شاہ لطيف جي جنم هنڌ اصل هالا حويلي جو احوال ـ آزاد ابوبڪر ڇٽو

شاھ جي جنم هنڌ جي حوالي سان هالا حويلي جو ذڪر اچي ٿو، ڊاڪٽر گربخشاڻي (مقدم لطيفي)، ڪلياڻ آڏواڻي (شاھ جو رسالو)، مرزا قليچ بيگ (احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي)، غلام محمد شاهاڻي، شيخ اياز (شاھ جو رسالو)، عبدالجبار جوڻيجو (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ)، اعجاز الحق قدوسي (تاريخ سنڌ حصو ٻيو) ۽ ٻين نامور اديبن هالا حويلي کي شاھ جو جنم هنڌ قرار ڏنو آهي، پر اها هالا حويلي ڪٿي آهي. ان کان تقريبن سڀئي ليکڪ بي خبر آهن، ڪن عثمان شاھ جي هڙي (ضلعو ٽنڊو الهيار) کان پنج ڪلو ميٽر اولهہ موجود نئين هالا حويلي کي شاھ لطيف جو جنم هنڌ بڻايو آهي تہ ڪن ٽنڊي ڄام ڀرسان هالا حويلي جي نشاندهي ڪئي آهي، مطلب تہ اڻ ڏٺي روايتن جي آڌار تي ڌُڪا هنيا آهن.

شاھ لطيف جنهن هالا حويلي ۾ ڄائو، انھيءَ هالا حويليءَ جو ڳوٺ نصرپور کان اٽڪل پنج ڪلو ميٽر اتر طرف ۽ ڳوٺ سليمان باريجو جي بلڪل ڀرسان هو، جنهن جا ڦٽل آثار ڏھ پنڌرهن ايڪڙن تي مشتمل آهن، هن ڳوٺ جي نشانين مان چار نشانيون اڄ بہ موجود آهن، هڪ شاھ لطيف جي ڄمڻ جي جاء، جتي مسجد ٺهيل هئي پر هن وقت مسجد جا نشان باقي بچيل آهن، 1988ع ۾هتي جي هڪ زميندار حاجي محمد رحيم باريجو هن مسجد کي نئين سر تعمير ڪرايو پر اها بہ ڊهي چڪي آهي، ٻيهر ٺهرائڻ جو ارادو اٿس، هي مسجد ڳوٺ سليمان باريجو کان اتر طرف ايڪڙ پنڌ تي ۽ ڳوٺ علو باريجو جي بلڪل ڀر ۾ آهي، هتي اهو معلوم ٿيو تہ حبيب شاه جو گهر هتي هو، جنهن ۾ شاه لطيف ڄائو، هالا حويلي جي شايد ڦٽي وڃڻ کانپوءِ شاھ لطيف جي ولادت واري هنڌ کي ڀلاري جاءِ سمجهي شاه جي عقيدتمندن مسجد ٺهرائي.

مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ شاه لطيف جي ڄمڻ واري جاءِ تي مسجد جوڙائي وئي جا نصيرواه جي ڪپ تي اڄ بہ صحيح سلامت آهي (لطائف لطيفي، احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي) سانگي ۽ قليچ جي هي روايت درست آهي ڇو تہ هي مسجد نصير واھ جي ڀر ۾اولهہ طرف آهي هي واھ سکر ڪئنال مان ڏھ دري موري وٽان نڪري ٽنڊو الهيار کان اڳتي ويندو آهي، مٿي ڄاڻايل اديبن لکيو آهي تہ شاه جي جنم هنڌ وارو ڳوٺ هن وقت مٽيءَ جا ڍير آهي، جنهن جا ڦٽل نشان اڃا ظاهر آهن، ڳوٺ سليمان باريجو جي بااثر شخص محمد رحيم باريجو ٻڌايو تہ جڏهن اسان هنن مٽيءَ جي ڍيرن کي ڪيڻ ذريعي هيٺاڻ تي نيو پئي تہ رڳو ٺڪر ئي ٺڪر ظاهر ٿيا جي اڄ تائين پيا لڀن، جهنڊولو شاه جو قبرستان، هالا حويلي جي نشاني مان هي مقام بہ آهي. هن جي قبر تي ڪتبو وغيرہ ناهي هي شاه سائين جو همعصر آهي ڇو تہ هن جو ڀاءُ سيد عبدالنبي جنهن جي هن قبرستان جي ٻارو پنڌ تي درگاه آهي، جنهن جي قبر ۾ لڳل سر تي 1756ع لکيل آهي جو سندس وفات جو سال آهي. ان حوالي سان هي ڀائر شاه لطيف جا همعصر آهن. جهنڊولو شاه جي ٻين ڀائرن ۾نندو شاه، ڪمال شاه هنن جي درگاه اڏيرو لال اسٽيشن لڳ ڏکڻ ۾آهي، شاه درگاهي سندس درگاه اڏيرو لال اسٽيشن کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ڳوٺ چنيسر ڇٽو جي لڳ ڏکڻ طرف آهي، نئين هالا حويلي ۾رهندڙ سيدن مان ڪو فوت ٿيندو آهي تہ ان کي هن جهنڊولو شاه قبرستان ۾دفنايو ويندو آهي. هي ڳالهہ بہ پڪو ثبوت آهي تہ هالا حويلي جو اصل ڳوٺ هتي هو، سيد عبدالنبي شاه بخاري جو قبرستان.

