موکيءَ جو دڙو ـ آزاد ابوبڪر ڇٽو

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ آيل داستان مومل راڻي ۾هڪ ڪردار ناتر جو بہ آهي جنهن جو ذڪر شاه لطيف ٽي ڀيرا ڪيو آهي،

ناتر جا مومل جي ٻانهي هئي ماڻهن کي منجهائڻ، شراب ٺاهڻ سندس ڪرت هئي، ميرپور ماٿيلي کان لڍاڻي تائين مومل سان گڏ هئي جڏهن مومل عمرڪوٽ ويجهو ڏاگھ تي چڙهي تہ اتي بہ ناتر موجود هئي (تفصيل لاءِ ڏسو مومل راڻو جو قصو)

مومل جي مئي کان پوءِ ناتر ڏٺو تہ هاڻي ڪهڙي منهن سان ڪاڪ وڃان، ناميارن اديبن لکيو آهي تہ ان کان پوءِ ناتر گڏاپ ڪراچي ۾اچي رهي، هتي هيبت خاصخيلي سان شادي ڪيائين، موکي ۽ ٻيون ڌيئون ٿيس، جنھن ذريعي معاش لاءِ شراب خانو کوليائين ناتر جي مرڻ کان پوءِ اهو مئخانو موکيءَ مچايو، متارا سندس مئخاني تي ايندا هئا جن کي موکيءَ زهريلو شراب پيئاري ماريو (سنڌ جو شاه، بدرابڙو، شاه ۽ سنڌ جلد (1) مرتب: فهميدہ حسين)

اڏيرو لال اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر طرف ڳوٺ پارسي فارم ۾ هڪ دڙو آهي، جنهن کي موکيءَ جو دڙو سڏيندا آهن اتي جي ماڻهن ٻڌايو تہ اسان ابن ڏاڏن کان ٻڌندا آيا آهيون تہ جو هن وقت موکيءَ جو دڙو آهي سو ڪنهن وقت موکيءَ جو شهر سڏبو هو، موکي هڪ وڏي گنهگار عورت هئي، شراب جو هٽ هوندو هئس، ڀنڀور کان هڪڙا چور ايندا هئا جن کي متارا سڏيو ويندو هو. متارن کي موکيءَ جي شراب مزو ڏنو، سو گهڻو وقت موکيءَ وٽ ٽڪندا هئا. ان تي موکيءَ جي مائٽن کي غيرت ورتو موکيءَ تي دٻاءُ وڌو تہ ڪنهن بہ وسيلي هنن کي هتان ٽار، پر موکي پنهنجي گراهڪن کي ڪيئن ڌڪاري، نيٺ موکيءَ جا مائٽ لڪ ڇپ ۾مئخاني ۾اچي شراب جي هڪ مٽ ۾زهريلو نانگ رکي ويا. جنهن جو موکيءَ کي بہ پوءِ پتو پيو تہ مٽ جي تري ۾نانگ پيو آهي، متارا ان مٽ جو شراب پي مئا، متارن جو موت هتي ٿيو آهي ۽ متارن جي ئي پاراتي سان موکي بہ تباه ٿي، روايت آهي تہ موکيءَ جو هي شهر دلوراء جي دور ۾تباه ٿيو ۽ دڙي جي ضرورت اختيار ڪئي، شروع ۾ هي دڙو چاليهہ ايڪڙن تي مشتمل هو، پوءِ ماڻهن جڏهن هي دڙو کڻائي زمين آباد ڪرڻ شروع ڪئي تہ هتان ڪيترائي انساني ڍانچا، مٽ، سڪا ۽ اڪريل پٿرن کان سواءِ عمارتون بہ ظاهر ٿيون جن کي اتي جي ماڻهن ڀڃي سرون ڪڍي پنهنجا گهر ٺهرايا، لڌل مٽ ٻن قسمن جا هئا هڪ وڏا ٻيا ننڍا، موکيءَ جي شهر جي نشاني هئي مٽ، مونکي اتي جي ماڻهن ٻڌايو تہ 1995ع تائين موجود هئا. حقيقت ۾هي مٽ سون جيان سانڊي رکڻا هئا پر بيقدرن ڀڃي فٽا ڪيا، مٽن، سڪن، ۽ اڪريل پٿرن لاءِ اسان اتي جي ڪيترن ئي ماڻهن تي وڙول رکي آهي.

