جي سٺي سوچ رکجي ٿي،
ايئن نئين
دنيا، سرجي ٿي۔
جيوت نئين،
ملي ٿي،
قسمت نئين،
کلي ٿي۔
نئين سوچ،
نوان خيال تخليق جي انهيءَ اڻ ڏٺي ڏيھ
جو سير ڪرائن ٿا، جتي شايد اڳ ڪنهن جي رسائي ممڪن نہ
ٿي سگهي هجي۔ اهي منفرد ۽ اڇوتا خيال ئي تخليق کي انتهائي جاندار شاندار ۽ مثالي
بڻائڻ ٿا، جو پڙهندڙ جي دل ۽ زبان مان واھ واھ جا لفظ بي اختيار نڪري وڃن ٿا۔
اهڙيون تمام بهترين ۽ مثالي تخليقون اهو ئي تخليقار شاعر سرجي سگهي ٿو، جنهن جو من
۽ ذهن ڏوهن گناهن جي آلودگيءَ کان صاف
شفاف هجي۔ جنهن جي دل غرضن ۽ انا کان پاڪ هجي۔ جنهن جو من ذهن حسد ۽ اڻ سهپ کان
آجو هجي، جنهن جو من ذهن محبتي، پر خلوص ۽ هر آدم جي خدمت جي جذبي سان سرشار هجي۔
جنهن جي من ۾ رواداري، خودداري ۽ همدرديءَ
جو مسڪن ۽ آماجگاھ هجي۔ ان جي ابتڙ جن جا
قلوب ڪارا، ڏوهاري ذهنيت ۽ انا جي آلودگيءَ
سان زنگيل هجن اهي ڪڏهن بہ ڪا مثالي
تخليق سرجي نٿا سگهن۔ تن صفا، من صفا تڏهن
انهن وٽ رهي ٿي حب مصطفىٰ، پوءِ جنهن محبوب جو دامن پڪڙيو اهو ئي خوديء کان
خدا ڏانهن سفر ڪري سگهي ٿو، ورنہ اهو سفر
هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي۔ نيڪ دل انسان ئي اخلاص احساس ۽ اخلاق جو قدر قيمت
ڄاڻي ٿو۔ اهو ئي تخليڪار ڪوي، قوي ادراڪ رکي ٿو۔ تڏهن ئي سندس تخليقون سگهاريون ۽
وڻندڙ هجن ٿيون جو هو اخلاقي قدرن ۽ انساني وصفن جو ڄاڻو بہ آهي تہ
انهن کي اپنائي بہ ٿو۔ جنهن
جو وجود سڀ مخلوق لاءِ باعث
ڀلائي ۽ بهبود هجي ٿو، جيڪو خلق- خدا جي خدمت ڪرڻ سان دلي سرهائي محسوس ڪري ٿو۔
جنهن جي دل ۾ حب الله سان گڏ خوف خدا هجي ٿو۔ زنگيل ذهن ۽ ضمير فقط تقليد تہ ڪري سگهن ٿا پر ڪا معياري يا مثالي تخليق سرجي
يا ڏئي نٿا سگهن۔ اهي خودغرضي، اناپرستي ۽ مفاد پرستيءَ جي خول ۾ بند هوندا آهن ۽ غرضن جا ئي رکوالا
هوندا آهن۔ اهي طوطا چشم ۽ سکڻي واھ واھ جا طالبو، مفت خورا ۽ مجبور هوندا آهن،
جيڪي عريانيت جي گندگي ڦهلائيندا، عجيب غريب حرڪتون ڪندا رهندا آهن ۽ اجائي خوشامد
جا عادي هوندا آهن۔ شايد ڪڏهن ڪنهن نيڪ ڪم جي صلي ۾ ڪا سٺي تحرير لکي بہ سگهن، باقي تخليقي عمل انهن جي وس جي ڳالھ
ناهي هوندو۔ ڇاڪاڻ تہ مثالي
تخليق لاءِ دل دماغ جو صاف شفاف هجڻ بيحد ضروري آهي۔
مثالي تخليقار تنهائيءَ ۽ رات جي
خاموشيءَ ۾ فن پاره تخليق ڪندا آهن جيڪي سدا لئي امر ٿي
زنده جاويد ٿي ويندا آهن۔
صحيح معنىٰ ۾ انهن ئي زندگيءَ
جي فلسفي کي پرکيو، ڄاتو، سڃاتو ۽ سمجهو آهي۔
زندگيءَ جو سلسلو ڪيترائي ڀيرا اوچتو نئين موڙ تي اچي
بيهندو آهي، اهو موڙ جيڪو انسان کي نہ
فقط نئين راه ڏيکاريندو آهي، پر ان جي اندر جي ويساه کي بہ نئين سر بيدار ڪندو آهي. انسان جي نصيب جو در
بہ تڏهن کلندو آهي، جڏهن دل جي در تان مايوسين جو
بار ۽ غبار لهي وڃي ۽ اندر ۾ اميد جو نئون ڏيئو روشن تي پوي.
