ڪنهن ڏکئي جي درد کي سمجھ پيارا ـ ارشاد علي پنھور

اسان جي سماج ۾ انيڪ مشڪلاتون ۽ سبب آهن جيڪي ماڻهن جي زندگيَ ۾ ڏکيائين مثل آهن. اھا غربت جي صورت ۾ ھجي يا بيماري جي، بيروزگاري جي صورت ۾ يا پوءِ اھي ناانصافي جي شڪل ۾، اڪيلائپ جي صورت يا، ذهني دٻاءُ. پر انهن سڀني ۾ سندس لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ماڻھن پاران، سندس ھر مشڪل ۽ ڏک درد ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيڻ. ڇاڪاڻ ته اڪثر اسان وٽ، جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي تڪليف بيان ڪري ٿو ته اسانجو سماج گهڻو ڪري کيس نصيحتن جون ڀريون ڏئي ٿو، پر سندس ڏانهن ڪو همدرديءَ جو هٿ ناهي وڌائيندو. مطلب ته اسين اهڙي سماج ۾ جي رهيا آهيون، جتي شور ته وڏو آ مگر حقيقي طور ڪنهن جي ڏکيائين ۽ پريشانين کي سمجھڻ ۽ ھٿ ھمراھي وارو ڪو به ڪونھي. سندس مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي ھرڪو واڪا ڪري ته ڳالھ ته ڪري ٿو مگر، سندس جي درد کي سمجهڻ لاءِ نه سندس وقت ڏيڻ جو مناسب وقت آهي نه ئي احساس نظر اچي ٿو. پر سماجي اصلاحن موجب ڪنهن ڏکئي جي درد کي سمجهڻ، رڳو همدرديءَ جو اظهار ئي نه، پر سماجي ذميواريءَ جو بنيادي اصول پڻ آهي، جيڪو سماج کي انسان دوست بڻائي ڇڏي ٿو.

ڪنهن جي درد کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريون قدم، کيس مناسب وقت ۽ توجهه سان ٻڌڻ آهي. پر شايد اسانجي سماج ۾ سيکاريو ئي ناهي ويو ته ڪنهن کي سندن مشڪل وقت ۾ ڪيئن ٻڌجي ۽ سندس ڪم اچي سندس جي لاءِ آساني جو ذريعو بڻجي. پر اسين ته ان جي برعڪس, ٻڌڻ بنا ئي فيصلا ڪرڻ ۽ الزام لڳائڻ جا عادي آهيون. اسانجي سماجي سطح تي، اهڙي روئي سبب درد گهٽجڻ بدران وڌي وڃن ٿا. درد رڳو روئڻ ۽ ڏک ظاهر ڪرڻ ئي ناهي، پر ڪڏهن اهو ماٺ ۾ ئي لڪل هوندو آهي. ڪڏهن وري ڪنهن جي مسڪراهٽ جي پردي پٺيان پڻ دردن جا انبار لڪل ھوندا آهن. جيڪي سندس جي روزمرھ  جي جياپي جي جدوجهد ۾ ڍڪجي ويندا آهن ۽ سماج اڪثر انهن دردن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي. پر اصل انسانيت تڏهن جاڳي ٿي، جڏهن اسان بغير سوالن جي ۽ اجائين اڻ ڏٺن فيصلن جي، ڪنهن ٻئي جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

ڪنهن ڏکئي جي درد کي سمجهڻ جو مطلب اهو ھرگز ناهي ته سندس مسئلا فوراً حل ڪري ڇڏجن. مگر اهو ضرور آهي ته اسان سندس احساسن کي جائز سمجهون ۽ سندس دردن جي ڪجھ راحت جو سبب بڻجون. جيڪو سندس لاءِ ڪنهن علاج يا مرهم جيان هوندو آهي. روز ڪيترين ئي اخبارن جي صفحن تي، ماڻهن جي ڏک ۽ دردن جون انيڪ خبرون ڇپيل ھونديون آهن. ڪو والد بيروزگاري سبب خودڪشي ڪري ٿو ته ڪا ماءُ علاج نه ملڻ سبب ٻار وڃائي ويھندي آهي، ته ڪڏهن مستقبل جي معمار نوجوان جي مايوسيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ جون خبرون ڇپجن ٿيون. پر اهي خبرون اسان لاءِ رڳو انگ اکر ئي بڻجي ويا آهن. جن کي پڙھيو، نظر مان ڪڍيو,اڳتي وڌيو وڃون ٿا. بغير ان ڳالھ سوچڻ جي ته انهن خبرن جي پويان ڪهڙا احساس، خواب ۽ ٽٽل حوصلا لڪل آهن.

ڪنهن ڏکئي جي درد کي سمجهڻ لاءِ پاڻ کي ان جي جاءِ تي رکي ڏسڻو ۽ سوچڻو پوندو آهي. شايد اسان به ساڳي حالت ۾ هجون ها ته ان ئي رويي کي منهن ڏيون ھا. ھمدردي جو مطلب صرف اهو ناهي ته هر ڳالھ سان متفق ٿي وڃجي، پر اهو ضرور آهي ته ٻئي جي احساسن جي عزت ڪئي وڃي. ڪنهن جي درد کي سمجهڻ لاءِ، وسيلن جي گھرج ڪونهي. پر ڪڏهن ڪو سادو جملو به ماڻهن جي درد ۾ دوا بڻجن لاءِ ڪافي هوندو آهي. ڪڏهن ڪنهن سان ڪجھ وقت گڏ گذارڻ سندس جو خاموش ساٿ ۽ ڪڏهن ته صرف سندس ويجھو موجود رهڻ ئي وڏي مدد بڻجي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته  درد کي سمجهڻ جو مطلب آهي انسان کي انسان سمجهڻ ۽ ان جي ڏکن ۽ مشڪلاتن جو ساٿي بڻجڻ آهي.

ڪنهن ڏکئي جي درد کي سمجهڻ لاءِ، ڪا اضافي خوبي نه پر انسانيت جو درد رکڻ وارو حقيقي انسان هجڻ ئي بنيادي شرط آهي. سماج پڻ تڏهن ئي محفوظ، مهذب ۽ خوشحال بڻجي سگهي ٿو. جڏهن اسان ٻين کي مناسب نموني سان ٻڌڻ محسوس ڪرڻ ۽ سمجهڻ سکون. ڇاڪاڻ ته جيڪو سماج ٻئي جي درد کي نٿو سمجهي، سو ڪو سلجھيل سماج نٿو سڏجي. سماج جي سچائي ان ڳالھ مان به پرکبي آهي ته اهو ڪمزور ۽ درد وندن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته طاقتور جا حالات ته خود ڳالھايون ڪندا آهن، پر ڪنهن مسڪين ۽ ڏکئي جي درد کي سمجهڻ اصل امتحان ھوندو آهي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جي درد کي سنجيدگي سان سمجھڻ جي ڪوشش شروع ڪريون ته شايد ڪيترائي زخم وقت کان اڳ ئي ڀرجي پون.


Previous Post Next Post