مومل جو جنم ميرپور ماٿيلي گهوٽڪي ۾ٿيو، اتان لڏي جيسلمير جي شهر لڍاڻي جي ويجهو ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي اچي رهي جڏهن تہ راڻو ڍٽ عمرڪوٽ جو رهاڪو هو مومل ۽ مينڌري جا هي مڙئي ماڳ ڄاڻايل موکيءَ جي دڙي جي اوڀر ۾آهن، موکيءَ جي ماءُ ناتر جڏهن پنهنجا پراڻا پڍ ڇڏيا هئا تہ پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ هتي پارسي فارم ۾ موکيءَ جي دڙي وٽ رهي هجي، ڇو جو هي پنڌڙو ڪجهہ گهٽ بہ آهي ۽ ناتر جي پراڻي پڍ کي اوڏو بہ آهي ان ڪري چئبو تہ ناتر شادي بہ هتي ڪئي هوندي ۽ موکيءَ جو جنم بہ هتي ٿيو هوندو. موکيءَ جو هي شهر تباه ٿيڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ ناتر ۽ موکيءَ گڏاپ ۾گذاريو هجي.

موکي متارن کي تفصيل سان لکڻ وارن لکيو آهي تہ ناتر گڏاپ ۾هيبت خاصخيلي سان شادي ڪئي جنهن مان موکي ۽ ٻيون ڌيئرون ٿيس، وري اڳتي هلي لکيو اٿن تہ موکي ذات جي ڪولهڻ هئي (شاھ ۽ سنڌ جلد (1) مرتب: فهميدہ حسين)

هاڻي هتي ويچار ڪرڻ گهرجي تہ جيڪڏهن ناتر مسلمان سان شادي ڪئي آهي تہ ناتر جو بہ گهراڻو مسلمان آهي ۽ پوءِ وري موکي کي ڪولهي ڪوٺڻ مناسب ناهي.

موکيءَ سان گڏ متارن جو ذڪر آهي متارا ڪير هئا ڪٿان جا هئا ان بابت ليکڪن لکيو آهي تہ متارا سامونڊي ڌاڙيل هئا، سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي کان ايندا هئا، ڪن لکيو آهي تہ گڏاپ ۾متارن جي قبرن تي سندن نالي سان گڏ حاجي جو لفظ لکيل آهي ان ڪري چئبو تہ هي حاجي سڳورا عرب کان ايندا هئا.

محترم بدرابڙو متارن جي قبرن متعلق لکيو آهي تہ متارن جون قبرون گڏاپ ۾ناراٿر ٽڪري تي آهن، اهڙيون ئي ٻيون قبرون گڏاپ ۾روميو سڏجن ٿيون، اتي پيالو گهڙي رکيو ويو آهي. ساڳي قسم جون ٻيون قبرون ڊملوٽي وٽ نئہ ملير جي کاٻي ڪپ تي هاڻوڪي پل وٽ آهن (سنڌ جو شاه: بدرابڙو)

هاڻي پهرين ڳالهہ تہ متارن جي قبرن جو بہ سهي پتو نہ آهي، ٻي ڳالهہ تہ گڏاپ ۾ متارن جي نالي سان گڏ حاجي جو لفظ سلهاڙيل آهي، حاجي گهڻو ڪري شراب کان پري هوندا آهن. هنن کي مئخاني واري ماحول ۾آڻڻ مناسب نہ آهي ان کان علاوہ متارا ڌاڙيل هئا تہ پوءِ هنن کي حاجي نہ پر حاڃي چئبو، متارا جيڪڏهن ڌاڙيل هئا تہ پوءِ ڌاڙيل جي قبر ڇو سنڀالي وئي، اڄ تائين ڪنهن ڌاڙيل جي قبر تي مجاور ناهي ڪئي، ان جو ڪهڙو دفن ڪفن.

