جنوري جي پهرئين
ڏهاڪي کان سنڌ ۾ سردي ۽ ڪوهيري ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري معصوم ٻار توڙي ٻڍا مختلف بيمارين
جهڙوڪ نزلي زڪام فلو ۽ بخار ۾ وٺجي ويا آهن۔ مختلف علائقن ۾ ڪوهيري سبب ماڻهو گهرن
تائين محدود ٿي ويا آهن۔ ڇوته ڌنڌ ايترو شديد آهي جو ماڻهو ڪو ڪم ڪار به نه ٿا ڪري
سگهن۔ سياري ۾ سرديء جي هن پهرين لهر ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي صبح جو لندڙ ڪوهيرو
منجهند تائين جاري رهي ٿو جنهنڪري معصوم ٻار اسڪول وڃڻ کان به قاصر آهن۔ موسميات کاتي
موجب سنڌ ۾ هلندڙ سرديءَ جي لهر ۾ 15 جنوري کان ڪافي
ڪمي اچڻ جاامڪان آهن پر ان کان وڌيڪ ۽ سخت سرديءَ جو سسٽم 20 جنوري
کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي.
جنهن
سان ڪيترن ئي علائقن ۾ سرديءَ جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا۔ مطلب
ته سنڌ صوبي ۾ جنوري مھيني دؤران سخت سرديءَ جي لهر ۽ ڪوهيڙي سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار
مفلوج بڻجي ويو، ماڻھو گھرن تائين محدود اسڪولن ۾ حاضري گھٽ هئڻ سبب تعليم سخت متاثر
ٿي رهي آهي. اسڪولي شاگردن
کي اسڪول پھچڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر اسان وٽ انگريزن جي دور کان هلندڙ
قانون سبب تعليم کاتو اسڪولن جون موڪلون (وئڪيشن) هرحال ۾ ڊسمبر ۾ ڪرڻ جو پابند آهي. جيڪڏهن جنوريء ۾ موڪلون ڪندو ته شايد ڪبيره
گناهه ٿيندو انڪري سخت سرديء جي موسم ۾ استادن توڙي ٻارن کي اسڪول پهچڻ لازمي قرار
ڏنو ويو آهي. جيڪو عمل نهايت
ئي حيران ڪندڙ آهي۔ گذريل ڏينهن تعليم کاتي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي اسڪول ٽائيم صبح جو
8 وڳي کان وڌائي 9 وڳي ڪيو ويو۔
جڏهن ته سرديء
جي شدت منجهند 2 وڳي تائين جاري رهي ٿي وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير تعليم ۽ ضلعي حڪومت
کي سخت سرديءَ کي مدنظر رکندي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن جيڪي شاگردن والدين ۽استادن لاء
لاٿائتا هجن۔ باقي هڪ ڪلاڪ جي تبديليء سان نه اسڪولن ۾ حاضري پوري ٿيندي ۽ نه ئي تعليمي
معيار وڌندو۔ موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيل تباھ ڪارين ۽ سرديءَ گرميءَ جي خطرناڪ لهر
توڙي ايندڙ وقت ۾ ان ۾ يقيني واڌ سبب ماحولياتي تبديليءَ بابت جاڳرتا وقت جي اهم ضرورت
بڻجي چڪي آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪار کي نهيدگي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ اسڪولن
توڙي ڪاليجن ۾ ڪلائيميٽ چينج ايجوڪيشن وسيلي موسمياتي تبديلن جي اثرات بابت ڄاڻ مهيا
ڪرڻي پوندي.
