زڪام ـ وائرس (قسط 03) ـ دريا خان سنڌي

ساڍا ٽي هزار سال اڳ هڪ مصري اسڪالر هڪ ميڊيڪل ٽيڪسٽ لکي ويٺو جيڪو تاريخ ۾ ڄاتل ميڊيڪل سائنس جي سڀ کان پراڻي لکتن مان هڪ آهي، ايبرس پيپائرس ۾ بيان ڪيل هڪ بيماري رشح آهي، ان جون علامتون کنگھ ۽ وهندڙ نڪ هيون، مصري طبيب 1550 قبل مسيح ۾ ان لکت ۾ زڪام جو ذڪر ڪري رهيا هئا.

ڪجھ وائرس نوان آهن، ڪجھ گهڻا گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر انساني رائنووائرس زڪام جو وڏو سبب ۽ دمي جو بہ قديم آباديئن کان انساني شهرن جا ساٿي رهيا آهن، تقريبن هڪ ماڻهو پنهنجي عمر جو هڪ سال ان وائرس سبب بيماري واري حالت ۾ گذاريندو آهي، يعني هي انسانن کي بيمار ڪندڙ ڪامياب ترين وائرس سڏي سگهجي ٿو.

قديم نظرين کان جديد سائنس تائين:

يوناني طبيب بقراط جو چوڻ هو تہ زڪام هيومر جي عدم توازن جو نتيجو آهي، ان کان ٻہ هزار سال پوءِ، 1920ع ۾، ليوينارڊ هل لکيائين تہ زڪام صبح جو ٿڌ ۾ ٻاهر نڪرڻ يا گرم جاءِ مان اوچتو ٿڌي جاءِ تي وڃڻ سبب ٿيندو آهي پر ان جي اصل سبب ڏانهن پهريون ڏس جرمن مائڪروبائولاجسٽ والٽر ڪروز کي مليو، ان زڪام واري مريض جي وهندڙ نڪ مان حاصل ڪيل سيال کي فلٽر سان ڇاڻي ڪجھ ڦڙا پنهنجي ٻارهن ساٿين جي نڪ ۾ وڌا، انهن مان چار کي زڪام ٿي ويو، پوءِ تجربو ڇھٽيھ شاگردن تي ڪيو، جن مان پندرهن بيمار ٿيا، مقابلي ۾، پنجٽيھ شاگردن کي ڪجھ بہ نہ ڪيو ويو، انهن مان رڳو هڪ بيمار ٿيو.

انهن تجربن مان پتو پيو تہ ڪا ننڍڙي جاندار (پيٿوجن) ان بيماري جو ذميوار آهي، پهرين سمجهيو ويندو هو تہ ڪو بيڪٽيريا هوندو، پر الفونس ڊوشي 1927ع ۾ اهو ثابت ڪيو تہ ائين ناهي، ڇو تہ بيڪٽيريا کي فلٽر روڪي وٺندو آهي پر بيماري اڃان بہ منتقل ٿي ويندي هئي.

رائنووائرس جي سڃاڻپ:

سائنسدانن کي ٽي وڌيڪ ڏهاڪا لڳا تہ خبر پوي تہ ڪهڙا وائرس ذميوار آهن، اهي انساني رائنووائرس هئا، (رائنو جو مطلب آهي نڪ)۔ هي گهڻا سادا هئا، رڳو ڏھ جينز تي ٻڌل۔ جڏهن تہ اسان وٽ ويھ هزار جينز آهن، پر ايتري ٿوري جينيٽڪ ڄاڻ بہ ڪافي هئي تہ هي اسان جي جسم ۾ داخل ٿي اسان جي مدافعتي نظام کي شڪست ڏئي بيمار ڪري ڇڏين.

انهن جو ڦهلجڻ جو طريقو اهو هو تہ ميزبان جو نڪ وهي ٿو، ماڻهو هٿ سان نڪ صاف ڪن ٿا، وائرس هٿ تي اچي ٿو، پوءِ دروازا کولڻ يا ٻين شين کي ڇهڻ سان ٻين تائين پهچي وڃي ٿو، اتان کان اهو ٻيهر ڪنهن جي نڪ، ڳلي يا ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿو، ميزبان جا گهرڙا وائرس جون ڪاپيون ٺاهڻ لڳن ٿا، پوءِ اهي گھرڙا ڦاٽي وڃن ٿا ۽ نوان وائرس ٻين گهرڙن ۾ پکڙجن ٿا.

رائنووائرس گهڻن گهرڙن کي متاثر نٿا ڪن، انڪري گهڻو نقصان نٿا پهچائين، پر پوءِ بہ اهي اسان کي گهڻا ڪمزور ڇو ڪري ڇڏين ٿا؟ ان جو سبب اسان پاڻ آهيون، متاثر ٿيل گهرڙا پيغام رساڻ وارا ماليڪول ڇڏين ٿا جن کي سائيٽوڪائن چيو وڃي ٿو، اهي مدافعتي نظام کي سڏين ٿا، جيڪو اسان کي ٿڪائي ڇڏي ٿو، ڳلي ۾ سوڄ ۽ بلغم وڌائي ٿو۔ بيماري کان بحالي لاءِ رڳو وائرس ختم ٿيڻ ڪافي ناهي، پر مدافعتي نظام جي پرسڪون ٿيڻ جو انتظار بہ ضروري آهي.

