سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن موري پاران ٽي ڏھاڙا ڪتابي ميلو
6-7-8 ڊسمبر 2025 بروز ڇنڇر آچر ۽ سومر تي موري جي عظيم استادن سائين فيض
محمد سومرو ۽ سائين فتح الدين سومرو جي مڃتا طور سندن ياد ۾ مھراڻ
سٽيزن ڪلب مورو ۾ وديا پبليڪيشن جي سھڪار سان لڳايو ويو. جنھن جي افتتاحي تقريب
6 ڊسمبر بروز ڇنڇر تي ٿي گذري جنھن جي صدارت
ميونسپل ڪاميٽي موري جي چيئرمين محترم نذير احمد ميمڻ ڪئي جڏھن تہ مھمانن ۾ سگا شاخ موري جو صدر پروفيسر شمشاد
احمد سومرو، ڪلچر کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبي جوکيو، مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو پرنسپال پروفيسر عبدالغفار ڪيريو، يوڪي (uk) ۾ رھندڙ ڊاڪٽر مشتاق احمد سومرو، سويڊن ۾ رھندڙ
انجنيئر عبدالله عثمان مورائي، محمد اسلم امين آرائين ۽ مھراڻ سٽيزن ڪلب جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر وجھ الدين
ميمڻ ھيا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. جنھن جي سعادت محمداسلم رائو حاصل ڪئي. جنھن بعد پروفيسر شمشاد احمد سومري مھمانن
جي آجيان ڪندي سندن ٿورا مڃيندي چيو تہ
سگا
موري شاخ پاران اڄ پنھنجي عظيم استادن جي نالي سان ڪتابي ميلو لڳايو آھي. اسان جي عظيم
استادن سائين فيض محمد سومري ۽ سائين فتح الدين سومري بيدار مورائي اسان شاگردن کي
نہ صرف بھترين نموني سان پڙھايو پر اسان جي
تربيت ڪئي ۽ شاگردن جي اخلاقيات تي ھنن استادن وڏو ڪم ڪيو. سائين فتح الدين سومرو ن
صرف بھترين استاد ھيا پر بھترين ليکڪ ھيا سندن 60 کان مٿي ڪتاب لکيل آھن. اسان سگا موري شاخ پاران
2015 کان لڳاتار ھرسال ڪتابي ميلو لڳرائيندا آھيون ۽ اڄ مسلسل ھي ڏھون ڪتابي ميلو آھي، جيڪو ھن سال لڳايو آھي.
اسان ھرسال
ڪتابي ميلي سان گڏوگڏ اسڪن ڪيمپ ۽ ٻيا علمي ادبي سماجي پروگرام ڪندا رھندا آھيون. آئون سگا موري جي صدر جي حيثيت سان توھان سڀني
مھمانن جو دلي طور شڪر گذار آهيان جو اوھان اسان جي نماڻي نينڊ کي مان ڏنو آھي. ان
بعد تقريب ۾ پروفيسر عبدالغفار ڪيريو ڳالھائيندي
چيو تہ ڪتاب انسان جو بھترين ساٿي آھي، جيڪو ذھنن کي روشن ڪري ٿو ۽ نوجوانن جي مستقبل
کي تعمير ڪري ٿو. سگا موري جي اڳواڻ محمد
اسلم عباسي چيو تہ ڪتاب انسان
لاءِ نيون راھون نوان رستا کولين ٿا ۽ نئين دنيا روشناس ڪرائين ٿا. انھيءَ ڪري سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن جي خاص طور تي اھا ڪوشش رھي آھي تہ
نوجوان
لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ خاص طور علم ادب
جي فروغ لاءِ ھن قسم جھڙا
ڪتابي ميلا سنڌ اندر منعقد ٿيڻ کپن ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران
پڻ ھي ڪتابي ميلو لڳايو ويو آھي. اوھان ڏسو تہ
ھن
ميلي م خاص طور نوجوانن جو ڪيترو تعداد آھي
ان سان گڏ بزرگ آھن شھري آھن جيڪي هن ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيا آھن ۽ اھوئي مان سمجھان
ٿو تہ ڪتابن
سان علم سان وڏو پيار آھي.
