اڄوڪي جديد
دور ۾ ڪنهن بہ ملڪ جي ترقيءَ
جو سڌو سنون تعلق ان جي منظم صنعتڪاري نظام سان جڙيل آهي. ڪنهن
بہ قسم جي صنعت نہ رڳو ملڪ جي معيشت جو بنياد آهن، پر
بيروزگاري ختم ڪرڻ، برآمدات وڌائڻ ۽ عوام جي
معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا
ڪن ٿيون. پر افسوس جو ان جي ابتڙ، اسان جي ملڪ
پاڪستان ۾ روزانو ڪيتريون ئي صنعتون بند
ٿي رهيون آهن، ۽ ساڳئي وقت حڪومت طرفان ترقيءَ جا وڏا وڏا دعوٰي پڻ ڪيا پيا وڃن.
جڏهن روزاني
بنياد تي ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ننڍيون صنعتون
روز بند ٿي رهيون آهن، تہ پوءِ
ترقي
ڪھڙي؟؟ ۽ ڪٿي ٿي رهي آهي؟ بجليءَ جي مھانگي ھجڻ سان گڏ کوٽ جي ڳالهہ ڪجي، گئس جي غير
يقيني فراهمي ھجي، عروج تي پھتل مھانگائي جا انگ اکر ھجن، توڙي
ڊالر جي قيمت ۾ مستقل واڌ ۽ ٽيڪسن جو بار، انهن مڙني سببن ڪري صنعتي شعبو تباهيءَ جي
ڪناري تي پھتل آهي. ڪيترائي سرمائيدار پنهنجو
ڪاروبار بند ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، جنهن
جو نتيجو مقاقي سطح تي ماڻھن ۾ روزگار جي کوٽ ۽ غربت ۾ اضافي جي صورت ۾ نڪري رهيو آهي.
اسان وٽ بس
حڪومت جا خاص نمائندا ٽي وي اسڪرينن تي ويھو، سڀ
ڀلي جو راڳ ڳائيندا رھن ٿا تہ ملڪ ترقيءَ جي رستي تي آهي، پر
حقيقي ميدان ۾ حالتون ان جي بلڪل ابتڙ ڏيکارجي رهيون آهن. جيڪڏهن ڪو بہ ملڪ واقعن ترقي ڪري رهيو هجي، تہ ان ۾ نيون صنعتون کلي رهيون هونديون آهن، روزگار
جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا هوندا آهن، ۽ پيداوار وڌي
رهي هوندي آهي. پر هتي صورتحال بلڪل ابتڙ ئي
آهي واري آهي. نوان ڪارخانا تہ
پري
جي ڳالهہ، پراڻا بہ
هڪ
هڪ ٿي بند ٿي رهيا آهن. جنهن سبب ھزارين
مزدور طبقي جا گھر معاشي بدحاليءَ کي منهن ڏيڻ
تي مجبور ٿي رھيا آهن. ڇاڪاڻ تہ اھي صنعتون سندن جي گھر جو مڪمل گاڏو ھلائڻ ۾ مدد فراھم ڪندڙ ھونديون آهن. سندن
جي اولاد جا سمورا مستقبل جا خواب پڻ انهن صنعتن سان جڙيل رھن ٿا.
اهڙي صورتحال
۾ حڪومت جا ترقيءَ جا دعويٰ عوام لاءِ صرف
تسليءَ جي جملي علاوہ باقي ڪجهہ ناهن. حقيقي
ترقي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ملڪ جي صنعتي ڍانچي
کي مضبوط بڻائجي، توانائيءَ
جو بحران مستقل حل ڪيو وڃي، تہ ڪاروباري طبقو اعتماد سان سيڙپڪاري ڪري سگهي. جنهن
سان مقامي ماڻھن ۾ معاشي بھتري ۽ استحڪام پيدا ٿئي.
حڪومت کي گهرجي
تہ هو صرف بيانن ۽ دعوائن کان اڳتي وڌي، عملي
قدم کڻي. توانائي جي فراهميءَ ۾ استحڪام آڻڻ سان گڏ، ٽيڪسن
۾ نرمي آڻي، جنهن سان صنعتڪارن لاءِ سهولتن جو نظام بهتر ٿيندو
۽ ترقيءَ جا نوان رستا کلندا.
جيڪڏهن حڪومت
واقعي ھڪ عام ماڻهوءَ جي ترقي چاهي
ٿي تہ کيس صنعتن کي بچائڻو پوندو.