ڳوٺ پارسي فارم جي ماڻهن جي روايت موجب متارا چور هئا، جيڪي ڀنڀور کان هتي ايندا هئا، هنن جو موت بہ موکيءَ جي دڙي وٽ ٿيو. روايت آهي تہ موکيءَ جو شهر دلوراء جي دور ۾ ويران ٿيو دلوراء ڪهڙي دور ۾ ٿي گذريو ان بابت اڪثر اديب خاموش آهن.

خداداد خان لکي ٿو تہ ڇٽو عمراڻي جي والد جو نالو عمران هو جو تميم قوم جي حاڪمن مان برھمڻ آباد جو حاڪم هو، هن کي ٻہ پٽ هڪ دلوراء جو بدڪار هو، ٻيو ڇٽو جنهن جي پيشاني ۾ننڊپڻ کان ئي نورهو. (لب تاريخ سنڌ: ازخداداد)

ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو تہ دلوراء سومرن جي دور ۾ هڪ سومرو حاڪم هو 962ع ۾ سنڌ ۾ جيڪو طوفان آيو هو، ان وقت سنڌ جو حاڪم دلوراء ٻيو هو سکر بکر وارا ٽڪر ٽٽا، اروڙ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ڦٽو، دلوراء جي ننگري برھمڻ آباد ۽ ٻيا شهر ويران ٿيا (ڪاڪي ڀيرو مل جا ڪتاب: سنڌ جي هندن جي تاريخ ۽ قديم سنڌ)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تحفتہ الڪرام، تاريخ طاهري، ۽ ٻين معتبر تاريخن جي حوالي سان لکيو آهي تہ ڇٽو عمراڻي (عمراني) دلوراء جو ڀاءُ هو ان سان گڏ اروڙ ۾ رهندو هو دلوراء جي ظلمن سبب اروڙ ويران ٿيو تہ برهمڻ آباد ۾ رهيو، دلوراء جا ڪرتوت بڇڙا هئا آخر تنگ ٿي شهر ڇڏي سيوهڻ ۾آيو، باقي عرصو اتي گذاريو، ڇٽي عمراڻي جي مڪان جي مجاور وٽ هڪ مهر آهي، جنهن تي 305 هجري جو سن بہ لکيل آهي. اهو سندس وفات جو سن ئي هوندو (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات)

ڪاڪي ڀيرو مل ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي بيانن ۾مونجهارو آهي ڇو تہ ڪاڪي ڀيرو مل لکيو آهي تہ 962ع واري طوفان ۾اروڙ سميت دلوراء جي گادي برھمڻ آباد بہ تباه ٿي، جڏھن تہ ميمڻ عبدالمجيد لکيو آهي تہ ڇٽو، دلوراء سان گڏ اروڙ ۾ رهندو هو. ان جي تباھ ٿيڻ بعد برهمڻ آباد ۾رهيو، ان کان علاوہ ميمڻ عبدالمجيد ڇٽي امراڻي (اميراڻي، امير) جو سن وفات 305 هجري ڄاڻايو آهي. جو عيسوي سن 917ع بيهي ٿو، ان حساب سان ڇٽو اميراڻي 962ع واري طوفان کان 45 سال اڳ وفات ڪري ويو.

بهرحال موکي ۽ متارن تي اڃان بہ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي تہ متارا ڪير آهن، جيڪڏهن شرابي ۽ ڪاٽڪو هئا تہ پوءِ شاه لطيف جهڙي عظيم شاعر، صوفي بزرگ هنن کي ڇو ڳايو.

Previous Post Next Post