علم ادب دوست
ڊاڪٽر مشتاق سومرو ڳالھائيندي چيو تہ
ڪتابن
جو قدر جي پچڻو آھي تہ اوھان يورپ
جي ماڻھن کان پڇو جيڪي ڪتابن کي دل سان سانڍين ٿا. اڄ
ھتي اچي مون کي خوشي ٿي آھي خاص طور نوجوانن جو جھجھو تعداد ڏسي ان لاءِ مان سگا مورو وارن کي واڌايون ڏيان ٿو. اھڙا ڪتابي ميلا ئي اسان جي سوچ کي تبديل ڪندا ۽
ھنن سان سماج ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي. خادم بالادي چيو تہ ڪتاب سماج جا سونهان آھن ڪتاب سماج جا رھنما
آھن ڪتاب سماج جا فڪري اوھان آھن، جيڪي قومون
ڪتابن سان پيار ڪنديون آھن اھي امن پسند ھونديون آھن محبت ڪندڙ ھونديون آھن اخلاقي
سماجي ۽ ثقافتي قدرن ۾ اوچيون ھونديون آھن. ان سلسلي ۾ ڪتاب جو ڪردار سماج ۾ اھم آھي.
سگا موري پاران ڪتابي ميلو اھم آھي ۽ نوجوانن کي پيغام ڏيندس تہ اسين غير ثقافتي صورتحال ۾ رھون پيا وري
ثقافتي قدم ڏانھن موٽائڻ لاءِ وري پاڻ کي سماجي قدم ڏانھن موٽائڻ لاءِ ڪتاب پڙھن ڪتابن
ڏي ڌيان ڏين ۽ ڪتاب پڙھن. موري ڄائي اديب
۽ سماجي ايڪٽوسٽ اڄڪلھ سويڊن ۾ رھائش پذير عبدالله عثمان مورائي سگا موري جي ساٿين
کي مبارڪون ڏيندي چيو تہ سگا مورو ھر
سال ڪتابي ميلا، اسڪن ڪيمپون،
ميڊيڪل ڪيمپون، فلاحي ڪم، اسڪولن جي سار سنڀال لھن ٿا جيڪا فخر لائق ڳالھ آھي. ھي ڪتاب ئي اسان جي سوچ کي تبديل ڪري ٿو
۽ صحيح معنيٰ ۾ اسان کي انسان بڻائي
ٿو. اھڙا ڪتابي ميلا سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وستي وستي ۾ لڳڻ کپن.
چيئرمين ميونسپل
ڪاميٽي مورو محترم نذير احمد ميمڻ صدارتي تقرير ڪندي چيو تہ مون کي سگا
مورو جي ڪيل سماجي ڪمن تي فخر آھي جيڪي
ھر سال ڪتابي ميلو ھڻندا رھن ٿا ۽ ھنن اڄوڪو ميلو اسانجي عظيم استادن جي نالي ڪيو آھي، جن اسان کي بھترين نموني سان پڙھايو ۽ گڏوگڏ
اسان جي اخلاقي تربيت پڻ ڪئي. انھن عظيم استادن
کي ڪڏھن بہ وساري نٿو سگهجي. ھنن
ڪتابي ميلن سان نوجوان نسل جو لاڙو ڪتابن ڏانھن ٿيندو مون کي ھتي نوجوانن کي جھجھي
تعداد ۾ ڏسي انھن کي ڪتاب خريد ڪندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي. آئون ھن شاندار ڪتابي
ميلي منعقد ڪرڻ تي سگا موري جي ساٿين کي مبارڪون
ڏيان ٿو. تقريب جي ڪاروائي سگا موري شاخ جي اڳوڻي صدر محمد اسلم عباسي ھلائي. ھن تقريب
۾ مھراڻ ڏگري ڪاليج موري جي پروفيسرن پروفيسر گل ميمڻ، پروفيسر
محمد يوسف شيخ، پروفيسر افتخار ٻگھيو، پروفيسر ظھير ميمڻ، پروفيسر زاھد سيال، پروفيسر
اعجاز ڦل، پروفيسر زاھد حسين لانگاھ، پروفيسر غلام
حسين ڦل، سائين اشرف گلاباڻي، سائين رياض ميمڻ، اسلم
ڪوريجو، جاويد ملاح، جاويد ڪانڌڙو، يونائيٽيڊ پبلڪ
اسڪول جو پرنسپال سائين محمد ياسين جيسر، محمد
يعقوب ڍلو، عبدالرحمان چنو، آئيڊيل پبلڪ اسڪول جو سي اي او قاضي شفيع محمد، پروفيسر
انيس خاصخيلي، پروفيسر معشوق محسن
ابڙو، انجنيئر عنايت ميمڻ، سائين ذاڪر
ميمڻ ۽ ٻين علمي ادبي سياسي سماجي شخصيتن سان گڏ صحافي جاني جماڻي، اسحاق ڪورائي، بشير لغاري، وحيد مستوئي، رياض عالماڻي، رائو تيمور رائو، عزيز سابقي، رضوان جماڻي، خدا بخش ميمڻ، ظفر پنھور،
جاني
مورائي، منظور لغاري، اياز
سولنگي، الطاف سومرو، محمد جمن مورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ھن ڪتابي ميلي ۾ خاص طور نوجوانن
جي ڀرپور شرڪت رھي .
