هُنر منديءَ جي حقيقت ۽ تنهن کان پاسيرو اڄ جو سنڌي نوجوان ـ ارشاد علي پنھور

سونهاري سُنڌُ هُنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ اعليٰ مقام رَکي ٿي. هتان جوُن ڪاريگريون ۽ هُنر ٻاهرين مُلڪا ملڪ مشهور رھيون آهن. اسان جي ٻهراڙين جا ماڻهو، جيڪي تمام گهڻا سادڙا ۽ اٻوجهہ نظر ايندڙ آهن، سندن جي هَٿن جو هُنر ۽ ڪاريگري ٻاهرين مُلڪن ۾ بہ نِظر ايندي رهي آهي.

جيڪڏهن اسان ماضيءَ کي ڏسنداسين تہ سنڌ سونهاري هَٿ جي هُنر ۾ ايتري قَدر شاهوڪار هوندي هئي جو هتان جي ماڻهن کي سونهن سِينگار جي سامان لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي هئي.

ھنر: ڌنڌو يا پيشو ماڻھو جي لاءِ بھتر زندگي ۽ گذران حاصل ڪرڻ جو وسيلو هوندو آهي. هر ڌنڌو مُعزز ۽ احترام جوڳو آهي. اڄڪلهہ هر قسم جي نوڪري ۾ بي شمار مسئلا آهن، تنهن ۾ ڪنهن ھنر ۽ ڌنڌي تي ڌيان ڌرڻ وقت سر ڪم اچڻ ۽ پنهنجي پيرن ڀر بيھڻ کان قطعي گھٽ ڪونهي. جيتوڻيڪ ڪجهہ ڌنڌا اهڙا بہ آهن جيڪي قديم زماني کان اڄ تائين سنڌ ۾ رائج آهن. اهي ڌنڌا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين جاري رهڻ ڪري موروثي بہ ٿيا تہ ذات طور سُڃاڻپ بہ بڻجي ويا. جِن ۾ لوهارڪو ڌنڌو، واڍڪي جو ڪم، سونارڪي ڌنڌو، ڪوڙڪو يا ڪپڙي جي ڪور آڻن جو ڪم ۽ موچڪي ڌنڌو پنهنجي مثل پاڻ رھيا آهن. اهي ڌنڌا ڪو بہ ذات وارو ڪري سگهي ٿو. هر هڪ ڌنڌو محنت ۽ مُشقت سان ئي ڪامياب رهندو آهي. محنت ئي هر ڌنڌي ۾ برڪت وجهي ٿو. ذڪر ڪيل پيشن کان علاوہ سنڌ ۽ ملڪ پاڪستان جي زميني حقيقتن کي سمجهبو تہ معلوم ٿيندو تہ هارپو پڻ ھڪ بھترين پيداوار وارو پيشو آهي، جيئن تہ سنڌ پاڪستان جي زرعي صوبن مان هڪ آهي.

پراڻي وقت کان وٺي پوکي يا زمين آباد ڪري زرعي اپت حاصل ڪرڻ جو ڌنڌو هلندو پيو ٿو اچي. هاري ڪڻڪ، جوئر، سارين، ڪمند، ڪپهہ، سرنهن، توريو، ڀاڄيون ۽ ٻيا ڪيترا ئي فصل پوکي ملڪ جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ڪندو آيو آهي.

اڳ تہ هاري ڏاندن سان هر ڪاهي زمين کيڙيندو هو ۽ نار وهائي ريج ڪندو هو، پر اڄ جديد ٽيڪنالاجي سبب زرعي اوزارن ۽ مشينريءَ ان جي جاءِ والاري آهي. ان مان آبادگارن کي سٺو ۽ تڪڙو لاڀ حاصل ڪري رهيو آهي.

ان سڀ کان علاوہ آباديءَ ۾ وڌ ۽ وقت سان گڏ ننڍا گوٺ شهرن پر بدلجي ويا ماڻھو ٻاهران اچي هتان جي ڪنڊ ڪڙڇن ۾ آباد ٿيا. تنهن سان گڏ ئي سنڌ جي هنرن ۽ ڪاريگرن کي وڌيڪ مشهور ٿيڻ جو موقعو پڻ مليو.

جڏهن ڏٺو وڃي تہ اڄوڪي مشينري دور پر ڳوٺاڻان هنر ختم ٿي رهيا آهن، پر اڃا بہ ڪي اهڙيون شيون ٺهن پيون، جيڪي يورپ جي ڪاريگرن کي بہ حيرت پر وجهيو ڇڏين. ٻاھرين ملڪن ۾ انهن شين جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهن مان ناڻي جي ڪمائي جي مناسبت سان پڻ چڱي مدد ملي ٿي. ڪيترائي ماڻھو اهي شيون خريد ڪري سوکڙين طور ٻين ملڪن ڏانهن موڪليندا آهن.

سنڌ جي ٿرپارڪر ۾ پوک تمام گهٽ لھي ٿي جو اتي جي زمين وارياسي آهي. ان ڪري هتان جا ماڻھو وري اڪثر رڍون ڌاري, انهن جي ان مان مضبوط ۽ سهڻيون لويون ۽ ڪپڙا ٺاهيندا آهن. اتي جون عورتون چنيون، گج، رليون ۽ ڀرت جو ڀلوڙ ڪم ڪنديون آهن.

سنڌ جي هڪ خاص سوکڙي اجرڪ پڻ آهي. اجرڪ گهڻو ڪري سنڌ جي لاڙ واري شهرن جهڙوڪ نصرپور، ٽنڊو محمد خان، خيبر، مٽياري، هالا، ڀٽ شاه ۽ ٻين ويجهي علائقن ۾ سٺي صنعت جو درجو رکندڙ آهي.

ٻين شھرن جھڙوڪ دادو، بوبڪ ۽ نصرپور پڻ چٽسالي هنر جا مکيہ مرڪز آهن. جتي سوسيون، کيس، ۽ فراسيون گهڻو مشهور آهن. ڪاشي جي ڪم ۾ سنڌ جا ڪاريگر سڄي دنيا ۾ ساراهيا وڃن ٿا.

سنڌ جو ھڪ مشهور هنر جندي جو پڻ ڪم آهي، ٻاھرين ملڪن جا ماڻھو پنهنجي گهرن جي سونهن سينگار لاءِ وڏي شوق سان سنڌ جي جندي، گج يا ڪا نہ ڪا شئ گهرن ۾ سجائين ٿا. خاڻوٺ ۽ هالا انهيءَ هنر ۾ پاڻ ملهايو آهي. جتي گلدستا، هندورا، رانديڪا توڙي ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي شيون ٺهن ٿيون.

ھاڻ ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنهنجي سنڌ جي انهن سڀني هنرن کي قائم رکون. نہ صرف پنهنجي ملڪ جون شيون استعمال ڪريون پر انهن صنعتن ۾ پنهنجي حصيداري وجهي پنهنجو ناڻو بہ ڪمايون تہ ان سان گڏ پنهنجي ڪاريگرن جو قدر پڻ ڪريون تہ جيئن اهي پنهنجي ملڪ جو نالو پرڏيهہ ۾ پڻ روشن ڪري سگهن.


Previous Post Next Post