دُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا...! ـ خليق ٻگھيو


مشھور ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ نقاد رياض ابڙي جي وڇوڙي تي بيحد ڏک ٿيو. ڪافي وقت کان ساڻس ملاقات جي تمنا هئي. مون سندس لکڻين ۾ جيڪا گَهرائي ڏٺي، سا ڪنهن ۾ ڪونہ ڏٺي. سندس چند تنقيدي مضمون پڙھڻ سان مون اندازو ڪري ورتو هو تہ هُو سنڌي ادب جو اڳتي هلي هڪ شاندار تنقيد نگار ثابت ٿيندو.

هُن هر طرح جي تخليقي ادب تي گهري نظر وڌي. پوءِ شعري مجموعو هجي يا ڪھاڻين جو ڪتاب، ناول هجي يا ڪو سياسي موضوع هجي. هر ڀيري، هر لِکڻي ۾ سندس محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي ڪونہ سگهبو هو. سندس تنقيدي تجزيا عالمي مطالعي سان ڳنڍيل هئا. پوءِ ڀلي موضوع مقامي هجي، پر هُو ڪنهن بہ فنپاري جي گهڻ رخن کي ڏسندو هو، جنھن ڪري سندس مضمون ۾ توڙي جو طوالت هئي، پر پڙھڻ واري کي ڄاڻ جو ڄڻ تہ خزانو ملي پوندو هو.

رياض، پنھنجو ڪتاب عالمي سياست وارو بہ مون کي گفٽ ڪيو هو. هڪٻئي کي فيس بوڪ جي ميسينجر انباڪس ۾ فون نمبر ڏنا هئاسين، پر بدنصيبي جو زماني جي وٺ وٺان ۾ فون تي بہ ادبي ڪچھري ساڻس ٿي ڪونہ سگهي، ڪڏهن هُو مصروف تہ ڪڏهن مان مصروف، بس ائين وقت گذري ويو، اها ڳالهہ امڪاني سوچ ۾ بہ ڪانہ هئي تہ هُو هڪدم ائين وڇڙي ويندو ۽ اُنهيءَ پار هليو ويندو، جتان اڄ تائين ڪير موٽيو ئي ڪونهي!

رياض ابڙي جي لِکڻين مان لڳندو هو تہ هُو. نرم دل انسان بہ هو، جو هُن مختلف ڪتابن تي پنھنجي گهڻ مطالعاتي نگاھ هوندي بہ ڪافي تخليقڪارن جي لکڻين تي پيار ڀري نگاھ وجهندو هو. رياض جي لِکڻ سان غير اهم ڪتاب پڻ اهم ٿي ويندا هئا. جڏهن هُن منھنجي ڪتاب تي نظر وڌي تہ سندس مطالعي ۽ تنقيدي ائپروچ کان آئون متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي ڪونہ سگهيس. پوءِ سندس وال تي وڃي سندس سڀ مضمون ۽ ڪالم شوق سان پڙھندو هيس.

سچ اهو تہ ڪيترو ئي علم ۽ نيون ڳالهيون مون سندس مضمونن مان پرايون.

رياض ابڙي جا ڪالم پڻ ڀرپور ۽ وقتائتا هئا. سندس سياسي تجزيي جو فن زبردست هو. اسان وٽ سگهارن ۽ خوبصورت تجزين جي شديد کوٽ پئي رهي آھي. ڇاڪاڻ تہ اڄڪلهہ تجزيي جي جاءِ اچي انفارميشن ورتي آھي. مون کي ائين لڳندو آھي تہ اسان جي ڏاھپ، انفارميشن ۾ گُم ٿي وئي آھي. ڇا انفارميشن سڀ ڪجهہ آھي؟ ڇا ڏاھپ، عقليت، دانشمندي ۽ فلسفياڻي ائپروچ جي هاڻي ضرورت نہ رهي آھي؟ اهي سوال مون رياض ابڙي کان ڪرڻ پئي چاھيا، جيڪو انگريزي، سنڌي ۽ اردو ادب جو گهڻ مطالعاتي ماڻهو هو. گهڻ مطالعاتي شخصيتون ڀاڳن سان مڙنديون آھن، جن سان ڪچھري ڪندي روح مسرور ٿي وڃي ۽ جسم ۾ نئين شعوري توانائي محسوس ٿيڻ لڳي.

رياض ابڙي جي تحريرن جي تِکي تلوار سياسي ڪالم نگاريءَ ۾ وهي سگهي. اڳتي هلي سندس تنقيدي ادب هنڌين ماڳين مشھور ٿئي ها. ساڻس روبرو ملاقات نہ ٿي سگهي، پر ايترو ضرور محسوس ٿيندو هو تہ رياض، هڪ سنجيدہ، باوقار، سبيتو يا ڊيسنٽ شخصيت جو نالو آھي.

مون کي اهو ٻُڌي خوشي ٿي هئي تہ هُو باڊھ جو اصل رهاڪو هو، ڇوتہ باڊھ جو نالو ٻُڌي مون کي دلبر دوست وفا صالح راڄپر ياد اچي ويندو آھي. وفا کان پڻ اڪثر مون رياض ابڙي جي متعلق پڇندو رهندو هيس. منھنجن ادبي مضمونن تي رياض ابڙي نہ صرف ڪمينٽ ڪري مون کي ائپري سيئشن ڏيندو هو، پر مضمونن مان پئراگراف حوالي طور پيش ڪري انهن مان ڪڏهن سوال بہ ڪندو هو. پوسٽ ماڊرنزم تي تمام ٿورن ماڻهن جي راءِ ڪارائتي رهي آھي. اهڙين شخصيتن مان رياض ابڙي جي شخصيت بہ هڪ هئي.

فڪشن تي هُن سنڌي ادب کي اهم مضمون ڏنا. انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ سندس اوچتو وڇوڙو سندس ذاتي توڙي ادبي حلقن کي وڏو صدمو وئي ويو آھي. سندس عزيزن توڙي سندس پڙھندڙ ۽ دوستن سان بيحد ڏک سان تعزيت ڪجي ٿي!

Previous Post Next Post