تقريب کانپوءِ نذير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو
معزز مھمانن سان گڏجي ڪتابي ميلي جي افتتاحي پٽي ڪٽي ڪتابي ميلي کي وزٽ ڪيو. تقريب
جي سڀني شرڪاء ڪتابي ميلي مان ڪتاب خريد ڪيا .
ڪتابي ميلي
جي ٻئي ڏينھن 7 ڊسمبر بروز آچر تي پڻ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، آئيڊيل پبلڪ اسڪول مورو ۽ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول مورو
جي شاگردن وڏي تعداد ۾ پھچي ڪتابن جي خريداري ڪئي. ان ڏينھن تي موري جي اديبن شاعرن
خليق ٻگھيو، اسلم عباسي، بالا
بلوچ، اشرف سولنگي، اسير ڏاھري، محبتي ملاح،
ھاشم سولنگي، اعجاز دونگھ، امين چانديو، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ،
اظھار مخدوم ۽ شھرين شاگردن سماجي ورڪرن پڻ ڪتابي ميلو وزٽ ڪيو. سگا مرڪز جو ڊپٽي سيڪريٽري
پروفيسر بخش علي چانڊيو ۽ سگا ڦل شاخ جو جنرل سيڪريٽري پروفيسر رياض احمد چانڊيو پڻ
ڪتابي ميلي ۾ آيا ۽ ڪتابي ميلي کي گھمي ڪجھ ڪتاب خريد ڪيا.
ڪتابي ميلي
جي ٽئين ڏينهن 8 ڊسمبر بروز سومر تي پڻ ڪتابي ميلي ۾ ڪتابن ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ وارن جي
رش رھي. ھن آخري ڏينهن تي آئيڊيل پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏوگڏ مارئي ڪاليج مورو جي
شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ پنھنجي استادن پروفيسر انيس
خاصخيلي، ميڊم ڪنول ٻرڙو ۽ ميڊم نرجيس بيبي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪتابي ميلي کي وزٽ ڪئي ۽
ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. ان موقعي تي ڪاليج جي شاگردياڻين ميڊيا سان ڪتابي ميلي کي ساراهيندي چيو تہ اسان کي خوشي ٿِي آھي جو اسان کي پنھنجي
شھر ۾ ڪتابي ميلي ۾ شرڪت جو موقعو مليو آھي ان لاءِ
اسان
پنھنجي پرنسپال ميڊم افشان ڪانڌڙو ۽ سگا مورو جا شڪر گذار آهيون. ھتي اسان کي گھر ويٺي
بھترين ڪتاب مليا آھن.
ميلي جي ھن
ٽئين ۽ آخري ڏينھن تي پڻ موري جي اديبن اسد سولنگي، ايڊووڪيٽ امداد سولنگي، وقار سيال،
انجنيئر نواز چنا، سابق ھيڊماستر سائين گل محمد ٻگهيو، سائين محمد يوسف سومرو، سائين
اشرف گلاباڻي، سائين رياض ميمڻ، استاد محمود علي اعواڻ، سيد
ماجد علي شاھ، ڪامريڊ خادم چانڊيو، نور سولنگي، سائين محمد اسلم ٽيپو، ساگر حب، ڪالو
فقير، حاجي نياز احمد جويو (دادو)، يوسف سومرو (دادو
)، صحافي ۽ شاعر ظفر ٻگھيو، صحافي محمد
طالب کوسو، صحافي جاني مورائي، الطاف سومرو سان گڏ موري جي مختلف ڪوچنگ سينٽرن ۽ اڪيڊمين جي شاگردن، شھرين ۽ سگا
ساٿين پڻ ڪتاب خريد ڪيا. ايئن ھي يادگار
۽ شاندار ڪتابي ميلو شام جو ڇھين وڳي پڄاڻيءَ تي پهتو.

