ايراني اعليٰ عملدارن جون شھادتون: سسٽم جي ڪمزوري يا سورمن جي سچائي؟ ـ نائب علي ڪميلي

ھميشہ اھي قومون امر بڻبيون آھن جن جا اڳواڻ سولين تي سوار ٿي بہ پاڻ ناھن جھڪندا پر دشمن کي جھڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھن ۽ اھي ويندي ويندي پنھنجي قوم کي اھڙو شعور ڏئي ويندا آھن جو اھا قوم دشمن جي ھر چئلينج سان مھاڏو اٽڪائڻ جي طاقت پيدا ڪري وٺندي آھي. جمھوري اسلامي ايران مٿان مڙھيل ھاڻوڪي ايران امريڪا جنگ ھجي يا ڪجھ مھينا پھرين ايران اسرائيل ومجنگ ھجي، انھن ۾ پھرئين ڏينھن کان اھو ئي ڏسڻ ۾ پئي آيو تہ وڏي پائي جا ڪيترائي حڪومتي عملدار ۽ دفاعي سسٽم جا سپہ سالار ھڪٻئي جي پٺيان شھادت جي سيج تي سمھندي نظر پئي آيا ۽ خاص طور تي ھاڻوڪي جنگ ۾ پھرئين ڏينھن ئي نہ فقط وڏي پائي جا فوجي سپہ سالار پر جھان اسلام جي قيادت ڪندڙ عظيم شخصيت حضرت آيت الله العظميٰ سيد علي خامنہ اي (قدس سرہ) بہ جام شھادت نوش ڪري پنھنجي حقيقي مالڪ سان ملاقاتي ٿيا. انھن شھادتن جي ڪري عام ماڻھن بلڪہ ڪٿي ڪٿي تہ چڱي ڀلي، سُلجھيل ۽ لکئي پڙھئي ۽ ديني ۽ مذھبي طبقي ۾ بہ ھڪ غلط فھمي ڦهلجڻ ۽ زبانزد ٿيڻ لڳي جيڪا اڃا تائين بہ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي تہ ايران پنھنجن حڪومتي عملدارن جي سيڪورٽي ۽ حفاظت جي حوالي سان بلڪل ڪمزور آھي. ھو پنھنجي اڳواڻن جي ڪا حفاظت نہ ٿو ڪري سگھي جنھن جي ڪري جنھن مھل دشمن کي موقعو ملي ٿو ۽ جنھن شخصيت کي ٽارگيٽ ڪرڻ چاھي ٿو تہ ان کي ٽارگيٽ ڪري ھليو ٿو وڃي.

تنھن ڪري ان ڳالھ ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي تہ اھا ڳالھ حقيقت بہ آھي يا فقط ھڪ غلط فھمي ۽ مسئلي کي صحيح نہ سمجھڻ جي بنياد تي آھي؟

ان غلط فھمي کي دور ڪرڻ لاءِ اھو چوڻ ضروري آھي تہ ھميشہ اھي اڳواڻ ئي پنھنجي قوم کي منزل تائين پھچائڻ جي سگھ رکندا آھن جيڪي پنھنجي قوم سان ھر ڏک سک ۾ ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلندا آھن. ايراني ليڊر بہ ان خاصيت جي بنياد تي ھميشہ پنھنجي قوم سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلڻ جا ھميشہ کان عادي رھيا آھن، پوءِ چاھي انھن جي قومي خوشي جا ڏھاڙا ھجن، چاھي ملڪ جي سالميت ۽ حمايت جي حق ۾ ٿيندڙ مظاھرا ھجن، چاھي شھيدن جي تشييع جنازا جا منظر ھجن وغيرہ. اھي اڳواڻ ھر ميدان ۾ عوام سان گڏ علي الاعلان ميدان تي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ٻي ڳالھ تہ ڪيترائي وڏا وڏا حڪومتي عملدار عام ماڻھن سان گڏ عام فليٽن ۽ عام علائقن ۾ زندگي ڪندي بہ ڏٺا ويا آھن. جڏھن انھن مخلص اڳواڻن جي زندگي ان انداز ۾ ھوندي تہ واضح آھي تہ کين ٽارگيٽ ڪرڻ دشمن لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناھي.

