اڏيرو لال اسٽيشن
کان ڏکڻ اوڀاري ڪنڊ تي اسان جو ڳوٺ ملوڪ ڇٽو آهي،
آئون
هن ڳوٺ ۾ 3 جون 1985ع ۾حاجي بادشاه ڇٽو جي گهر ۾پيدا ٿيس، ملوڪ منهنجي ڏاڏي گل بيگ
جو ڀاءُ هو، سٽ جو سودو ڪندو هو جڏهن تہ
گل
بيگ کي ٻڪرين جو وڏو ڌڻ هو.
جڏهن پڙهڻ جيڏو
ٿيس تہ ابي جي دعا سلام مولوين سان هو، تنهن مون کي ۽ وڏي
ڀاءُ عثمان کي اڏيرو لال جي ٽيشڻ ۾سعيد احمد اڄڻ جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. سائين سعيد ڪنڊياري جو هو، ان وقت رستا ڪچا
هئا، هي نوي جو دور آهي اڪثر ڪري ٽانگا هلندا
هئا اسان واري ڳوٺ کان ٽيشڻ تائين پنج روپيا وٺندا هئا پر اسين مدرسي ايندا ويندا پنڌ
هئاسين ڇو تہ اسان کي خرچي
لاءِ ملندا ئي ٻہ روپيا هئا،
سي هتان ويندي ئي شامون واڻئي جي هٽ تان بسڪيٽ وٺي ڇڏيندا هئاسين، اسين ٻئي ڀائر ذهن
جا ضعيف هئاسين مون تہ سڄي سال ۾قائدي
جا. ٻہ پنا پڙهيا سي بہ ڪچا، مون وارو
ڀاءُ مونکان بہ چٽ، ڀلي پاڪ
جا پنج پارا ڏسي پڙهيائين، سبق گهڻو ڪري ڪچو، پٺيان هڪڙو حرف بہ ياد نہ
هئس
تہ ڪهڙو ٿئي، هڪ ڏينهن مدرسي جي هڪ ٻئي اسان
جي استاد خدا بخش سهتو بديڻائي کي خدا ساڃھ ڏني جو بابي کي چيائين تہ تو وارن ڇوڪرن بچي شلن کي هڪڙو اکر بہ نہ
ٿو
اچي هنن کي پهرين ڪنهن اسڪول ۾ ڇڏ، سائين جي هن ڳالھ تي، بابو ڏمريو پر اسين ڏاڍو سرها
ٿياسين ڇو تہ مون کي اسڪول
۾پڙهڻ جو ججهو شوق هو، پوءِ اسين ٻئي ڀائر علم جون ڀريون ٻڌي فارغ التعصيل ٿي گهر ڀيڙا
ٿياسين مون وارو ڀاءُ خيرن سان مال جي گاھ پٺي کي لڳي ويو، ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ مون بابي کي چيو تہ پٽي وٺي ڏي تہ اسڪول وڃان، بابي پهرين ڪاوڙ ڪندي چيو تہ نڀاڳا مدرسي ۾ڇيهہ ڪري ڇڏيوَ هاڻي وري اسڪول ۾ وڃي پنا ڪارا
ڪندين، شوق هجئي تہ وڃي پڙه نہ تہ
هلي
ٻاجهريءَ تان جهار ھڪل، بهرحال ابي کان اجازت وٺي
پٽيءَ کي ڏاڍو ميٽ هڻي ڳوٺ جي ڇوڪرن، غلام نبي، عطا الله، عبدالڪريم،
ستار ۽ ٻين سان گڏجي،
ڇھ سئو سال پراڻي ڳوٺ باهو خان جي اسڪول ۾داخل ٿيس، باهو خان مغلن جي ايامڪاري ۾ ٿي
گذريو آهي. هن اسڪول ۾ پهريون سبق سائين سانوڻ شيخ کان
ورتم، هي ٻيانوي جو دور آهي، سانوڻ شيخ اسان جي ڳوٺ ڀرسان حاجي صالح جي ڪوٽ وارن شيخن
مان هو، ڏاڍو هشيار هو پر گاريون ڏيڻ جو بہ
ڪاريگر
هو هن جو پٽ سائين اڪبر بہ منهنجو استاد
