پھرين مئي، جنهن کي عالمي سطح تي ”مزدورن جو عالمي ڏينهن“
يا ”انٽرنيشنل ليبر ڊي“ سڏيو وڃي ٿو، سڄي دنيا ۾ محنت ڪندڙ طبقي جي حقن، جدوجهد ۽ قربانين
کي ياد ڪرڻ لاءِ انتھائي جوش جذبي سان ملهايو ويندو آهي، هي ڏينهن صرف هڪ جشن نہ پر
تاريخي جدوجهد جي علامت آهي، جنهن مزدورن کي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ گڏ ڪيو.
پھرين مئي تي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ 1886ع ۾ تحريڪ شروع ٿي،
ان وقت مزدورن کان ڏينهن جا 12 کان 16 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو، جڏهن تہ محنت وڌيڪ اجرت
گهٽ ۽ سهولتون بلڪل بہ نہ هونديون هيون، مزدورن پنهنجي حقن لاءِ ”اٺ ڪلاڪ ڪم، اٺ ڪلاڪ
آرام ۽ اٺ ڪلاڪ پنهنجي لاءِ“ جو نعري سان ڀرپور تحريڪ هلائي.
پھرين مئي 1886ع تي هزارين مزدور هڙتال تي نڪري آيا جيڪا
مسلسل چار ڏينھن جاري رھي، 4 مئي تي هڪ جلسي دوران بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو
مارجي ويا، ان واقعي کان پوءِ ڪيترن ئي مزدور اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو جن مان ڪجهہ کي سزائون ۽ ڪجھ کي ڦاسي پڻ ڏني وئي. هن واقعي ۽ جدوجھد مزدورن جي جاني قربانين سبب
مزدورن کان اٺ ڪلاڪ ڪم وٺڻ وري مطالبي تي عمل ٿيو ۽ پوءِ عالمي سطح تي ھر سال پھرين
مئي کي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پھرين مئي جو بنيادي مقصد مزدورن جي حقن جي حفاظت، انصاف،
۽ بهتر زندگي لاءِ جدوجهد کي ياد ڪرڻ آهي. هن ڏينهن تي مزدورن کي سندن حقن بابت آگاهي
ڏني ويندي آهي، جهڙوڪ:
مهانگائي ۽ معاشي حالتن مطابق اجرت، محفوظ ڪم جي ماحول، ڪم
جو مقرر وقت ۽ ڪم دوران سھولون ڏيڻ.
موجودہ دور ۾ مزدورن جي زندگي انتھائي ڏکي گذري رھي آھي گھٽ
اجرت ۽ بي انتھا مهانگائي توڙي جو دنيا اندر اڄ جي جديد دور ۾ ڪيترن
ملڪن ۾ مزدورن لاءِ قانون ۽ تحفظ موجود آهن، پر اڃا بہ ڪيترن هنڌن تي مزدور مشڪلاتن
جو شڪار آهن.
اڄ بہ ماڻھو معاشي مسئلن سبب گهڻائي مزدور گهٽ اجرت تي ڪم
ڪرڻ تي مجبور آھن، جنهن سان انهن جي بنيادي ضرورتون جھڙوڪ ٻن وقتن جي ماني صحت، تعليم
سميت ٻيون بنيادي ضرورتون بہ پوريون نٿيون ٿين، مهانگائي وڌڻ ۽ گھٽ اجرت سبب انهن جي
زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي.
ڪارخانن، تعميراتي هنڌن ۽ ٻين سخت ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن
کي اڪثر حفاظتي سهولتون نٿيون ملن، جنهن سبب حادثا پيش اچن ٿا ڪيتريون ئي قيمتي جانيون
ضايع ٿين ٿيون جنھن سبب انھن جا خاندان وڌيڪ مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا.
ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ خودڪار نظام
(Automation) سبب ڪيترن مزدورن جون نوڪريون پڻ ختم
ٿي رهيون آهن، جڏهن تہ عارضي نوڪريون وڌي رهيون آهن.
گهڻن مزدورن کي صحت، پينشن يا ٻين سهولتن کان محروم رکيو
وڃي ٿو، خاص طور تي ترقي پذير ملڪن ۾.
اسان جي سماج ۾ عورتن ۽ ننڍي عمر جي ٻار مزدور جو وڏو انگ
آھي جيڪي اڪثر گهٽ اجرت، غير امتيازي سلوڪ ۽ هراساني جهڙن مسئلن کي منهن ڏين ٿا. مزدورن
مرد توڙي عورت لاءِ مضبوط قانون ۽ انهن تي سختي سان عمل ٿيڻ گھرجي.
يونينز ۽ مزدور جي تنظيمن کي مضبوط ڪرڻ، تعليم ۽ مهارتن جي
تربيت ڏيڻ تي عمل ڪرڻ گھرجي.
پھرين مئي صرف هڪ تاريخ نہ، پر مزدورن جي عزت، جدوجهد ۽ حقن
جي علامت آهي. اڄ جي دور ۾ بہ ضروري آهي تہ مزدورن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل
ڪوششون ڪيون وڃن، جيئن سماج ۾ برابري ۽ انصاف قائم ٿي سگهي.
مزدور ڪنهن بہ ملڪ جي ترقي جو بنياد آهن، ۽ انهن جي خوشحالي کان سواءِ حقيقي ترقي ممڪن ناهي.

