنصيب آھيان جو خدا جي خليل ھن خوبصورت دنيا ۽ ٻين نعمتن کان قاصر آھيان.

ڇڪي ساھ کڻي ٿو ۽ پنھنجي حالت ڏسي پنھنجو پاڻ تي افسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجو پاڻ سان عھد ڪري ٿو تہ زندگي ھڪ روشن سفر آھي ۽ ان سفر کي ڪو مقصد ڏئي اڳتي طئي ڪرڻو آھي ۽ خوش ٿئي ٿو تہ ھن پنھنجي وڃايل وجود کي تلاش ڪري ورتو آھي، پنھنجي ذھن مان ھار ۽ مايوسي جا خيال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، پنھنجو پاڻ سان خوش زندگي گذارڻ جو عھد ڪندي ڄڻ پنھنجي اندر ۾ موجود ھڪ ڊنل ۽ ناڪام شخص کي شڪست ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رھيو ھجي جو اوچتو سندس اک کلي وڃي ٿي ۽ ھو پنھنجو پاڻ کي ننڊ مان جاڳندي پنھنجو پاڻ کي ان ئي ٽيبل تي ڪنڌ رکي جهڪيل ڏسي ٿو ۽ ڀرسان پيل ڪيترائي وساميل سگريٽ... ۽ اھو سڀ ڪجھ  کيس خواب لڳي رھيو آھي پر ان خواب ڄڻ کيس نئون جياپو ڏنو ھجي، ھن تہ زندگي بي معنيٰ سمجھي ھئي، ھاڻي ڄڻ کيس احساس ٿي رھيو ھجي تہ ھو زندگي کان نفرت ڪندي ڪنھن ناڪامي طرف گامزن ھو، زندگي تہ نالو ئي ھمت ۽ جدوجھد جو آھي، جيڪا ھن مان بلڪل ڇڏائجي چڪي ھئي پر نہ نہ ھاڻي اھا ناڪام ڪوشش باقي ڪو نہ رھي هئي ڇاڪاڻ تہ هاڻي هو زندگي کي وڏي ھمت، جدوجھد ۽ حوصلي سان جيئڻ چاهي ٿو.


Previous Post Next Post