آهي ڳوٺ جا ڇوڪرا مون کان اڳ اسڪول ۾داخل ٿيا هئا ٽيو پڙهندا هئا، آئون بہ محنت ڪري هڻي وٺي الله جي مهرباني سان انهن
تي پڄي ويس، مون واري ڳوٺ وارا ڪجهہ ڇوڪرا ڏاڍا
گوسڙاٽ هئا مڪتب جو منهن ئي ڪونہ وڻندو هئن،
ڪڏھن مڪائيءَ ۾ تہ ڪڏهن ڪماند ۾لڪي ويهي رهندا هئا. موڪل مهل ٺڪ گهر، مائٽ خوش تہ ٻچا پڙهي آيا آهن. آئون نئون هئس پڙهڻ جو گهاٽو شوق هو سو هم
ڪلاسين کي عرض ڪيم تہ، ٻيلي ڏاها
ٿيو نٽايو نہ، هلو تہ اسڪول هلون ان تي گوسڙو ٽپي ويا ۽ چيئون
تہ اڃا توکي ماسترن جا جتا لڳا ئي
نہ آهن پٽ، بهرحال جاڙي جڳ. سان، هڪ ڀيرو مڪائيء
۾ لڪي ويٺا هئاسين تہ اوچتو هڪ همراه
اتي جهنگل جي خيال سان آيو ۽ اچي اسان جي
پاسي ۾ ويٺو اسان کان کل ڇڏائي وئي پوءِ همراه اسان کي
سڃاڻي ورتو ۽ اسان وارن مائٽن
کي وڃي ٻڌايائين تہ اوهان جو ڪهول
واھ جو پيو پڙهي هتان وڃي اڌ ۾ لڪي ويهندا آهن، پوءِ
لڪڻ وارو رستو بند ٿيو، اهي شاگرد جيڪي سبق ياد نہ
ڪندا
هئا سي هي دعائون پيا گهرندا هئا تہ خدا ڪري اسان
واري سائين جي ڪا ناڻي مري، خدا ڪو مينهن وسائي، سائينءَ کي ڪو تپ اچي، يا هن ڳوٺ مان
ڪو ڊهي تہ تڏو اسڪول ۾ڪن.
ٽيانوي ڌاري
اسين باهو خان واري اسڪول کي الوداع چئي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو جي اسڪول ۾ آياسين
جو تازو ٺهيل هو ۽ اسان واري ڳوٺ کي اوڏو بہ هو هن اسڪول ۾ محترم
الله بچائو ساهووال جهڙو مهربان استاد پڻ پلئہ پيو هن استاد شاگردن کي پيار سان پاڙهيو
هن وٽ پڙهڻ دوران ڏڏ بہ ڏاها ٿيا، اسڪول
جي موڪل کان پوءِ ماني کائي ڀاءُ لکا ڏني سان گڏ
ٻڪريون چاريندو هئس، شام جو کير ڏهي ڏيندو هو اهو گهر پهچائيندو
هئس، ڪڏھن اسڪول کان ٿي سڌو ڏاڏيءَ جي گهر ايندو هئس جيڪا نم
جي وڻ هيٺان تڏي تي ويهي سوَڙيون سبندي هئي.
منهنجي
اچڻ تي خوش ٿيندي هئي ڇو جو نظر ٿورو گهٽ پوندو هئس، ان ڪري آئون کيس دُسائيء ۾سڳو
وجهي ڏيندو هئس، سُرهي ناس هڻندي هئي، جيڪا اسٽيل جي هڪ ڊٻليء ۾
پيل هوندي هئي ان سونگيء جو ڍڪ بہ آئون کولي ڏيندو هئس،
ڀلي پاڪ جون سورتون ۽ قصا ڪهاڻيون مون کي ٻڌائيندي
هئي، بسم الله، ڏاڏيءَ جو تڪيو ڪلام هو، تر مان تيرهن پٽيون ڪندڙ ڏاڏي ڏاڍي سخياڻي
هئي ڏينهن واري چانهہ مان مونکي ضرور
ڍڪ ڏيندي هئي تہ پاسي ۾ رهندڙ
پٽ ۽ سندس زال پيا سڙندا هئا تہ چانھ سڀ ٻارن کي ڏيو ڇڏي.