هالا حويلي جي هي ٽي نشاني آهي هتي پراڻي قبرن مان صرف هي قبر آهي. ٻيون قبرون تازيون آهن جيڪي ڀرسان ڳوٺ وڪيوجت، جي ماڻهن جون آهن سيد عبدالنبي جي قبر تي لڳل سرتي هي بيت لکيل آهي:

ڌريائين اچي، ڏٺئي ملڪ محبوب جو

خبر ڪانہ پئي ملڪ جي، چڪڻ هئي ڪچي

هيلاڪيم پاڻ سان، سگهيس ڪون بچي،

ڳوٺاڻن اچي، آندو مڙھ مقام ۾،

بيت جي هيٺان لکيل آهي تہ،

بيت شاه سائين جو،

سيد عبدالنبي شاه بخاري

سال، 20 جنوري 1756ع

21 شوال 1177 هجري

زيرنگراني نور محمد عرف ويدو

ھي ڪتبو درگاه جي تعمير وقت لڳايو ويو آهي. جنهن جي عبارت اصل سرتان ورتل آهي، هي درگاه ۽ ڀرسان مجاورن جي رهڻ لاءِ مڪان 1980ع ڌاري وڪيو جت ٺهرايو، موجودہ مجاور ٻچو فقير باريجو آهي.

هالا حويلي جي ڇوٿين نشاني عبدالنبي شاه بخاري جي درگاه ڀرسان نم جو وڻ آهي، جنهن لاءِ هتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ت شاه لطيف ڏندڻ جي ڪاٺي زمين ۾هنئي هئي، جنهن مان هي نم جو وڻ ڦٽو، هن جي پور مان کٻڙ ڦٽو آهي جنهن مان ائين محسوس ٿيو تہ ٿڙ نم جو، ٽاريون کٻڙ جون آهن، شاه لطيف جي هن نشانيءَ کي ماڻهو اڄ بہ عقيدت جي نگاه سان ڏسندا آهن.

هالا حويلي سيدن جو ٻڌايل ڳوٺ هو جيڪي اصل هالا جا هئا، ان نسبت سان هن ڳوٺ جو نالو هالا حويلي رکيو، پوءِ جيئن سنڌ جا ٻيا شهر ويران ٿي دڙي جي صورت اختيار ٿيا. ائين ئي هالا حويلي بہ ڦٽو، يا شاه عنايت رضوي جو هي پاراتو پهتو

ڳاهڪي کي ڳڙڪائي، پليجاڻي پاء

واري جا ولايت جي، هالا حويلي لاءِ

پوءِ هتان جا رهاڪو ڪي وڃي موجودہ نئين هالا حويلي ۾رهيا جڏھن تہ شاه حبيب جو گهر هتان کان پنڌرهن ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار کي گڏيندڙ سپر هاءِ وي جي اولهہ ۾موجودہ ميون ونهيون جي قبرستان ڀرسان ڪوٽڙي مغل ۾رهيو، هتي رھڻ دوران حبيب شاه مائٽن سان ملڻ لاءِ نئين هالا حويلي ضرور ويو هوندو. ڪوٽڙي مغل جو تفصيلي احوال  انشاءِ الله ڪنهن ٻئي موقعي تي ڏبو.

شاھ لطيف جي جنم هنڌ اصل هالا حويلي هڪ تہ عثمان شاه هڙي (ضلعي ٽنڊي الهيار) کان پنج ڪلو ميٽر اولهہ نئين هالا حويليءَ جي ڪري مونجهارن جو شڪار رهي، ٻيو اسان جي اديبن بنا مشاهدي جي روايتن جي آڌار تي احوال لکيو. ان ڪري اصل هالا حويلي پنهنجي حق کان محروم رهي.

شاھ لطيف جي بنيادي سوانح نگارن ميرعبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتابن لطائف لطيفي ۽ احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي ۾لکيو آهي تہ شاه لطيف جي ڄمڻ واري جاءِ تي مسجد جوڙائي وئي جا اڄ بہ نصير واھ جي ڪپ تي آهي، هي روايت بلڪل صحيح ۽ سچي آهي ڇو تہ مسجد جي جاءِ اڄ بہ سلامت آهي، سانگي ۽ قليچ جي هي روايت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ان جي پوئلڳن کي نئين هالا حويلي ۾ نظر نہ آئي ان ڪري سختي سان هن روايت کي رد ڪري سئي ڪندر ۾ شاھ لطيف جو جنم هنڌ قرار ڏنو ويو.

شاه جو جنم هنڌ ٻن ڳالهين جي ڪري مونجهاري جو شڪار رهيو هڪ آڳاٽن شاه جي سوانح نگارن بنا مشاهدي جي، شاه لطيف جو جنم هنڌ ڀينئان پور لکيو، حالانڪہ ڀينئان پور ۽ هالا حويلي هڪ ٻئي کان گهڻو پري آهن، ٻيو تہ ٻن هالا حويلين جو مونجهارو، نئين هالا حويلي جي ڪري شاھ جو حقيقي جنم هنڌ پراڻي هالا حويلي نظرانداز رهيو.

مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ جي شاه لطيف جي جنم هنڌ جي حوالي سان مٿين روايت  ۽ هنن ٻين روايتن ۽ حقيقتن کي سامهون رکندي سئي ڪندر ۾ ڄاڻايل شاه لطيف جي جنم هنڌ کي پاسيرو رکي هن پراڻي هالا حويليءَ کي شاھ لطيف جو جنم هنڌ سمجهڻ گهرجي.




Previous Post Next Post