ڌرتيءَ جي ھن گولي تي ڪي اھڙيون بہ جايون آھن، جن جي
مٽيءَ وقت بہ وقت گوھرن کي جنم ڏنو آهي. موري جي مٽي بہ انھن مان ھڪ آھي، جنھن مان
ڪيترين ئي اھڙين ھستين جنم ورتو آھي. موجوده دؤر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نئين
ٽهيءَ مان صوفي امتياز ٻلال بہ ھڪ اھڙو حوالو آھي، جنھن جو تعلق بہ موري جي مٽيءَ
سان آھي، جنھن شاعريءَ جي حوالي سان مخدوم غلام محمد گچيرائي ۽ سليمان شاهہ لڪياري
کان ويندي راشد مورائي، رمضان نول کان وٺي احمد سولنگي، مئڪش سومرو، ايس نسيم
ميمڻ، شبانہ عالماڻي ۽ عزيز سولنگيءَ کان صوفي امتياز ٻلال تائين ڪيترين ئي ٽھين
کي جنم ڏنو آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ جي موجوده ٽھيءَ مان امتياز ٻلال جو
ھي ٻيو شعري مجموعو آهي. ھن کان اڳ سندس پھريون شعري مجموعو ”درد ميڙي مون رکيا“
(2022ع) سنڌي شاعريءَ ۾ پنھنجي جوڳي جاءِ ٺاهي پڙھندڙن کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪرائي
چڪو آهي. ھن ڪتاب ۾ امتياز جي سموري شاعري غزل جي صنف تي مشتمل آهي. ھونئن تہ
امتياز ٻلال شاعريءَ جي گھڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ھن جي بنيادي سڃاڻپ
سندس غزل ۽ نظم آھن. ھن ڪيترائي خوبصورت غزل لکيا آهن، جن ۾ سليس اظھار، دلڪش
انداز ۽ دل کي ڇهندڙ نرم ۽ نازڪ لفظن جو انتخاب آھي. سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سندس
غزلن کي پنھنجي مڌر آواز جي امرتا بخشي آهي. ڏٺو وڃي تہ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾
غزل جي صنف سدائين فڪري، فني ۽ جمالياتي تجربن جو اهم ميدان رهي آهي. هر دور ۾ نون
شاعرن پنهنجي اندر جي ڪيفيتن، سماجي احساسن ۽ عصري شعور کي غزل جي سانچي ۾ پيش ڪري
هن صنف کي نيون معنائون بخشيون آهن. امتياز ٻلال جي شاعريءَ جي مطالعي مان پرک پوي
ٿي تہ سندس شاعري رڳو جذبن جي اظهار تائين محدود ناهي، پر اها سماج جي گهري
مشاهدي، داخلي ڪيفيتن ۽ اجتماعي دردن جي ترجمان بہ آهي. سندس غزلن ۾ محبت، حسن،
رومان، داخلي تڪليفن سان گڏ سماجي ناانصافين، غربت، غلامي، استحصال ۽ قومي پيڙا جا
عڪس نمايان نظر اچن ٿا. هن جو شاعراڻو سفر روايت ۽ جدت جي سنگم تي بيٺل آهي. هو
عروضي پابندين کي برقرار رکندي بہ نون خيالن، نون استعارن ۽ نئين لهجي سان غزل کي
پنهنجي ذاتي سڃاڻپ عطا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ امتياز جا غزل عروضي تقاضائن سان ھم آھنگ
فني توڙي فڪري پختگيءَ سان سرشار آھن. ھن غزل جي شاعريءَ ۾ مجازي عشق، محبتن جي
ترانن، ھجر جي ڳالھين، وصال جي لذتن وغيره کان وٺي محبوب جي ادائن، جفائن ۽ ستم
ظريفي جي واقعن تائين جو ذڪر نھايت ئي خوبصورت نموني سان ڪيو آهي. ھن جي غزلن توڙي
نظمن جو گس پنھنجو ۽ الڳ آھي، جن تي ڪنھن جي چٽي ڇاپ نظر نہ ٿي اچي. دليل طور ھيٺ
ڪجھ سندس غزلن جا شعر/ بيت ڏجن ٿا.
ننڊ تڏھن آ ڀاڪــر پاتو نيڻن سان،
الڪا رکيا ويڙھي رات وھـــاڻي ۾.
يا
مرڪ جي سنگ سان تو نھاريو ڪٿي،
ساڀيان خواب ۾ تو گھرايو ڪٿي.
ڪھڪشان کان اڃان سوچ منهنجي ڊگھي،
مون آ ھيمون ۽ ھوشو وساريو ڪٿي.