ان وقت جي زندگي
ڏاڍي سڪون بخش هئي چيٽ جي پاڇاڙ واري اتر جي
هوا جي اوت پئي پوندي هئي چاچي موالي حيدر جي سلفيء جا سرڙاٽ پيا پوندا هئا، مون کي
بہ اچي خيال ورايو تہ سلفيء مان ڪو سوٽو ڀريان سو لڪ ۾ ڏاڏيءَ
جي گهر ۾رکيل پيتيء مان موالي حيدر جي پراڻي ٺڪر جي سلفي کيم، ان
وقت ناڻو باگو مرهيات پن جون ٻيڙيون پيئندوهو، جيڪي اڌڙ اڇلائندو هو
سي پڦي مرهيات سوري ٻاهر اروڙيء تي لاڙيو ڇڏيندي هئي.
آئون
سي اڌڙ ميڙي انهن مان تماڪ ڪڍي سلفيء ۾ لڳائي ڀرسان چاچي احمد واري ٻڪرين جي واڙ ۾لڪي
پيئندو هئس.
ڊگهين موڪلن
وارن ڏينهن ۾مينھيون چاريندو هئس هڪ پنهنجي
هڪ چاچيء جي جنهن جا ٻہ روپيا ملندا
هئا سي اتي ئي ان جي هٽ تان لائي وٺي ختم ڪندو هئس، هنن ئي ڏينهن ۾ يا
ٿورو اڳ، مون وارو وڏو ڀاءُ رمون کوريون چاڙهيندو هو ان
وقت في ٻوريء جو کاپو ڇاليهہ روپيا هو، هڪ
ڀيري جمع جو ڏينهن هو، رمونء مون کي ۽ عثمان کي چيو تہ آئون نماز پڙهڻ ٿو وڃان توهان کوري جي جانچ
ڪري اچجو، کوري اسان جي ڳوٺ ڀرسان هڪ وڏي جهنگ ۾
هئي سو آئون ۽ مون وارو ڀاءُ عثمان ڏينهن جو هڪ
لڳي کوريء جي اور گھور پيا ڦرون تہ ڪا مهل اوچتو پريان زوردار ٺڪاء ٿيو ۽ مون
ڏٺو تہ مون واري ڀاءُ جي اڳيان جهنگ ڄڻ هئو ئي ڪونہ، ڄڻ ڪو تيز رفتار
لاريء ۾گهر پهتو.
ابي ويچاري
جي گهڻي ڪوشش هئي تہ منهنجو اولاد
تعليم پرائي، عقل وارا ٿين، اسان جي
وڏي ڀاءُ رمونء کي بہ اسڪول ۾ ڇڏيو
ويو هو تنهن پٽيء جا ٻہ ٿي اکر پڙهي بس ڪئي بابو اسڪول
موڪليندو هئس تہ هي وڃي جنهگ
۾هڪ وڏي ديوي جي وڻ کي غار ثور سمجهي لڪي ويهندو هو موڪل مهل گهر، عثمان کي بہ مون سان گڏ مدرسي ۾ ڇڏيو
ويو هو هن هوشيارپ ۾ ڄڻ ڪا ويرمل وزير جي اوبر
کاڌي هئي بابو چوندو هئس تہ الله جي ڏني.
