ميٿي جي پوک ـ آڪاش پنھور

ھرٻو يا ميٿي جي پوک Fenugreek :

ھرٻو ھر زمين م پوکي سگھجي ٿو ھن فصل لاءِ لٽاسي يا چيڪي زمين بھتر آھي، ھي فصل ڪچي ۽ ساريال جي علائقن ۾ دوباري يا بوسي طور بہ پوکيو وڃي ٿو.

زمين جي چونڊ:

ھرٻي جي پوک لاءِ زمين کي پھريون ھر ڏيئي ڀتر ڀڃي وٿاڻ جو ڀاڻ 20 کان 25 گاڏيون في ايڪڙ وجھي زمين کي وري ھر ڏجي تہ جيئن ڀاڻ زمين ۾ بھتر نموني ملي وڃي، بعد ۾ زمين ھموار ڪري ان جا چورس فوٽين وارا ٻارا ٺاھي، ان ۾ پاڻي ڏيئي بيٺل پاڻي ۾ ٻج ڇٽجي.

جنسون:

ھرٻي جي سفارش ڪيل جنس ۾ ديسي لوڪل يا قصوري جنس اچن ٿيون، جڏھن تہ سنڌ ۾ ديسي جنس وڏي پيماني تي پوکي وڃي ٿي.

ٻج جو مقدار:

ھربي جي پوکي لاءِ في ايڪڙ 6 کان 7 ڪلو گرام في ايڪڙ استعمال ڪجي.

پوکي جو وقت:

ھرٻي جو فصل سرء ۽ ربيح جي مھينن ۾ پوکي سگھجي ٿو. جنھن لاءِ سيپٽمبر کان نومبر تائين پوکي ڪري سگھجي ٿي، ساون پنن لاءِ ھرٻي جي پوک جنوري جي آخر ھفتي تائين ڪري سگھجي ٿي. جڏھن تہ ھرٻي جي پوک لاءِ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مھينا بھتر پيداوار ڏين ٿا

پوکي جو طريقو:

ھرٻو زمين جي تياري بعد ھموار ٻارا ٺاھي، انھن ۾ پاڻي ڏئي بيٺل پاڻي ۾ ٻج ڇٽ طريقي سان پوکجي. ھرٻو ناڙي ذريعي ٻن کان اڍائي فوٽن جي قطارن واري مفاصلي تي بہ پوکي سگھجي ٿو.

ڀاڻ جو استعمال:

پوکي وقت NPK 17.17.17 ھڪ ٻوري في ايڪڙ تي ڏجي وري ٻئي ٻوري NPK ۽ اڌ ٻوري يوريا 15 ڏينھن بعد ۽ ٽئين دفعي ھڪ ٻوري NPK ۽ اڌ ٻوري يوريا مھيني جي وقفي بعد ڏجي. ان کانپوءِ ھر لوب کان پوءِ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏجي.

پاڻي:

ھرٻي جي فصل کي پوکي بعد گرمي جي حالت ۾ ھفتي کان پوءِ پاڻي ڏجي ۽ سرد موسم ۾ 12 کان 15 ڏينھن بعد پاڻي ڏيڻ گھرجي.

گندگاھ جو خاتمو:

ھرٻي جي پوک مان گندگاھ ھٿ سان ڪڍي ڇڏڻ گھرجي، جڏھن تہ ناڙي ذريعي پوکيل فصل مان 2 ڀيرا گڏ ڪڍڻ لازمي آھي.

جيت:

ھرٻي جي فصل تي مھلو، تڏون، چور، ڪينئون ۽ اوڏھي حملو ڪري ٿي ان لاءِ زرعي ماھرن سان رابطو ڪرڻ گھرجي يا وري ھي دوا استعمال ڪجي.

پروڪليم يا ٽائيمر يا ٽائي ڪون يا ميچ 200 ملي ليٽر ڪا بہ ھڪ دوا استعمال ڪرڻ گھرجي.

لابارو:

ھرٻي جي فصل پوکڻ بعد ھڪ مھيني يا ڏيڍ مھيني اندر ڪٽائي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، فصل ۾ نومبر کان فيبروري تائين ڪٽائي ڪندي رھجي پر جيڪڏھن فصل مان ٻج وٺڻو آھي. تہ پوءِ فصل مان ٽي لاڀ وٺي بعد ۾ فصل کي ٻج لاءِ ڇڏي ڏيڻ گھرجي.

پيداوار:

ھرٻي جي ساون پنن جي پيداوار في ايڪڙ 15 مڻ لھي ٿي. جڏھن تہ ٻج جي پيداوار 5 مڻ حاصل ٿئي ٿي.


Previous Post Next Post