قلم ۽ حق سچ جي صدا ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ڪوڙيون خبرون ۽ زرد صحافت اهي ٻئي ڪريل ۽ ڪم ظرف عمل آهن۔ اهي ڪڌا ڪم صحافت جي پيشي جي مٿان ڪارو داغ آهن۔ لوڀ لالچ ۾، پيسا وٺي ڪوڙ کي سچ لکڻ ۽ سچ کي ڪوڙ لکڻ اهي ئي ڪريل ڪم آهن جن صحافت جي اجري ۽ خدمت خلق جي ڪاروبار کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي۔ سچ لکندڙ صحافين يا قلمڪارن کي وري سزائون ڏنيون وڃن ٿيون يا شهيد ڪرايو وڃي ٿو۔ سلام آهي انهن سچن صحافين ۽ ليکڪن کي جيڪي حق سچ جي صدا بڻجي باطل قوتن ۽ مافياز سان ٽڪرائن ٿا پر سچ لکڻ جي راھ تان هڪ قدم بہ پوئتي نٿا هٽن۔

اهڙن ئي سورهين ۽ سپوتن جا نالا تاريخ جي ورقن ۾ امرتا ماڻن ٿا۔ سڀني کي حق سچ لکڻ وارن قلمڪارن ۽ صحافين جو دل و جان سان ساٿ ڏيڻ گهرجي۔ قلم، سچ جو محافظ آهي، ۽ سچ، قلم جو روح آهي۔ جڏهن قلم سچائيءَ جي واٽ تي هلي ٿو، تڏهن اهو طاقتور ترين هٿيار بڻجي ٿو۔ اهڙو هٿيار جيڪو نہ رڳو فڪر کي آزاد ڪري ٿو، پر سماج کي بہ نئين شعور سان بيدار ڪري ٿو۔ سچائي، هر فڪر جي بُنياد آهي۔ ڪو بہ ليک، ڪيترو بہ خوبصورت ڇو نہ هجي، جيڪڏهن ان ۾ سچائي نہ آهي تہ اهو دائمي نہ پر عارضي ٿئي ٿو۔ سچائي ئي اهو جوهر آهي جيڪو لفظن کي امر ڪري ٿو، ۽ قلم کي عزت بخشي ٿو۔

سچ لکڻ آسان ڪم ناهي۔ سچ لکندڙ ليکڪ کي اڪثر نفرت، تنقيد ۽ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ پر سچو قلم اهو ئي آهي، جيڪو حالتن کان نہ ڊڄي، پنهنجي ضمير جي آواز تي قائم رهي۔ حضرت شاه لطيف ڀٽائي چيو آھي تہ:

سچ تہ سڳنڌ، ڪوڙ تہ ڪُڳنڌ

يعني سچ جي خوشبو سدائين زنده رهي ٿي، جڏهن تہ ڪوڙ هميشہ پيرن جي زنجير بڻجي وڃي ٿو يا وري بدبوء بڻجي وسري وڃي ٿو۔ قلم جي سچائيءَ جو عزم ان وقت آزمائبو آهي، جڏهن دنيا ڪوڙ کي قبول ڪري وٺي، ۽ سچ کي اڪيلو ڇڏي ڏي۔ اتي ئي سچي ليکڪ جي همت ۽ ايمان جو امتحان شروع ٿئي ٿو۔ جيڪو قلم اهڙي وقت بہ سچ لکي ٿو، اهو ئي تاريخ جو روشن باب بڻجي وڃي ٿو۔

مولانا رومي چيو هو:

سچ  لکندڙ کي نہ ڊڄڻ گهرجي، ڇو تہ خدا سچ جي حفاظت پاڻ ڪري ٿو.“

سچائيءَ جو قلم هميشہ آسماني مدد سان هلندو رهندو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو دلين ۾ روشني آڻي ٿو، ۽ روشنيءَ کي ڪڏهن بہ زوال ناهي ايندو۔

سچ، انسان کي اندران مضبوط ڪري ٿو۔ ڪوڙ انسان کي عارضي سڪون تہ ڏئي سگهي ٿو، پر ضمير کي زنجيرن ۾ ٻڌي ڇڏي ٿو۔ سچو قلم اهو آهي، جيڪو حق جي ڳالهہ لکي، ڀلي طاقتور ڌريون ان کي پسند نہ ڪن۔ اهڙو قلم قومن جي فڪر کي زنده رکي ٿو، ۽ صدين تائين راه ڏيکاريندو رهي ٿو۔

سچائيءَ جو عزم رڳو لفظن تائين محدود نہ هئڻ گهرجي، پر عملن جو حصو بہ هئڻ گهرجي۔ جڏهن ليکڪ جو فڪر، سندس عمل سان گڏ هلي ٿو، تڏهن قلم جي صداقت وڌيڪ اثرائتي بڻجي ٿي۔

حاصل مقصد ۽ مرڪزي خيال:

قلم جي سچائي ئي ان جي حقيقي عظمت آهي۔ سچ لکڻ همت، ايمان ۽ ضمير جي بيداريءَ جو ثبوت آهي۔ سچو قلم اهو آهي، جيڪو ڪوڙ جي سامهون جهڪي نہ پوي، ۽ حق لاءِ بيخوف ٿي لکي۔ سچائيءَ جو عزم ئي قلم کي امر ڪري ٿو، ۽ ليکڪ کي تاريخ ۾ زنده رکندو آهي۔

حق سچ جي، صدا آهيون،

نڪو دوکو انياء، دغا آهيون۔

جڏهن باشعور طبقو بہ ايمان جو سودو ڪرڻ لڳي تہ پوءِ اهي قومون جلدي پنهنجي منطقي انجام کي ڀوڳيندي دنيا جي صفحہ هستيءَ تان هميشہ لاءِ ختم ٿي وينديون آهن۔ تنهنڪري باشعور ۽ اهل- قلم کي ڪڏهن بہ پنهنجي ايمان جو سودو نہ ڪرڻ گهرجي، سدائين حق سچ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي۔ پنجن روپين جي لالچ ۾ پنهنجي عزت، وقار ۽ قلم  جو سودو هرگز نہ ڪرڻ گهرجي۔


Previous Post Next Post