ھاڻي رھي اھا ڳالھ تہ پوءِ اھي قومي ليڊر پنھنجي حفاظت جو بندوبست ڪري محفوظ علائقن ۾ ڇو نہ ٿا رھن؟ جنھن جو جواب ھي آھي تہ جيڪڏھن اھي چاھين تہ تمام محفوظ علائقن ۾ رھي سگھن ٿا جتي دشمن جو پھچڻ تہ ڇا پر ان تائين دشمن جي ذھن جي رسائي بہ ٿي سگھي، پر اھا انھن ليڊرن جي قوم سان سچائي آھي جو اھو سوچي ميدان ۾ حاضر ٿين ٿا تہ ھن عام عوام ۽ اسان ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ خدا جي بارگاھ ۾ سڀئي ھڪ ئي صف ۾ بيٺل آھيون. اھي دنيا جي ٻين اڳواڻن وانگر پنھنجي قوم کي ڍال نہ ٿا بڻائڻ چاھين، جتي قوم پنھنجي خاندان سان ميدان تي بيٺل آھي تہ اتي اھي بہ ان قوم جو حصو بڻجي ميدان تي حاضر ٿي پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا آھن. ان حقيقت جو ھڪ دليل اھا تحرير آھي جيڪا شھيد علي لاريجاني سندس شھادت کان اڳ لکي ھئي ۽ جنھن جو اردو ترجمو حامد مير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ھو تہ جڏھن شھيد علي لاريجاني رھبر معظم تي حملي بابت بلڪل پڪيون رپورٽون ملڻ کان پوءِ ملاقات ڪندي کين پناھگاھ ۾ وڃڻ لاءِ تمام گھڻو اصرار ڪيو ۽ رھبر معظم ان جو انڪار ڪندي فرمايو تہ جڏھن قوم ميدان ۾ آھي ۽ ان مٿان بمباري ٿيندي رھي تہ ان جي ليڊر لاءِ پناھگاھ ۾ وڃڻ بلڪل نہ ٿو جڳائي.

سچ پچ اھڙي قسم جو اعتراض ڪرڻ کان پھرين سوچڻ گھرجي تہ ايران ايڏي وڏي وسيع و عريض ايراضي ۽ بلند پھاڙن ۽ انھن جي پيچيدہ پيچرن تي مشتمل آھي، جنھن جي اندر ايراني ميزائلن لاءِ ٺھيل سرنگن تائين دشمن پنھنجيون پوريون توانائيون استعمال ڪرڻ کان پوءِ بہ پھچي ناھي سگھيو تہ ڇا اتي اھي ليڊر پنھنجي حفاظت جو بندوبست نہ ٿا ڪري سگھن؟

ھا، بلڪل ڪري سگھن ٿا ۽ جڏھن ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ اھڙا حفاظتي اُپاء وٺن بہ ٿا، پر جڏھن ضرورت محسوس ڪن ٿا تہ ھاڻي پناھگاھ ۾ وڃڻ سان نہ بلڪہ پنھنجي خون سان قوم جي تقدير تبديل ڪري سگھجي ٿي تہ ان وقت پنھنجو خون ڏيڻ کان ذري برابر بہ نہ ٿا گھبرائين. ۽ ائين بہ ناھي تہ پنھنجو خون بي مقصد وھائي ۽ قوم کي اڪيلو ڪري ھليا وڃن ٿا. نہ، ھرگز ائين ناھي. بلڪہ پاڻ کان بعد بہ اھڙو مضبوط بندوبست ڪري ويندا آھن جو سندن وڃڻ سان سسٽم ۾ ذري برابر جي لچڪ نہ اچي ۽ ھيءَ اھا زميني حقيقت آھي جنھن جو اڄ دوست ۽ دشمن گواھ آھي.