لوڏ خيالـن جي ھر رات مون آ ٻڌي،
تون چوين ٿو مگر مون پڪاريو ڪٿي؟
وقت جا ابن ـ ملعون لعنت ھجئي،
ڏيھ ۾ تو ڏيئو رات ٻاريو ڪٿي.
ڌوڙ دل جي درن تي ڄمي آ وئي،
ساھ جو پل سکيو آ گذاريو ڪٿي.
امتياز جي مٿين شعرن ۾ داخلي ڪيفيت، فڪري بيچيني ۽ سماجي
شعور جو خوبصورت سنگم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن ننڊ، خواب، خيال ۽ شعور جي علامتن وسيلي
انساني احساسن جي اڻپوريءَ، انتظار ۽ محروميءَ کي اظھاريو آهي.
ھو اميدن جي کوٽ ۽ خوابن جي ادھوري اظھار سان گڏ،
ڪھڪشان، ھيمون ۽ ھوشو جھڙن استعارن ذريعي تاريخي شعور، مزاحمتي فڪر ڏئي ٿو. امتياز جي غزلن جي خوبين مان اھيا بہ
خوبي آھي تہ ان جي ھر شعر/ بيت جو الڳ جھان آھي. ان جو ھر مضمون منفرد ۽ مڪمل
نظريي جو حامل آهي. غزل ۾ ھن مختلف شعرن ۾ الڳ خيال ۽ غزل جي حسناڪي برقرار رکڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. ھن جي غزلن ۾ تخيل جي سگھ سان گڏ، خيالن جو رنگين جھان ۽ موضوعاتي
نواڻ بہ نظر اچي ٿي. فني لحاظ کان ھن ننڍي بحر سان گڏ وڏي بحر تي بہ اظھاريو آھي.
ھن جي اظھار ۽ پيشڪش ۾ ڪوبہ دقيق پڻو ناھي، جنھن ڪري قاريءَ کي پڙھڻ توڙي سمجھڻ ۾
ڪابہ ڏکيائي درپيش نہ ٿي اچي. سندس ٻولي سليس ۽ لھجو عوامي رنگ سان رڱيل آھي. مثال
طور سندس ھي شعر ڏسو.
منھنجي جھوني جھوپي جو آ ھانءٌ ڦٿو،
ٿوڻي ڏي تون خالق ڪا وسڪارن کي.
بک گھري ٿي پيٽ ڀرڻ لئہ لولو بس،
ڪانه مڃيندي ٽيھن آ سيپارن کي.
ڇو مري احساس جي وئي ڀيڻ آ؟
پيٽ پنھنجو ماءُ کپائي ٿي وڃي.
درد جي مون کي ڪڍي ڪشڪول مان،
روح منھـنـجو اڄ رجھائي ٿي وڃي.
مينڌرا ڪوڪون ڪنائج ڪاڪ مان،
پاڻ مومـل اڄ جلائي ٿي وڃي.
مند ڪاٿي مينـهن جي "امتياز" آ،
ياد دل جا در
پسائي ٿي وڃي.
امتياز زندگيءَ جي هر رنگ کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آهي.
معاشري جي بدحالي، ناانصافي، غلامي، سرمائيداري نظام، پورھيت طبقي جي پيڙا ۽ ٻين
انيڪ سماجي بيمارين سندس ذھن کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ ان جي
شاعريءَ ۾ انھن سمورين براين جو عڪس جابجا ڏسي سگھجي ٿو. امتياز ھتي غربت، بک،
محرومي ۽ طبقاتي ناانصافي جو ذڪر ڪري ٿو. جھوني جھوپي ۽ ھانءُ ڦٿڻ جا استعارا غريب
انسان جي زبون حالي، خوف ۽ بي وسي کي ظاهر ڪن ٿا. ھو انساني زندگيءَ ۾ رحمت،
انصاف، سڪون جي طلب ڪرڻ، سچ ۽ غربت جي ڳالھ ڪري ٿو. جڏهن پيٽ خالي هجي تہ واعظ،
نصيحتون ۽ مقدس ڪتاب بہ عملي سهارو نٿا بڻجن. امتياز وٽ سادي ٻولي، عام فهم،
تشبيهن ۽ استعارن جو سھڻو استعمال ملي ٿو .هو بک، غربت ۽ ناانصافي کي بيان ڪرڻ سان
گڏ سماج جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ڳوڙھو ڳوڙھو ٽنگيل آهي ٽاريءَ ٽاريءَ ۾،
ھڪڙو ڪاٿي لاش لڪل آ ٿر جي واريءَ ۾.
