وقت جي رفتار آهي تيز تر ۔ حڪيم پريم چاندواڻي

وقت  جي  رفتار، آهي  تيز  تر،

اي ادا رفتار کي ڪجھ تيز ڪر۔

وقت پنهنجي تمام تر تيزيءَ سان گذري رهيو آهي۔ پر سست ڪاهل ۽ خمارن ۾ ورتل قومون پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪري رهيون آهن. نتيجي ۾ اهي قومون ترقي يافتہ ملڪن جي نسبت تمام پوئتي رهجي وڃن ٿيون۔ وڏي ڳالھ تہ اهي افلاس  بيروزگاري بک بيماري ۽ بدحاليءَ طرف ڌڪجي وڃن ٿيون۔ امير ۽ خوشحال ملڪ انهن کي پنهنجو غلام بنائڻ ۾ دير نٿا ڪن ۽ سندن ملڪ ڪالونيءَ جي صورت ۾ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وڃن ٿا ۽ ساري حياتي پنهن جي سستيءَ ۽ ڪم چوريءَ جو خميازو ڀوڳيندا رهن ٿا۔ ڪي ملڪ انهن حالتن کان بيزار ۽ پريشان ٿي تحريڪون هلائن ٿا پر ترقي يافتہ ملڪن سان مهاڏو اٽڪائي نٿا سگهن ۽ ويتر ڪمزور ٿي ڏکيا ڏينهن ڏسندا رهن ٿا۔ شاطر ۽ شيطان صفت ملڪ ڪمزور ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ويتر گهڻو ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهن ٿا۔ نتيجو اهو نڪري ٿو تہ غريب ملڪن جي معيشت ويتر وڌيڪ ڪمزور ٿيندي وڃي ٿي۔

ڏاهن جو قول آهي تہ:

ٻڌو سڀ جي، پر ڪيو من جي۔

ٻين جي چئي، جو لڳندو آهي،

سدائين پڇتائيندو رهندو آهي۔

هڪڙي چوڻي آهي تہ ڪم عبادت ۽ وقت دولت آهي۔ جيڪو شخص پنهن جو وقت ضايع ڪري ٿو اهو ڪڏهن بہ خوشحال ٿي نٿو سگهي۔ هڪ چوڻي آهي تہ وقت جو سدائين اڳ جهليو ٻي صورت وقت کي پٺيان پڪڙي نٿو سگهجي۔

وقت جي اهميت کان هر بني بشر واقف آهي پر تنهن هوندي اسان جو نوجوان طبقو تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نوڪريءَ جي تلاش ۾ يا آسري ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيو آهي۔ اهو بہ هڪ وڏو سبب آهي مفلسيءَ ۾ واڌ اچڻ جو۔

رسمي تعليم سان گڏ هنري تعليم بيحد ضروري آهي جيئن نوجوان طبقو ڪنهن ڪار سان لڳل رهي ۽ معاشي طور مضبوط ٿي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿي سگهي۔

اڄ ڪلھ نوجوان ويندي ننڍن ٻارن تائين سارو ڏينهن موبائيل يا ٽي ويءَ تي فلم ڏسڻ ۾ گذاري ڇڏن ٿا انجو انجام ڇا ٿو ٿئي اهو اسان جي سامهون آهي تہ غربت جو گراف مٿاهين طرف مائل رهي ٿو۔

سستي ڪاهلي انسان کي ڪمزور ۽ بد دل بنائي ڇڏي ٿي سندس تخليقي سگھ گهٽجي وڃي ٿي۔ اڳتي هلي ڪري اهي بلڪل ناڪارہ بنجي وڃن ٿا ۽ ڪنهن بہ ڪم جا نٿا رهن۔

واندو ماڻهون شيطان جو ڀاءُ چوڻي جي مصداق واندا نوجوان سماجي برائين جي ور چڙهي وڃن ٿا۔ ڪي نشو واپرائن ٿا، ڪي جوا ۽ ڪي وري ٻين ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا۔ اهڙيءَ ريت سماج پست حاليءَ طرف ڌڪبو وڃي ٿو۔ اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ بک بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سبب ڏوھ ڦرون ڌاڙا ۽ ٻيون ڏوهاري سرگرميون وڌي وڃن ٿيون۔ والدين کي گهرجي تہ پنهنجي اولاد تي مڪمل ضابطي ۽ نظر هيٺ رکن جيئن اهي بري صحبت کان بچي سگهن۔

نوجوانن کي گهرجي تہ اهي وقت جي اهميت کي سمجهندي قيمتي وقت کي ضايع ٿيڻ نہ ڏين ۽ هڪ ذميوار شهريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض بخوبي احسن نباهيندا رهن۔ اهڙيءَ ريت پاڻ کي ۽ وطن کي خوشحال بنائن۔ هڪ ڪامياب شخص ئي بهتر زندگي بسر ڪري سگهي ٿو۔ مفلس لاچار ۽ بي روزگار شخص کان هر ڪو ڪنارو ڪندو رهندو آهي۔

وقت جي قدر سان، جيئڻ گهرجي،

ايئن ڪاميابي حاصل، ڪرڻ گهرجي۔

ناڪام ۽ بيوسيءَ واري زندگيءَ کان بچڻ لاءِ اهو عمل اشد ضروري آهي تہ اسان وقت جي اهميت کي سمجهندي سستي ڪاهلي ۽ ڪم چوريءَ کي ڇڏي دل لڳيءَ سان محنت مشقت ڪيون ڪامياب ۽ خوشحال زندگي گذاريون۔

Previous Post Next Post