اھو ئي سبب آھي جو چاليھ ڏينھن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود بہ دنيا جي نگاھ ۾ تمام طاقتور دشمن ھڪ قدم بہ ھن قوم کي پوئتي ھٽائي ناھي سگھيو، بلڪہ ان جي ابتڙ سپر پاور جي کوکلي نعرن تي پوري دنيا کي بليڪ ميل ڪرڻ واريون طاقتون جمھوري اسلامي ايران جي طاقت آڏو گوڏا ٽيڪيندي نظر اچي رھيون آھن.

اھا انھن ليڊرن جي سچائي آھي جنھن جي ڪري چاليھ ڏينھن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود بہ پوري قوم ڏينھن جو پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪشالا ڪٽڻ کان پوءِ بہ روزانو لکن جي تعداد ۾ رات جو ٻارن بچن سميت ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن ۽ چوڪن تي ويھي پنھنجي سورمن سان وفاداري جو اظھار ڪري رھي آھي تہ ٻاھرين دشمن سان توھان مھاڏو اٽڪايو ۽ اندروني دشمن کي اسان پاڻ راتيون جاڳي انھن جي اکين مان آرام ڦٽائي ڇڏينداسين. ان عوامي بيداري جو ٻيو مثال ھي آھي تہ پنھنجي وطن جي دفاع لاءِ نالو درج ڪرائڻ واري مھم کي اڃا ٻہ ھفتا مس ٿيا آھن تنھن جي باوجود بہ ھيستائين ٻہ ڪروڙ  ھڪ لک کان مٿي جانثار پنھنجا نالا لکرائي چڪا آھن.

قوم ۾ اھا بيداري ڪڏھن ايندي آھي؟ جڏھن سندن سورما قوم کان پھرين شھادت جي سيج تي سمھڻ لاءِ تيار ھوندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو انھن ھيرن ۽ خاص طور تي رھبر معظم جي شھادت جتي پنھنجن پوئلڳن کي ميدان تي آندو تہ اتي وري روزانو ڪيترا ئي اھڙا چھرا ان سَٿَ ۾ شامل ٿي رھيا آھن جن زندگي ڀر ڪنھن حڪومتي احتجاج يا مظاھري ۾ شرڪت ئي نہ ڪئي ھئي، ھاڻي اھي ماڻھو پنھنجي رھبر جي راھ ۾ سندن سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ آتا نظر اچن ٿا. تنھن ڪري ان عظيم شھيد ليڊر سندس شھادت کان ئي ڪجھ ڏينھن جيڪو فرمايو ھو تہ ”الله سائين ھن قوم کي مبعوث ڪندو“ اھو اکين سان ڏسي رھيا آھيون. جڏھن حيدر ڪرار جي حقيقي فرزند اھي جملا فرمايا ھيا ان وقت تہ ان جملي جو مطلب چڱن ڀلن جي ذھن ۾ نہ پيو اچي پر ھن اھو جملو وڏي اطمينان سان فرمايو ھو، ان جو مطلب تہ عالمِ انسانيت جي ھن عظيم انسان پنھنجي ملت لاءِ جيڪو ڪم ڪيو ھو ان بنياد تي کيس سو فيصد اطمينان ھو تہ جيڪڏھن آئون ھليو وڃان، بلڪہ مون جھڙا ڪيترائي خامنہ اي ھليا وڃن پر ھن قوم جو ھر ٻچو ٻچو خامنہ اي بڻجي تمام ٿوري عرصي ۾ دشمن کي گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. اھو سڀ ڪجھ ٿي رھيو آھي ۽ اڄ پوري دنيا بزدل دشمن جي شڪست ۽ ان جي رسوائي ۽ ذلت کي چڱي نموني محسوس ڪري رھي آھي. ھيءَ اھا حقيقت آھي جيڪا ھن سرزمين جي سورمن تاريخ جي سيني تي ھميشہ لاءِ لکي ڇڏي آھي. تنھن ڪري اھو چوڻ بلڪل بجا ٿيندو تہ ايراني اعليٰ عملدارن جون شھادتون؛ سسٽم جي ڪمزوري نہ بلڪہ سورمن جي اھا سچائي آھي، جنھن زماني جي فرعونن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن.


Previous Post Next Post