ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان هڪ ملاقات ـ نثار لغاري

محترمہ بينظير ڀٽو جي شهادت خلاف جيئي سنڌ محاذ (خ) جي احتجاجي ڪيمپ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ لڳائي وئي هئي، جتي ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ويٺل ھئا، مون اخبار ۾ خبر پڙهي  سڌو ڪئمپ تي  پهتس  .

ڪئمپ تي  ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ اڪيلو ويٺل هو، ڪجهہ دوست ٻين ڪمن کي لڳل هئا، ڊاڪٽر اخبار پڙهي رهيو هو، آئون ساڻس ملي ڀر ۾ وڃي ويٺس، هن جا ڪالم، تجزيو سياست بابت مڪمل خبر هئي. انڪري مون ڪافي وقت ڪجهہ نہ ڳالهايو. انهي گهڙي ڪئين خيال آيا ويا. سندس شخصيت کاٻي ڌر جي سياست ناڪامين ۽ ڪاميابين تي سوچيندو رهيس. ڊاڪٽر صاحب  محترمہ بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ ان جي مختلف پاسن تي ڪچهري شروع ڪئي. ان وقت  محترمہ بينظير ڀٽو بابت اقوام متحدہ جي قرارداد کيس گهڻو متاثر ڪيو هو. هن چيو پئي تہ  پهريون ڀيرو ڪنهن تمام وڏي فورم تي محترمہ بينظير ڀٽو جي ئي شهادت تي سنڌ  جو ڪيس بہ رکجي سگھيو پئي سنڌي  بطور هڪ قوم هن ڪيس کي جيڪڏهن کڻن تہ اها اسان کي  فائدو ڏي ها.

پوءِ مون ساڻس تعارف ڪرايو ۽ ڪچهري کي ماضي طرف وٺي ويس. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ  برملا ان ڳالهہ جو اعتراف ڪيو تہ سوويت يونين جي ختم ٿيڻ تي اسان درست تجزيو نہ ڪري سگهاسين انڪري ڪافي فڪري مونجهارا پيدا ٿيا.

عالمي سطح جي هن وڏي واقعي وڏن دانشورن کي چڪرائي ڇڏيو، ان جي نتيجي ۾ مسلسل مايوسي وڌندي رهي، اسين دوستن کي سنڀالي نہ سگهيا سين. جيڪو انقلابي تنظيم نٿو جوڙي سگهي، جيڪو عام ماڻهو کي نٿو سمجهي، ان وٽ  هر هر نٿو وڃي. ان کان سکي نٿو اهو ڪا وڏي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. جمهوريت ۽  جمھوري رويا هر سطح تي هجڻ گهرجن

تنقيد ۽ خود تنقيد مان پاڻ کي مسلسل گذاريندا رهو. هر حقيقت تبديل ٿيڻي آهي، انڪري جيڪو اڄ طاقتور آهي اهو سڀاڻي ڪمزور ٿيندو.

قومن جي آزادي انهن جو پهريون حق آهي، ان تي ڪو سمجهوتو نہ ڪجي، سامراجيت خطرناڪ آهي اها ختم ٿيڻ گهرجي. انقلابي تنظيم جي جوڙجڪ لاءِ هن سماج کي گهڻو تيار ڪرڻو پوندو. هن چيو تہ هن وقت آئون عملن جمهوريت پسند آهيان. وڏي اهم ڳالهہ تہ هو ايمانداري سان سڀ ڪجهہ ڳالهائي رهيو هو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ کي مون انتهائي سادو ماڻهو ڏٺو، جنهن ڪنهن بہ قسم جي ڪا علمي چالاڪي نہ پئي ڪئي، افسوس اها ساڻس آخري ملاقات هئي. هن چيو تہ ڪنهن بہ انقلابي ماڻهو کي غير سياسي نہ هجڻ گهرجي، جنهن جو مطلب آهي تہ هو ضرور ڪنهن جماعت جو ميمبر ھجي. عملي فڪري سياست کان پري هجڻ بہ هڪ قسم جي ڇڙواڳي انارڪي آهي. هڪ اسٽيڊي سرڪل بہ هلايو، جيڪو توهان جو سياسي عمل آھي.

پيئي جن پروڙ گنجي ڏونگر گام جي،

ڇڏي سڀ ضرور گر کي گڏجاڻي ڪاپڙي.


Previous Post Next Post