اسان جي
سماج ۾ زندگيءَ کي گهڻو ڪري قسمت سان
وابستہ ڪيو ويندو آهي، پر اصل ۾ قسمت تڏهن کلندي آهي،
جڏهن انسان پنهنجو پاڻ بدلائڻ لاءِ تيار ٿئي.
جيوت نئين، ملي آ، جو مطلب صرف نئين صبح نہ پر نئين سوچ، نئين همت ۽ نئون حوصلو آهي. جنهن
دل ۾ نيون روشنيون روشن ٿين ٿيون، اُن جي تقدير بہ
نوان رنگ اختيار ڪري ٿي.
صوفيانہ فڪر چوي ٿو تہ
انسان جي تقدير جو پهريون در اصل انسان جي اندر ۾ آهي. جڏهن دل صاف ٿئي ٿي، خود
غرضي ختم ٿئي ٿي، ۽ انسان پنهنجي وجود کي بھترين مقصد سان جوڙي ٿو، تڏهن ئي قدرت
هن لاءِ نوان رستا کوليندي آهي. تقدير هٿن جون لڪيرون بدلائڻ نٿي ڄاڻي، پر دلين جي
نيتن جا رخ ضرور موڙي يا بدلائي سگهي ٿي.
سماجي سطح
تي ڏسون تہ هر ماڻهو ڪنهن نہ
ڪنهن تڪليف، دٻاءَ يا محرومي ۾ ڦاٿل آهي. پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي نئين جيوت ڏيڻ جي
سفر تي هلن ٿا، اهي نہ فقط پاڻ
لاءِ رستو ٺاهيندا آهن، پر ٻين لاءِ بہ
روشنيءَ جو مينار بڻجن ٿا. هڪ ننڍي تبديلي، چاهي اها سوچ جي هجي يا عمل جي سڄي
زندگيءَ جو رخ بدلائي سگهي ٿي.
زندگيءَ جو
ڪمال اهو آهي تہ هر پل نئين شروعات ٿي
سگهي ٿي. ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ مايوس ٿي، هٿ هٿ تي ڌري ويهي نہ رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ قسمت جا
در تڏهن کلن ٿا، جڏهن انسان هلڻ شروع ڪري ٿو. پهريان يا ابتدائي قدم کڻي ٿو۔ تقدير
انهن تي هٿ ڌري ٿي، يا هٿ پڪڙي ھلي ٿي جيڪي پنهنجي پيرن ۽ عملن سان راه ٺاهيندا آهن،
نہ انهن جو جيڪي فقط گلا خوري ڪندا رهندا آهن۔
اڄ جي تيز
رفتار دنيا ۾ انهيءَ امر جي
ضرورت آهي تہ انسان پنهنجي ذات،
سماج، ۽ خدا سان نون ناتن رشتن کي نئين سر جوڙي. محبت، سچائي، نرم مزاجي، ۽
مددگاري روين يا جذبن سان پيدا ٿيندڙ نئين جيوت جو اثر فقط هڪ شخص تائين محدود نٿو
رهي اهو سڄي معاشري جي مزاج کي بدلائي سگهي ٿو.
آخر ۾
مرڪزي ڳالهہ اها آهي تہ نئين جيوت ملڻ رب پاڪ جي عطا ۽ سندس ذات پاڪ
کان ئي مليل تحفو آهي، پر ان تحفي کي سمجهڻ، سنڀالڻ ۽ ان مان ڀلو نتيجو ڪڍڻ، سٺو
فائدو وٺڻ انسان جي پنهنجي ذميداري آهي. تقدير جا رستا کليل آهن، پر هلڻو انسان کي
پاڻ ئي آهي.
هن ڪالم جو
مرڪزي خيال:
نئين جيوت
جو اصل مطلب نئين سوچ ۽ نئين روشني آهي، جيڪا انسان جي نصيب کي بہ نئون رخ ڏئي ٿي.
هن ڪالم جو
حاصلِ مقصد:
تقدير
تبديليءَ جي مرهون منت آهي، ۽ تبديلي انسان جي نيت، عمل ۽ اميد سان جنم وٺي ٿي.
جيڪو ذات کي نئين سر جوڙي ٿو، قسمت بہ سندس بهتري لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏيندي آهي۔
ڇو
سوچ کي ، مفلوج ڪجي،
سدائين
سوچ، بلند بالا رکجي۔
هر تخليق، عمدي
ٿي پوندي،
جي دل جي
دنيا، روشن رهندي۔
جيڪي غرضن
جا، غلام هوندا،
سي سٺو
ڪيئن سرجي سگهندا