اڄ دنيا وڃي
چنڊ تي پهتي پر اسان جي تعليم کاتي کي اڃا اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته سرديءَ جي لهر صوبي ۾ ڪڏهن داخل ٿيندي ان کي
مدِنظر رکي سياري جي موڪلن جو اعلان ڪريون، شايد موڪلن جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جو اختيار
وٽن نه آھي جن جا ٻار وڏين گاڏين ۾ چڙهي هيٽر هلائي اسڪول اچن وڃن ۽ پاڻ 12 وڳي ننڊ
مان اٿي ھيٽر واري گاڏي ۾ گھمڻ لاء نڪرن يا بند آفيسن ۾ ويهي فيصلا ڪن ته انھن کي سرديء
جو ڪهڙو احساس ٿيندو ته ٻهراڙيء جو معصوم ٻار ڪيئن ڏڪبدو ڏڪندو اسڪول پهچندو ۽ ڪئن
سخت سرديء ۾ پاڻ کي علم جي زيور سان سينگاريندو۔ سرديء جي شدت کيس ڪيترو متاثر ڪندي۔
سينٽرلي هيٽيڊ آفيسن بنگلن ۾ ويٺل 70% ٻهراڙي ء تي مشتمل آبادي واري
صوبي سنڌ جا باڪردار۔ با اصول۔ رحمدل صادق امين حڪمرانو!! صوبي ۾ آيل غير معمولي سرديء جي
لهر سبب ٻارڙا ڏڪندي سنگھ ڳاڙيندي اسڪول اچن
ٿا۔ واپسيء تي بخار نمونيا جو شڪار بنجن ٿا۔
غريب والدين
جي کيسي جي سگھ کان کڻي بي خبر هجو پر سرڪاري
اسپتالن جي حال کان ته خوب واقف آهيو۔خدارا سنڌ جي مستقبل جي معمارن تي ڪجهه رحم ڪريو۔
وزير تعليم
پنجاب سخت سردي جي ڪري 19 جنوري تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو پر وزير تعليم
سنڌ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏيئي عقلمنديء جون سمورون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري سنڌ
جي شاگردن والدين توڙي استادن ۾ بيچئني ڦهلجي ويئي آهي ته سنڌ سرڪار نه سرديء جو خيال
ٿي ڪري ۽ نه گرميء کان بچڻ لاء ڪا حڪمت عملي ٿي ٺاهي۔هن وقت اسڪولن اندر شاگردن جي
حاضري انتهائي گهٽ، لڳ ڀڳ صرف ٻه سيڪڙو رهجي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ نه رڳو تدريسي عمل
سخت متاثر ٿي رهيو آهي، پر شاگردن جو ذهني ۽ جسماني تحفظ به سوال بڻيل آهي. استاد ڪلاس
روم ۾ موجود آهن، نصاب به موجود آهي، پر شاگردن کان خالي ڪلاس روم تعليم جي جنازي جو
منظر پيش ڪري رهيا آهن.هي ڪو پهريون سال ناهي، هر سال ساڳي غلطي ورجائي وڃي ٿي. فيصلا
موسم، علائقي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ بجاءِ فائيلن ۽ هيٽر وارن ڪمرن ۾ ويهي ڪيا
وڃن ٿا. پوءِ جڏهن نتيجا سامهون اچن ٿا ته سڄو الزام استادن مٿان مڙهيو وڃي ٿو هن وقت
اڌ سنڌ ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون بڻيل آهن ۽ معصوم ٻار منهَن ۽ کلئي آسمان هيٺان تعليم
پرائڻ تي مجبور آهن۔ هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاليسيون غير حقيقي، غير سائنسي
۽ عوامي مفاد کان ڪٽيل هجن، جيڪڏهن موسم جي سختين کي نظرانداز ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن شاگردن
جي حاضري عملي طور ناممڪن بڻائي وڃي، ته پوءِ تعليم کي تباھ ڪرڻ جو ذميوار استاد ڪيئن
ٿو ٿي سگهي؟ اصل ۾ تعليم کي نقصان استاد نٿا پهچائين،بلڪه حڪمرانن ۽ بيوروڪريٽ جون
غلط ۽ بي وقت پاليسين سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي انڪري 21هين صديء ۾ داخل ٿيڻ
لاء سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن باب العلم سنڌ جو نالو روشن رهي سگهي۔

