ماءُ: پيار جو سمنڊ ۽ عظيم درسگاھ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ڪائنات جي تخليق ۾ جيڪڏهن محبت جو ڪو حقيقي روپ آهي تہ اهو آهي ماءُ. ماءُ صرف هڪ رشتي جو نالو ناهي، پر اها هڪ مڪمل تهذيب، هڪ درسگاه ۽ انسانيت جي بقا جو روح آهي. دنيا جي هر مذهب، هر فلسفي ۽ هر سماج ۾ ماءُ کي جيڪو مرتبو ڏنو ويو آهي، اهو ڪنهن ٻئي رشتي کي نصيب ناهي ٿيو. چيو ويندو آهي تہ جڏهن رب پاڪ پنهنجي بندي سان محبت جو مثال ڏيڻ چاهيو تہ هن ماءُ جي ممتا کي معيار بڻايو.

ادب: ڪاميابيءَ جي ڪنجي:

انساني زندگيءَ ۾ ادب ۽ احترام اهي بنياد آهن، جن تي عظمت جون عمارتون تعمير ٿين ٿيون. جيڪو انسان پنهنجي ماءُ جو ادب نٿو ڪري، اهو دنيا جي ڪنهن بہ ميدان ۾ حقيقي سوڀ ماڻي نٿو سگهي. چيو وڃي ٿو تہ باادب، بامراد، بي ادب، بيمراد ماءُ جي خدمت ۽ ان جو ادب صرف هڪ اخلاقي فرض ناهي، پر اها هڪ اهڙي بازي آهي جيڪا کٽڻ کانپوءِ انسان کي دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي سرخروئي حاصل ٿئي ٿي.

امڙ جي جهولي ۽ ٻولي، هڪ مڪمل درسگاه:

ٻار جي پهرين درسگاه ماءُ جي جهولي آهي. اها ئي جهولي آهي، جتي انسان صبر، شڪر، محبت ۽ قربانيءَ جا سبق سکي ٿو. ماءُ جي ٻولي صرف گفتگو جو ذريعو ناهي هوندي، پر اها تهذيب جي منتقليءَ جو وسيلو بہ هوندي آهي. جڏهن ٻار پنهنجي ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ لفظ سکندو آهي، تڏهن هن جي شخصيت جي اڏاوت ٿيندي آهي. جيڪي قومون پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماءُ جي ادب کي وساري ويهنديون آهن، اهي تاريخ جي صفحن تان مٽجي وينديون آهن.

ماءُ جي دعا، هڪ اڻٽٽ ڍال:

ماءُ جي دعا ۾ اها طاقت آهي جو اها تقدير جا لکيا بہ بدلي سگهي ٿي. جڏهن دنيا جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا آهن، تڏهن ماءُ جي دعا جو دروازو کليل هوندو آهي. ماءُ جي قدمن هيٺان جنت هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي تہ توهان جي نجات جو رستو ان جي خدمت ۽ خوشيءَ ۾ لڪل آهي. جنهن جي مٿان ماءُ جي دعا جو هٿ آهي، ان کي زماني جو ڪو بہ طوفان لوڏي نٿو سگهي. اڄ جي هن ڀڄ ڊڪ واري دؤر ۾، جتي مادي مفادن انساني رشتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، اتي اسان کي پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻ جي ضرورت آهي. اسان کي گهرجي تہ اسان پنهنجي مائرن جو قدر ڪريون، انهن جي ادب کي پنهنجو شعار بڻايون ۽ انهن جي جهوليءَ کي پنهنجي محبتن سان ڀريون. ياد رکڻ گهرجي تہ ماءُ جو ادب ئي اهو رستو آهي جيڪو اسان کي خالق سان ملائي ٿو ۽ اسان جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي ٿو.

موضوع جي مناسبت سان هي شعر پيشِ خدمت آهي:

تو ۾ دنيا، ڏسجي ٿي،

تو ۾ عقبا، ڏسجي ٿي۔

ادب سان بازي کٽجي ٿي،

امڙ جي جهولي، ڀرجي ٿي۔

امڙ جي ٻولي، سکجي ٿي۔

امڙ کان محبت وٺجي ٿي۔

ممتا جو درس، سڀ کان آهي سرس۔ ڌرتيء تي روپ خدا جو، قربانيء ۾ مثال ناهي ممتا جو۔ ماءُ بنان هيءَ ڪائنات ڀوت بنگلو لات منات۔ جي امڙ ناهي حياتي، ڪنڊن جي سيج لڳي ٿي حياتي.


Previous Post Next Post