مان ڪجهہ ٻڌاءِ هاڻي هن ويچاري کي هجي ڪو حرف ياد
تہ ٻڌائي، پوءِ روئي جان ڇڏائيندو هو، مون
کان ننڍي ڀاءُ عمر کي بہ بابي مدرسي ۾ڇڏيو هو ڏهاڪو کن سال قرآن شريف
پڙهيائين سبق ٻڌائڻ مهل استاد ڪو ٻي طرف لوڻو ڦيريو
تہ هي موقعي جو فائدو وٺي سڄو سيپارو پورو ڪري
ڇڏيندو هو.
بهرحال ننڍي
هوندي جا ڏينهن ڏاڍا سڪون وارا هئا ان وقت جون يادون ذهن تي لامارا پيون ڏين، اسان
جا مائٽ مالوند ماڻهو هئا ڏک سک ۾گڏ هئا بقول ڀٽائيءَ جي تہ اي نہ
مارن
ريت جئن سيڻ مٽائن سون تي، پنهنجي اڀري سڀري کي سنڀارينداهئا پئسي جا پوڄاري ڪون هئا،
نہ ڪوئي گهڻي هوند لاءِ هنبوشون. هيائون.
اسين جڏهن ڳوٺ باهو خان ۾پڙهندا هئاسين تہ ان وقت ڌاڙيلن جو عروج هو هڪ ڏينهن اسڪول کان واپس ڳوٺ پئي آيا سين تہ واٽ تي هڪ وڻ هيٺان ويهي ساهي ڪئي سين اتي اسان واري هڪ ڪلاسيء سڀني کي ماٺ ڪرائي چيو تہ، ڇورا ڳالهہ ٻڌو، ڦلاڻي زميندار کي چٺي لکون، ان تي سڀني چيو ڀلي، پوءِ اسان جو وڏو جو اسان کان ٻہ درجا مٿي هو، سو چٺي لکڻ ۾لڳي ويو، هيترا پئسا، هيتريون راڊو گهڙيون، هيترا پٽڪا، مطلب تہ زميندار کان وڏي رقم جي گهر ڪئي سين آخر ۾هڪ نامي گرامي ڌاڙيل جو نالو لکي، چٺي کي هڪ ڇوڪري پاسو وٺي، زميندار جو نئون بنگلو پئي ٺهيو اتي اڇلائي آيو جڏهن اوستي جي نظر ان چٺيء تي پئي تہ پڙهي سڌو ان زميندار ڏي کڻي ويو جنهن جي نالي لکيل هئي، هڪ پگهر لهي ٻيو چڙهيس، زميندار پنهنجو راڄ گهرايو پهرا پيا هلن، ڀت جون ديڳيون پيون رڌجن، آس پاس اها ڳالھ بہ پکڙي وئي تہ ڦلاڻي زميندار کي ڌاڙيلن چٺي ڏني آهي، اسان کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اسان جي هن حرڪت مان برڪت ٿيندي، هڪ ڏينهن اسان واري ٽولي جو هڪ ڇوڪرو ڦاٽو، اسان جي وڏن کي ٻڌايائين تہ اها چٺي اسان مشڪري ڪندي لکي آهي، اها ڳالھ ٻڌڻ سان ئي اسان تي لعنتن ۽ بجن جو وارو وار ٿي ويو، پڇا بہ ڪن، بجا بہ هڻن، اسين ڏھ ٻارهن شاگرد هو هن تي هڻي تہ مون ڪون لکي آهي هن لکي آهي بهرحال پوءِ اسان جا وڏا ويچارا راتو رات ان زميندار وٽ ويا، ۽ کولي ٻڌايو تہ ھي اسان جي نڀاڳن ڇوڪرن ٻاراڻي ڪئي آهي باقي ڌاڙيل ٻاڙيل ڪونهي معافي پڻ ورتائون، پوءِ اهو زميندار جتي بہ اسان کي ڏسندو هو تہ ڏاڍي جٺ ڪري چوندو هو تہ، اوهان جو پيء بہ ڌاڙيل هو، زميندار ان واقعي تي ٻہ ٽي لک خرچ ڪري ويو، سو اسان تي سدائين تپيو پيو هلندو هو.