منهنجي خوابن جو آ ڀڄي ٿيو ست ٽڪرا شيشو،
سنڌ سڄي ڏســندو ھان زخمي ڪارو ڪاريءَ ۾.
کنگھ جي لٺ کي کڙڪائي ويو جھونو رات مري،
سيرپ جاڳيل ڏســندو آھيان گھر جي جاريءَ ۾.
ڪير خريدڻ مون کان ڇو ”امتياز“ نه ايندو آ،
بک کڻي مان ڦرندو آھيان پاڻ تغاريءَ ۾.
امتياز ھن غزل ۾ موجوده سماجي، معاشي ۽ نفسياتي بحرانن
جو گهرو ۽ ڪربناڪ عڪس چٽيو آهي. ھو علامتن، استعارن جھڙوڪ ”ڳوڙهو ٽاريءَ ٽاريءَ ۾
ٽنگيل“ ۽ ”ٿر جي واريءَ ۾ لڪل لاش“ وغيره
۽ تصوير ڪشي
وسيلي هڪ اهڙو منظرنامو تخليق ڪري ٿو، جتي فرد جي تڪليف، سماج جي بيحسي ۽ قومي زخم
پاڻ ۾ ڳنڍيل نظر اچن
ٿا. ”خوابن جو شيشي وانگر ست ٽڪرا ٿيڻ“ جھڙي علامت، ”سنڌ سڄي زخمي ڪارو
ڪاريءَ ۾“، ”جھونو رات مري“ ۽ ”کنگھ جي لٺ“ ، ”گھر جي جاريءَ ۾ سيرپ جاڳيل ڏسڻ“ ، ”بک
کڻي تغاريءَ ۾ ڦرڻ“ جھڙيون علامتون آھن. يا ھي شعر ڏسو.
خون لڙھي ويو ڪارونجـھر جو خاموشي آ ڇو؟
گرم اڃان بنــــدوق جي ڏس تون منسب نالي آ.
در در ڇو ”امتياز“ وفا جا انگ وڪامن ٿا،
ديس اسان جي ۾ ڪيـڏي يارو بدحالي آ.
کٿوريءَ ۾ واســيل وھاڻو ڪٿي آ،
او مومل ٻڌاءِ تون ته راڻـو ڪٿي آ.
وٺي روپ مان سـرمدي اڄ وريو ھان،
اھا فتوا قاضـــي ۽ گھاڻو ڪٿي آ.
امتياز جي شاعريءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جا گهرا سماجي،
سياسي ۽ مزاحمتي رنگ نمايان نظر اچن ٿا. هو لفظن وسيلي رڳو احساس نہ، پر پنهنجي
دؤر جي اجتماعي پيڙا، قومي المين ۽ اخلاقي زوال کي بہ بي نقاب ڪري ٿو. سندس شاعري
سوال اٿاريندڙ آهي، جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.
مٿين شعرن ۾ ڪارونجھر جهڙو علامتي استعارو استعمال ڪري
امتياز ڌرتي، سڃاڻپ ۽ تاريخي وقار جي خونريزي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ”خون لڙھي ويو
ڪارونجھر جو خاموشي آ ڇو؟“ سٽ سماج جي بي حسي، خاموش تماشائي بڻجڻ ۽ ظلم آڏو چپ
رهڻ خلاف سخت احتجاج آهي. ڪارونجھر هتي رڳو جبل نہ، پر سنڌ جي غيرت، مزاحمت ۽ فطري
ورثي جي علامت آھي. امتياز جي شاعري فڪري لحاظ کان مزاحمتي، علامتي ۽ شعوري آهي.
هو ذاتي احساسن کان اڳتي وڌي اجتماعي شعور جي ترجماني ڪري ٿو. ھن جي غزلن جي
حسناڪين مان موسيقيت، لئي جھڙا عنصر بہ آهن. توڙي جو ھو غزل کي بنھ نئون رنگ،
لھجو، لڳاءُ، رس چس، نوان تجربا، تخليقي ٻولي، ڳوڙھو فڪر تخيل جي پرواز ان سطح جي
ڏئي نہ سگھيو آھي، پر پوءِ بہ ھن وٽ فڪري لاڙو اھيو آھي تہ ھو رومانٽڪ ۽ سماجيات
پسند شاعر آھي. ھن جي غزلن ۾ اکين جو ذڪر، لقاء ۽ مختلف تصور دلڪش نموني آرٽسٽڪ
انداز سان پيش ڪيل نظر اچن ٿا. ھن وٽ رومانيت ۽ جماليات جا رنگ پنھنجي مخصوص سليس
انداز ۾ پورٽريٽ ڪيل آھن. ھيٺين شعرن ۾ ”خطن کي گھوگھا ڏيڻ“، ”ھوا جي پنن تي لکڻ“،
”اکين جا در ٻيڪڙڻ“ جھڙا شاعراڻا تصور وڻندڙ آھن. امتياز جي غزلن ۾ سونھن، حسن ۽
عشق، عاجزي، بيقراري، آنڌ مانڌ، لڇڻ، سڪ، اڪير جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن.
