راشد مورائيءَ جِي ٻارهين ورسي ۽ محبتن جا روشن رنگ ـ رپورٽ ـ مختيار علي شاھ ”مختيار“

خوشبوءِ ڀَرِي هَوا ۾، پيار ۽ پريت جِي سُرهاڻ سان مهڪندڙ ماحول ۾، محبتن سان ڀرپور ميلي، پنهنجائپ ۽ پاڪيزگيءَ جي حسين منظر ۾، ڪلچر سينٽر مورو ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم انسان، مانواري قبلا سائين سيد راشد علي شاه راشد مورائي جِي 12هين ورسي نهايت ئي جوش، جذبي، خلوص، محبت، مُسڪراهٽن ڀَرين چَهرن ۽ لُڙڪن جي لارُن سان راشد مورائي يادگار ڪاميٽي پاران، ثقافت کاتي جي سهڪار سان شاندار نموني ملهائي وئي.

هن ورسيءَ کي ٽن خوبصورت ۽ منظم نشستن ۾ ورهايو ويو.

پهريون مرحلو: آجياڻو تقريب جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالياني چونڊن ۾ ڪامياب عهديدارن، ۽ ضلعي نوشهرو فيروز جي بنا مقابلي چونڊيل ضلع رابطہ سيڪريٽري مختيار علي شاه مختيار جن کي آجياڻو ڏنو ويو.

پهرين نشست: ادبي تقريب: هن علمي ۽ ادبي نشست جي صدارت محترم مدد علي سنڌي صاحب ڪئي، جڏهن تہ مهمانِ خاص طور ڊاڪٽر شير مهراڻوي (چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي) شرڪت ڪئي۔ مقررن پنهنجي فڪر انگيز تقريرن وسيلي راشد مورائيءَ جي شخصيت ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي۔

ٻي نشست مشاعرو: مشاعري واري محفل جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم احمد سولنگي صاحب ڪئي، جڏهن تہ مهمانِ خاص محترم ادل سومرو صاحب هئا۔ اعزازي مهمانن ۾ سائين تاج جويو، پروفيسر اصغر ڀريائي ڀٽي، محمد ادريس جتوئي، رکيل مورائي، پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙو، غلام مجتبيٰ جوکيو، ستار سندر، بخشل باغي، اقبال شاهين، ڊاڪٽر سيد ڪرم علي شاه، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پروفيسر عزيز قاسماڻي، سائين آزاد انور ڪانڌڙو ۽ پريتم قاضي شامل هئا۔ هن نشست ۾ شاعرن پنهنجي شاعريءَ وسيلي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔

ٽين نشست محفلِ موسيقي: محفل جي شروعات لطيف راشد ۽ جي ايم سيد جي اڳواڻيءَ ۾ خليفي سائين جي قبرستان پهچي راشد سائين جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ ۽ لطيف سرڪار جي وائي پيش ڪئي وئي. واپسيءَ تي لطيف سرڪار جي راڳي منٺار فقير چئن نياڻين جي سُنگَ ۾ لطيف سرڪار جي چئن سرن مان چار ڪلام ڳائي محفل کي وجد ۾ آڻي ڇڏيو.

ڪمپيئرنگ ۽ انتظام: ورسيءَ جي باقاعدہ شروعات پوڻين يارهين وڳي ٿي.

پهرين نشست جي ڪمپيئرنگ سيد منظور علي شاه منظور ڪئي، جڏهن تہ ٻي نشست جي ڪمپيئرنگ پڻ مختيار علي شاه مختيار جن ڪئي، جن سان گڏ محبتي ملاح پڻ پنهنجو سهڻو ساٿ نڀايو.

مهمانن کي لُنگيون پارايون ويون، جڏهن تہ آجياڻي لاءِ هن ڀيري سائين راشد مورائيءَ جي نياڻي، ڀيڻ سونهن راڻي کي اسٽيج تي سَڏيو ويو. جنهن جي درد ڀريل ۽ حقيقت تي ٻڌل لفظن ڪيترن ئي سڄڻن سميت مختيار شاه جي اکين کي بہ آلو ڪري ڇڏيو۔

ورسيءَ ۾ 367 ماڻهن جي ڀرپور ۽ يادگار حاضري رهي. مهمانن لاءِ ٿڌي پاڻي، ماني ۽ بار بار چانھ پيارڻ جو بهترين بندوبست راشد مورائي يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين سائين لطيف راشد جي نگرانيءَ هيٺ ڪيو ويو۔ پهريون ٻہ نشستون لڳاتار پنج ڪلاڪ جاري رهيون ۽ مهمانن بہ خوب پنهنجو پاڻ ملهايو.

آخري ۾ پروگرام جي پڄاڻيءَ تي فنڪارن ڪامران ۽ رضوان، دلدار اوٺي، غلام شبير شاهاڻي ۽ اعجاز فقير خاصخيلي وارن پنهنجن سُرن ۽ سازن سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جن کي ڀرپور داد سان نوازيو ويو. هي شاندار ۽ يادگار پروگرام رات جو ستين وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، پر پنهنجي پويان محبتن، يادگيرين ۽ راشد مورائيءَ جي فن ۽  فڪر کي وڌيڪ زندہ ڪري ويو.

راشد سائين جي ورسيءَ جي هن پُرنور ۽ محبت ڀرئي ميڙ ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني معزز مردن ۽ عورتن جا دل جي گهراين سان لک ٿورا مڃيون ٿا، جن پنهنجي موجودگيءَ سان هن محفل کي سونهن ۽ سچائي بخشي. اوهان جي محبت، عقيدت ۽ ساٿ اسان لاءِ وڏو حوصلو آهي. ساڳئي وقت، جن مانوارن شاعرن کي وقت جي کوٽ سبب پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ جو موقعو نہ ملي سگهيو، تن کان دل جي گهراين سان معذرت خواہ پڻ آهيون. ان اميد سان تہ اهي اسان کي درگذر ڪرڻ فرمائيندا. هونئن بہ اوهان جو قدر ۽ احترام اسان وٽ برابر آهي، ۽ اميد ٿا رکون تہ ايندڙ محفلن ۾ اوهان جي آواز کي ڀرپور موقعي سان ٻڌنداسين.

اسان صحافي برادريء جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اچي هن تقريب کي بهترين نموني ڪوريج ڏئي ان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ يادگار بڻايو. ان سان گڏوگڏ، انهن سمورن محنتي، محبتي ورڪرن ۽ ساٿين جا بہ بيحد احسانمند آهيون، جن دل و جان سان هن ورسيءَ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. چاهي رڌ پچاءُ هجي، سبيل هلائڻ هجي، مهمانن کي چانھ پيارڻ ۽ ماني کارائڻ هجي يا هال کي سينگارڻ، انهن سڀني پرين پيارن جا اسان تي وڏا وڙ آهن.

مهربانيون، اوھن سڀني لاءِ محبتون ۽ دعائون. ساٿ سلامت ! محبتون قائم


Previous Post Next Post