علاج جا عجيب طريقا:

مصري طبيب رشح جو علاج اهو ٻڌايو تہ ماکي، جڙي ٻوٽيون ۽ لوبان ملائي نڪ جي چوڌاري لڳايو وڃي. سترهين صدي ۾ برطانوي ڊاڪٽر بارود، آنا، ڳئون جو تريل ڇيڻو ۽ ٻڪري جي گڙدي جي چرٻي تجويز ڪندا هئا.

ويھن صدي ۾ ليونارڊ هل صبح جو اٿي ٿڌو پاڻيءَ ۾ ويجھڻ  جي صلاح ڏني

هاڻي ايڪويھ صدي ۾ ڇا آهي؟

ان لاءِ نہ ڪا ويڪسين آهي ۽ نہ ڪا خاص دوا، ڪجھ علاج تہ حالتون وڌيڪ خراب ڪن ٿا، والدين گهڻو ڪري ٻارن کي کنگھ جو شربت ڏين ٿا، پر ان سان ڪو جلدي صحتياب نٿو ٿئي، ڪڏهن ڪڏهن اهو سنجيدہ منفي اثر پيدا ڪري سگهي ٿو: جسم مفلوج ٿيڻ، دل جي ڌڙڪن ۾ اوچتو واڌ، هيسيتائين جو موت بہ، 2008ع ۾ FDA وارننگ جاري ڪئي تہ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي کنگھ جو شربت بلڪل بہ نہ ڏنو وڃي.

ٻيو عام طريقو اينٽي بائيوٽڪ آهي، جيتوڻيڪ وائرس خلاف بيڪار آهي، ڊاڪٽر گهڻو ڪري ان کي تجويز ڪري ڇڏين ٿا ڇاڪاڻ تہ مريضن کي سواءِ دوا واپس موڪلڻ قبول ناهي ٿيندو، پر هروڀرو اينٽي بائيوٽڪ جو استعمال خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ تہ اها ڊرگ ريزسٽنٽ بيڪٽيريا جي تيزيءَ سان ارتقاء ۾ مدد ڪري ٿي.

وائرس جي جينيٽڪ قسم:

زڪام جو صحيح علاج انڪري ممڪن ناهي ٿيو ڇوتہ ان جي وائرس جون بيشمار قسمون آهن، ايڪويھ صدي جي شروعات تائين ٻہ خاندان ڄاتا ويا هئا (HRV-A ۽ HRV-B)۔ 2006ع ۾ ٽيون خاندان HRV-C  بہ مليو، جيڪو سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ گهڻو ڪري خالي ڪجھ صدين پراڻو آهي.

انساني رائنووائرس ۾ ڪجھ ڪور جينز ساڳيا آهن، پر ٻيا حصا جلدي بدلجي وڃن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو مدافعتي نظام هڪ قسم خلاف اينٽي باڊي ٺاهي ٿو، پر ٻي قسم ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿي، هر سال نيون قسمون سامهون اچن ٿيون.

انڪري هڪ ويڪسين يا دوا جيڪا هڪ قسم خلاف ڪارگر هجي، ٻي قسم لاءِ بيڪار ٿيندي، ارتقاء ان وائرس کي سدائين مزاحمت ڏيندو رهي ٿو.

مستقبل جي اميد:

ڪجھ سائنسدان اميد رکن ٿا تہ علاج ممڪن آهي، ڇوتہ وائرس جا ڪور جينز تبديل نٿا ٿي سگهن، جيڪڏهن سائنسدان اهڙو طريقو ڳولين جيڪو انهن ڪور حصن کي نشانو بڻائي، تہ ممڪن آهي تہ سڄي دنيا مان زڪام کي ختم ڪري سگهجي، هڪ ممڪن ٽارگيٽ آهي ٽي پاسن وارو پن جهڙو لوپ وارو ڍانچو جيڪو وائرس جي ڪاپي ٿيڻ جي رفتار ڪنٽرول ڪري ٿو، جيڪڏهن ان کي غيرفعال ڪيو وڃي تہ گهڻو ڪري زڪام ھميشہ لاءِ ختم ٿي وڃي.

پر ڇا ائين ڪرڻ گهرجي؟

انساني رائنووائرس صحت لاءِ مسئلا ضرور آهن، زڪام پيدا ڪن ٿا ۽ ٻين وڌيڪ خطرناڪ وائرس لاءِ رستو هموار ڪن ٿا، پر پاڻ گهڻو خطرناڪ ناهن، عام طور تي زڪام بنا علاج جي ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي وڃي ٿو، ۽ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ماڻهن ۾ تہ علامتون بہ ظاهر ناهين ٿينديون.

ان کان سواءِ، گهڻو اهي ڪجھ فائدا بہ ڏين، ثبوت مليا آهن تہ اهي ٻار، جيڪي ننڍپڻ ۾ اهڙن غيرمضر وائرس ۽ بيڪٽيريا جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿا، وڏا ٿي الرجين يا ڪروهن بيماري جو گهٽ شڪار ٿين ٿا، رائنووائرس اسان جي مدافعتي نظام کي سڪائين ٿا تہ معمولي شين تي منفي اثر نہ ڪري، پر حقيقي خطري تي ڌيان ڏئي. گهڻو ڪري اسان کي زڪام کي قديم دشمن بدران هڪ دانشمند استاد سمجهڻ گهرجي.

Previous Post Next Post