سندس ڪجھ اھڙين خوبصورت سٽن جا عڪس ھت پيش ڪجن ٿا.
چپن کي چپن سان چـمان اڄ کڻي،
صدين جو پرين ٿڪ ڀڃان اڄ کڻي.
اسان جي خطن کي تون گھوگھا نه ڏي،
ورائي ڏي واپـــس وڃان اڄ کڻي.
ڏٺو چنــــڊ جھڙو اگھاڙو بدن،
ھوا جـي پنن تي لکان اڄ کڻي.
نھارن کي ڇوڙي تڪين ڇونه ٿي،
اکين کي اکين سان ڏسان اڄ کڻي.
خواب ھڪڙي منجھان مون گذاريون اکيون،
ڄڻ ته پنهنجي ھٿن ساڻ ٻاريون اکيون.
يا
تنهنجي اجائي ھيڏي ھوڏي نھار آهي،
پنهنجي مون ٺاھي دل ۾ پنهنجي مزار آهي.
تنهنجي اکيــن اندر ۾ مون آ ڏٺي خدائي،
ٿي قيـمتي پئي منهنجي ننڍڙي ڄمار آهي.
”امـتياز“ خوف جو ڇو پاڇو پري نه ٿيو آ،
ڪـيڏي اڃاري ھرڻي رڻ ۾ ڌنار آهي.
يا
ٻيڪــڙي در اکين جا نه رکجان چري،
مون ڪبوتر ڪري ھـن اڏاريون اکيون.
تون ڀلا ڏس کڻي ڪيئن وسري سگھن،
ڄامـشورا تنھنجون ھي ڪنواريون اکيون.
آءٌ مــھراڻ پنھنجو ڏسي معجزو،
سير ۾ اچ ته ميھار تاريون اکيون.
مون منجھان مون کي اغوا ڪري آ وئي،
ڪـيس تي اڄ چڙھيون يار ڪاريون اکيون.
گھـنڊ ھوري گھٽيءَ ۾ وڄاءِ گھورڙيا،
مشڪلن سان سمھاريون بکاريون اکيون.
ٿاڪ ”امـــتياز“ ساڳا اڄارا رھيا،
روح جي رڻ مـٿان مون ته ھاريون اکيون.
اکـين جو رسامو ٿيو آهي ڪجل کان،
وڏيون مشڪلون دل جي ساگر ۾ آھن.
جفا جون وفا جي ڳـلن تي چماٽون،
لڪايون ڪويءَ ڪجھ ته ڪاڳر ۾ آھن.
امتياز ھن مجموعي ۾ غزل جي اصل موضوع سان گڏ غزل جي فني
لوازمات ۽ خوبصورتيءَ کي بہ قائم رکيو آھي. غزل ۾ ھن حسن، سونھن، نزاڪت ۽ فطرت
نگاريءَ سان گڏ معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي بہ غزل جو موضوع بڻايو آهي، تہ رديفن ۽
قافين جي نواڻ ڏيڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آهي. ڪٿي ڪٿي ھن تجنيسن ۽ صنعتن جي مختلف قسمن
جو بہ سيبائتو استعمال ڪيو آهي. ھن جي ڪن غزلن ۾ نظم جھڙو موضوعاتي تسلسل، داخلي
احساس ۽ اظھار جو رنگ بہ نظر اچي ٿو. ھن غزلن ۾ تشبيهن، ترڪيبن، استعارن، ڪناين
سان گڏ محاڪات جو بہ استعمال ڪيو آهي. ھيٺ ڪجھ غزلن جا شعر نموني طور ڏجن ٿا.
رکيل مڌ ســقراط جو مون چکيو،
رڳن ۾ رھيـــــو آ صدين کان زھر.
بکارا مان ســـپنا سمھاريان ڪٿي،
ســڄي رات الڪن ۾ ٿيس در بدر.
رياست جي رڱجي وئي ست ماڙ پر،
سڪو ڪــــــين مزدور جو آ پگھر.
