الوداع الوداع مير محمد سهتو الوداع ـ اعجاز ممنائي

الوداع مير محمد صاحب، توهان کي ياد رکيو ويندو. هاڻي ڪو بہ دوست توهان کان صبح جو سلام جو پيغام نہ وصول ڪندو. هاڻي ڪو بہ توهان جهڙي سنجيدگيءَ سان تفصيلي رپورٽ اسان کي نہ ٻڌائيندو. هاڻي ڪو بہ اسانکي اوهانجي مزاج وارو ماڻهو نہ ملندو... ۽ نہ ئي ڪو توهان وانگر منهنجي ڪالمن تي تنقيد ڪري سگهندو. هاڻي توهان پنهنجي ڳچيءَ ۾ گيڙو رومال ٻڌي پروگرامن ۾ حصو نہ وٺندا. توهان اصول پسند هئا ۽ اصولن تي قائم رهيو، توهان اصولن جي خاطر سختيون برداشت ڪيون ۽ رهزنن جي ديس ۾ رهي پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون گذاريون۔اي دوست... مان دعا ڪريان ٿو تہ توهان جي روح کي سڪون ملي.

15 نومبر 2025ع تي ڀريا پريس ڪلب تي ٿيليسميا جي مريضن لاءِ لڳل بلڊ ڪئمپ ۾ توهان جو حصو رهيو۔ ڪن مجبورين سبب توهان ڪئمپ ۾ نہ اچي سگهيو پر بار بار ڪال ڪري حال احوال پئي پڇيا ۽ ڪجهہ ڊونرز موڪلڻ جو يقين ڏياريو. 16 نومبر تي توهانجو روزانو وانگي صبح جو سلام بہ وصول ڪيم پر منجهند جو ڏک ڀريو پيغام پهتو تہ توهان سدائين لاءِ الوداع ڪري هليا ويو۔۔۔۔۔ اي موت! ايڏو جلدي دوستن کان دوست کسيو ٿو ڇڏين پر تپن بہ بيوس ۽ حڪم جو طابع آهين.

مير محمد سهتو ۽ منهنجو رشتو هڪ ليکڪ طور جڙيو جڏهن بہ ڪو واقعو ٿيندو هو تہ هڪٻئي سان تفصيل ضرور ڏيندا وٺندا هئاسين۔ مان جڏهن شخصيات تي ڪتاب لکڻ لاءِ رف ڪاغذ تي نالن جي چونڊ ڪئي تہ سڀ کان پهريان مير محمد جو نالو اڳيان آيو ۽ کيس پنهنجو تعارف لکڻ سان گڏ ڪجهہ ٻين شخصيتن جو پڻ ٻڌايائين جن کي ڪتاب ۾ شامل ڪيم۔ پاڻ پنهنجو تعارف هن ريت موڪليائين:

نالو مير محمد سهتو  والد جو نالو محمد طاهر ذات سهتو، جنم ڀريا جي  تاريخي ننڍي ڳوٺ  دالي جنم 16 مارچ 1970ع۔ شروعاتي تعليم پهرين کان  نائين درجي تائين دالي ۽ ميٽرڪ هائي اسڪول ڀريا، ميٽرڪ 1986 بعد لائيو اسٽاڪ جو 2 سالن جو ڊپلوما زرعي تربيتي ادارو  سڪرنڊ مان پاس ڪري لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 7 گريڊ ۾ انسپيڪٽر طور ڀرٿي ٿيس. ان گڏ انٽر ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز مان انٽر پاس ڪري بي اي  ۽ ايم اي جو امتحان شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 1995 مان پاس ڪيو، صحافت جو آغاز سال 1996 کان شروع  ڀريا مان ڪيو، پهرين سنڌ اخبار ۾ رپورٽر ٿيس بعد 1999 ۾ سنڌ جي وڏي اخبار روزاني ڪاوش ۾ رپورٽر ٿيس ۽ ان گڏو گڏ جڏهن سال 2012 جي دوران ڪي ٽي اين نيوز جي تعلقہ رپورٽر پنهنجا فرائض انجام ڏنا، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سفر منهنجي زندگي جي اڌورو رهجي ويو، ڪجهہ سببن جي ڪري روزاني ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز کي سال 2024 ۾ اداري مان پاڻ مستعفي ٿي ويس، ۽ هاڻي روزاني عوامي آواز ۾ تعلقي ڀريا جي رپورٽر طور ڪم سر انجام ڏيان پيو، صحافتي هن ڪٺن سفر ۾ گهڻا ڏک، پيڙائون درد تڪليفن کي منهن ڏيندي آخر پنهنجي منزل (خدمت خلق خدا) جو هٿ جهليو، جنهن ۾ هن سفر ۾ سماجي صحافتي خدمتن جي عيوض مون کي پهريون مڃتا سرٽيفڪيٽ ڀريا روڊ ۾ ان وقت جي ايس پي غلام سرور جمالي مون کي سرٽيفيڪٽ ڏنو، اهڙي ريت سماجي ڪمن ۾ اڳ ڀريو رهيس. ائين مرحوم عبد الحق ڀرٽ  صاحب جي آل غريب نواز سو شل ويفيئر تنظيم  جو ايگزيٽيو ميمبر طور 7 سالن تائين ڪم ڪيو، الله جي مهرباني سان صحافت ۾ هر ظلم ڏاڍ ۽ ظلم کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، ان دوران منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، منهنجي زندگي ۾ هائي پروفائيل ڪيس جي رپورٽنگ (ڀريا روڊ جي ماسترياڻي گلناز آرائين) جي بيگناه قتل عورت جي رپورٽ تي محترم علي قاضي صاحب شاباس ڏني. اهڙي ريت ڀريا روڊ مظلوم عورتن شهزادي ڪيريو، ٻيلا واه جي رضوانہ راڄپر  جي مرڊرس تي رپورٽنگ ڪئي. بنا لالچ جي مان مظلومن جي داد رسي ڪندو رهيس ائين  ڪافي اشوز کي بہ هائي لائيٽ ڪندو رهيس ۽ اڃا ڪيان پيو، ۽ ڪندو رهندس، مون کي سال 2020 جي دوران پنهنجي پٽ شاهد مير سهتو جي شادي واري ڏينهن تي سيرس هارٽ جو اٽيڪ پيو. جنهن ڪري مون کي سيوهڻ اين آئي سي وي ڊي اينجوپلاسٽي ٿي بعد ۾ منهنجي دل اوپن هارٽ سرجري ٽنڊو محمد خان ۾ ٿي. جتان مالڪ جي مهربانين ۽ مظلوم ماڻهن جي دعائن ٻيهر جيئڻ جو حوصلو ڏنو ائين هن وقت صحافتي ڪم کي ڪجهہ گهٽ ڪيو آهي. جنهن کي  روزاني عوامي آواز اخبار ۾ ڪم ڪيان پيو. جتي بہ اداري پاران منهنجي سينريارٽي ڏسي  ايڪسڪلوزو اسٽوريز رپورٽ ڪيان پيو، ان سان گڏ پنهنجي  پيشي وٽرنري سان بہ منسلڪ رهندو پيو اچان۔ ائين هاڻي منهنجي سينرياٽي ڪري  17 اسڪيل ۾ سپر وائيز مقرر ٿيو آهيان، هن ڪهاڻي جو مقصد تہ پنهنجي زندگي جي ڪٺن سفر مان پنهنجي وڏي پٽ سجاد مير کي  سال 2014 ۾ سڪرنڊ ڪاليج مان  لائيواسٽاڪ ۾ ڪورس پاس ڪرايو آهي. بهترين فيلڊ ورڪر آهي، ائين شاهد مير هاڻي ڪراچي شهر ۾ آواز ٽي وي ۾ پارليامينٽري رپورٽر طور ڪم ڪري پيو ۽ وفا مير برسات اخبار جو رپورٽر آهي، سولر جو مستري آهي، ۽ سراج مير سهتو  ڌرتي ٽي وي تعلقي ڀريا جو رپورٽر آهي، هي آهي ڪجهہ مختصر سفر اوهان جي آڏو پيش ڪيو اميد تہ منهنجي سفر مان گهڻا واقف ٿيا هوندا، پيارا اعجاز!! زندگي نالو صرف  جدوجهد  آهي آخر انسان جو پنهنجو سفر ختم ٿيو آهي، پر پهريان درمندن جي سار لهڻ گهرجي مان  وڏي وضاحت نہ ٿو ڪيان صرف مظلومن جو ساٿ ڏيو. ان جي مدد ڪيو، بس انسان سان پيار ڪيو پوءِ اهو ڪهڙي بہ فرقي يا مذهب جو هجي ان سان پيار ڪيو، زندگي جو مزو وٺڻو آهي تہ، ڪنهن مسڪين جي مدد ڪريو ان سان الله سائين راضي ٿئي ٿو۔


Previous Post Next Post