انفلوئنزا اطالوي
ٻوليءَ جو لفظ آهي. ان جو مطلب influence اثر آهي. هي قديم نالو
آهي. ۽ وچين دور جا طبيب سمجهندا هئا تہ ان جو سبب تارن جو اثر آهي. هر ڪجھ ڏهاڪن کان
پوءِ ان جي زوردار لهر ايندي هئي. هي اها بيماري آهي جنهن جي هڪ سٽرين-ڏور 1918ع ۾
پنجاھ ڪروڙ جانون کڙڪائي ويون هيون. جڏهن اها اهڙي وبائي شڪل اختيار نٿي بہ ڪري تڏهن
بہ جان ليوا آهي. هر سال اڍائي کان پنج لک ماڻهو ان جي ڪري جان وڃائي ڇڏيندا آهن. اڄ
سائنسدان ڄاڻن ٿا تہ ان جو واسطو تارن سان نہ، پر وائرس سان آهي. فقط ڏهن جين رکڻ وارو
وائرس، جيڪو بيمار ماڻهن جي کنگھ، ڇڪ ۽ وهندڙ نڪ جي وسيلي پکڙجي ٿو. هڪ ڀيرو اهو نڪ
يا ڳلي تائين پهتو تہ پوءِ ساھ جي نڙي جي ديوار کي پڪڙي ان جي اندر گھڙي وڃي ٿو. هڪ
گهرڙي کان ٻئي تائين، هي ساھ جي نڙي جي ديوار ۾ تباهي مچائيندو رهي ٿو. هتي جي بلغم
۽ استر کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو، ائين جيئن ڪو ڏاٽئي سان ڪا پوک ڪٽي.
صحتمند ماڻهن
۾ مدافعتي نظام ڪجھ ڏينهن ۾ ان تي جوابي حملي سان ان جو صفايو ڪري ڇڏي ٿو. فلو ۾ سور،
بخار ۽ ٿڪاوٽ ٿيندي آهي. هڪ هفتي ۾ ٺيڪ ٿي وڃي ٿو. پر ان جو شڪار ٿيڻ وارن ۾ هڪ گهڻو
گهٽ انگ انهن جو هوندو آهي جتي سنجيدہ
انفيڪشن
ٿي وڃي ٿي. گهرڙن جي اها مٿاهين چادر، جنهن کي فلو جو وائرس نقصان پهچائي ٿو، ڪيترن
ئي نقصانڪار پيٿوجن جي خلاف رڪاوٽ بڻجي ٿي. پيٿوجن (نقصانڪار جراثيم) بلغم ۾ ڦاٿل رهن
ٿا ۽ دفاعي نظام جا گهرڙا انهن جو صفايو ڪري ڇڏين ٿا. پر جڏهن هيءَ مٿاهين چادر فلو
جو وائرس ڪٽي ڇڏي ٿو تہ پيٿوجن کي موقعو ملي ٿو تہ اهي خطرناڪ انفيڪشن ڪري سگهن، جيڪي
موتمار بہ ثابت ٿي سگهن ٿيون. سراسري طور، هڪ هزار مريضن مان هڪ ۾.
انفلوئنزا اهڙو
وائرس آهي جيڪو ماضيءَ ۾ ڪيترين ئي موتن جو سبب بڻيو آهي ۽ هر سال پنهنجا شڪار ڪري
ٿو، پر حيرت انگيز طور تي هي پراسرار آهي. موسمي فلو عام طور تي انهن لاءِ خطرناڪ آهي
جن جو مدافعتي نظام هن وائرس کي قابو نٿو ڪري سگهي. خاص طور تي ننڍڙا ٻار ۽ بزرگ. پر
1918ع جي وبا جهڙن واقعن ۾ اهو خاص طور تي مضبوط مدافعتي نظام وارن لاءِ موتمار ثابت
ٿيو.
پنهنجن سمورن
اسرارن جي باوجود اهو واضح آهي تہ هي آيو ڪٿان. پکين کان. انسان کي ٿيندڙ سموريون سٽرينون
ڏورن پکين ۾ ملنديون آهن. ان کان علاوہ
ڪيتريون
ٻيون بہ جيڪي انسانن کي نٿيون ٿين. ڪيترن ئي پکين ۾ اهو وائرس موجود رهي ٿو پر بيمار
نٿو ڪري. اهو انهن جي ساھ جي نڙي ۾ نہ، پر آنڊن ۾ هوندو آهي. فضلي جي وسيليءِ خارج
ٿئي ٿو. اهڙو پاڻي پيئڻ سان اهو ٻئي پکيءَ ۾ پهچندو آهي.