يا
مڪليءَ جو پيو ھانءٌ
ڦــسي آ،
ڊڪــــــــــــــــيا ايڏا گھوڙا آھن.
نفــــــــــرت جا ”امتياز“ پٺيءَ تي،
ڪڙڪيا ڪيئي ڪـــــــــــوڙا آھن.
ٿڪجي پوندس اونداھيءَ ۾
ڏيئا ٻاري مان،
ٻوساٽيل قومن جو ڪو غوغــاءٌ نه ايندو آ.
تاريـخن جا زخمي سينا ٽاڪيا آھن مون،
ڪنهن کي ڇو امتياز مگر پڇتاءَ نه ايندو آ.
يا
ايذائن جي ڦـرڙي ھر ھر ڦسندي آ،
ياد ذھن جي ميڄالي کي کائي ٿي.
ماتم ڏســندو آھيان ھر ھڪ چونئري ۾،
غربت ڪـيڏا نوحا ھت ڳارائي ٿي.
ھر منـظر ۾ سوڳ ٽڪيل آ صدين جو،
ڏک جا ســھرا شام اڱڻ تي ڳائي ٿي.
رات رھي وئي منهنجي آهي سپني ۾،
ھاڻي ڇالئه آخــر ھوءَ شرمائي ٿي.
يا
تند ميران جيءَ پـڇيو ھو آڱرين سان سوال ھي،
مون ننڍاڪو ھو سمھاريو ڪيئن غزل ڪاڳر مٿان؟.
ٻيڪڙي در چـنڊ تون آڪاس جا آھين ستو،
ڪربلا ئي ڪربلا گذري پئي شاعـر مٿان.
سوڳ ۾ افسـوس جي ٻيھر چٻي ٿي چيلھ وئي،
چار ڳوڙھا ھا ڪريا نازڪ ھٿن نشـتر مٿان.
مرڪ جون چيچون جھـلي آ مسڪرائي وئي مٽي،
ڄڻ ڪـري ديوار آهي شھر جي بازر مٿان.
آ اکين جي ريج سان ”امـتياز“ مون سائو ڪيو،
ڪير ھر ويو آ ھــڻي آباد دل جي ٿر مٿان.
ڪٿي سـقراط ۽ لينن ڪٿي منصور ۽ دارا،
ڪٿي رومي، سچــل، سرمد ـمنھنجو آواز ٿيندو آ.
صوفي امتياز ٻلال جي هن شعري مجموعي جو تفصيلي مطالعو
ڪرڻ کان پوءِ اهو چٽيءَ طرح محسوس ٿئي ٿو تہ هو جديد سنڌي غزل ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ
قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سندس شاعري فڪري پختگي، داخلي سچائي ۽ فني سنجيدگيءَ
جو خوبصورت امتزاج آهي. امتياز وٽ غزل رڳو عشق ۽ حسن جي اظهار جو ذريعو ناهي، پر
اهو سماجي شعور، انساني درد ۽ اجتماعي مسئلن کي بيان ڪرڻ جو موثر وسيلو بہ بڻجي
ٿو. سندس غزلن ۾ رومانيت ۽ جماليات سان گڏ معاشي بدحالي، غربت، ظلم، ناانصافي ۽
قومي پيڙا جا عڪس اثرائتي نموني سان پيش ٿيل آهن. فني لحاظ کان هو بحر، قافيي،
رديف، تشبيهن، استعارن ۽ صنعتن جي استعمال ۾ سليقو رکندڙ آهي، جنهن سبب سندس غزل
پڙهندڙ تي گهرو تاثر ڇڏين ٿا. ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جي رواني ۽ موسيقيت سندس
شاعريءَ کي عام ۽ خاص ٻنهي لاءِ دلڪش بڻائي ٿي. جيتوڻيڪ امتياز ٻلال اڃا غزل کي
مڪمل طور نئون فڪري گس ڏيڻ واري انتها تائين نہ پهتو آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جدت،
اميد پرستي، مزاحمتي شعور ۽ تخليقي امڪانن جا واضح اشارا موجود آهن. مستقبل بابت
اها اميد رکي سگهجي ٿي تہ هو مقدار بدران معيار کي اوليت ڏيندي، سنڌ جي تاريخ،
تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ سماجي حالتن کي وڌيڪ گهراين سان پنهنجي شاعريءَ جو موضوع
بڻائيندو. جديد سنڌي غزل جي ارتقائي سفر ۾ صوفي امتياز ٻلال جون کنيل وکون يقينن
لاڀائتيون ۽ يادگار ثابت ٿينديون.