پکين جي فلو
جون ڪجھ ٽرينون ڏورون قسم جي رڪاوٽ ٽپي انساني وائرس بڻجي ويون. ڪيتريون ئي ناڪام الاهنگون
رهيون هونديون. ڇاڪاڻ تہ پکين ۾ انهن جو قدرتي گهر آهي ۽ اهو انهن کي انسانن ۾ پکڙڻ
مشڪل بڻائي ٿو. 2005ع ۾ هڪ سٽرين ڏور H5N1 پکڙجي وئي هئي جيڪا عام
فلو کان ٿوري وڌيڪ موتمار هئي. برڊ فلو انسان کان انسان ۾ منتقل نٿي ٿي سگهي، فقط پکيءَ
کان انسان ۾ ٿيندو هو.
فلو جو وائرس
پنهنجي جينز جون نقلون ٺاهڻ ۾ نڪمو آهي ۽ غلطين جي شرح وڌيڪ آهي. انهيءَ سبب ميوٽيٽ-ڦيرگهير
ٿيڻ جي رفتار وڌيڪ آهي. هي ميوٽيشن-ڦيرگهير ان وائرس لاءِ فائديمند آهن. ۽ اهو جلدي
انسانن سان واقف ٿي سگهي ٿو. ڪجھ ميوٽيشن-ڦيرگهير ان جي شڪل تبديل ڪن ٿيون، جنهن سبب
اهو انسانن کي سٺي طرح پڪڙي سگهي ٿو. ڪجھ ان کي انساني جسم جي درجہ حرارت ۾ رهڻ جي
قابل بڻائين ٿيون، جيڪا پکين جي مقابلي ۾ ڪيترائي درجا گهٽ آهي.
پکين ۾ اهو
آنڊي کان پاڻيءَ کان آنڊي ۾ پهتو آهي. انسانن ۾ اهو ساھ جي نڙي، قطري ۽ پوءِ ساھ جي
نڙي ۾. سياري ۾ اهو وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجي ٿو، خاص ڪري جڏهن نمي گهٽ هجي. خيال اهو
آهي تہ اهڙي موسم ۾ وائرس سان ڀريل قطرا ڪلاڪن تائين فضا ۾ رهن ٿا، جنهن سبب ان جي
منتقلي سولي ٿي وڃي ٿي. نمي واري موسم ۾ اهي جلدي ڪري پون ٿا.
ڪيترائي ڀيرا
فلو هڪ قطري تي سواري ڪري نئين ميزبان کي متاثر ڪري ٿو، جنهن کي اڳي ئي ڪنهن ٻي قسم
جي وائرس متاثر ڪيو هوندو آهي. جڏهن اهي ٻئي گهرڙي ۾ ملن ٿا تہ گڙٻڙ ٿي وڃي ٿي. جڏهن
ميزبان گهرڙو انهن ٻنهي جون نقلون ٺاهڻ جي حڪمن جي جوڙجڪ ڪري ٿو تہ جين پاڻ ۾ ملي وڃن
ٿا. اهو ائين آهي جيئن وائرس جنسي عمل ڪري رهيو هجي. ٻنهي ”والدين“
جا
جين ملهہ ٿي وڃن ٿا ۽ نيون ترڪيبون بڻجن ٿيون.
فلو جي تاريخ
۾ اهڙن واقعن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وائرس پنهنجي جينز جو مٽاسٽو ڪن ٿا. ڪجھ گهڻا
گهٽ موقعن ۾ وائرس انساني فلو ۽ پکين جي فلو جي وائرس جو ملهہ ڪري چڪا آهن. اهو هڪ
تباھ ڪندڙ واقعو آهي. ڇاڪاڻ تہ هيءَ نئين سٽرين ڏور سولائي سان هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي
۾ وڃي سگهي ٿي ۽ ڪنهن بہ انسان وٽ ان جو دفاع ناهي هوندو.
هر سال برڊ
فلو وائرس تبديل ٿيندا رهن ٿا. اهو انهن کي تباھ ٿيڻ ۽ ختم ٿي وڃڻ کان بچائي ٿو. فقط
انسان ئي نہ، گھوڙا، ڪتا ۽ ٻيا ممالياتي جانور بہ پکين کان اهو وائرس وٺي چڪا آهن.
هڪ وبا سوئر کان 2009ع ۾ پکڙجي هئي. ميڪسيڪو کان شروع ٿيندڙ سوائن فلو ۾ بدڪ، سوئر
۽ انسان جي فلو جي وائرس جو ملهہ هو.
فلو جي وائرس
کي پکڙجڻ کان بچائڻ جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو طريقو هٿن جي صفائي آهي. سائنسدان ان جي
ويڪسين ٺاهڻ جا بهتر طريقا ڳولي رهيا آهن. اها اڳڪٿي ڪري تہ ايندڙ سيزن ۾ ڪهڙو فلو
وائرس خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اڃا اسان فلو تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نہ ٿيا آهيون،
پر هاڻي ان لاءِ اسان تارن جي طرف نٿا ڏسون.