نظام دراني: اوھان جو مڪمل تعارف؟
شبانہ عالماڻي: منھنجو نالو شبانہ عالماڻي ولد
راڻو خان عالماڻي آھي.
نظام دراني: اوھان جو پيشو ڇا آھي؟
شبانہ عالماڻي: سرڪاري هيلٿ ملازمہ
نظام دراني: اوهان ڪٿان جا آهيو؟
شبانہ عالماڻي: ڳوٺ الھداد خان عالماڻي مورو
نظام دراني: اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟
شبانہ عالماڻي: ايم. اي اڪنامڪس، بي ايڊ، ڊپلومان.
نظام دراني: شاعري جو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو؟
شبانہ عالماڻي: شاعري ڏات آهي، مان ننڍپڻ کان سٺا ڪتاب، رسالا، مئگزين،
ناول پڙھڻ،
فقراء ڪلام ٻڌڻ، مڪمل شروعات 2000 کان ڪئي.
نظام دراني: شاعريءَ ۾ ڪهڙن ڪهڙن استادن کان سکيا ورتي.
شبانہ عالماڻي: روحاني استاد: استاد بخاري آهي، شاعريءَ ۾ استاد، سائين راشد مورائي آھي.
نظام دراني: اوهان جي شاعري ڪهڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪي
آهي؟
شبانہ عالماڻي: تقريبن سنڌي سڀنن اخبارن، رسالن، مئگزينن ۽
ھندوستان جي بہ رسالن،
مئگزينن، اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آ.
نظام دراني: اوهان جي شاعري ڪهڙن ڪهڙن فنڪارن ڳائي آهي؟
شبانہ عالماڻي: بشير جتوئي، ديبا سحر، برڪت ڀٽ، رحمت علي ميرالي، غلام
شبير سمون، بيدل مسرور، علي حسن خاصخيلي، انڊيا جو عارب جت، عبدل جت، مظھر متوا،
بورن بونڊ آمريڪي. سنڌ، هنڌ ۽ آمريڪا جي راڳي بہ منهنجا گيت، غزل، نظم، وايون ڳايون آهن.
نظا دراني: اوهان جي شاعري ۾ ڪهڙا گيت گهڻا مشهور ويا آهن۔
شبانہ عالماڻي:
1. جڏهن سار لھندين تڏهن ڪير هوندو.
2. ڌرتي ماتا درد اسان جا.
3. راڻي هجي يا راڻو.
4. ھوريان ھوريان گذري وڃبو.
5. جتي مان اتي تون، الئہ ايئن ڇو آ.
نظام دراني: اوهان شاعري ٽوٽل ڪيتري لکي آهي؟
شبانہ عالماڻي: ڳاڙيٽو ناھي، بيحساب لکيو اٿم.
نظام دراني: اوهان جي شاعريءَ جا گهڻا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن؟
شبانہ عالماڻي: 9 ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن، اڻ ڇپيل مواد ٽيھ ڪتابن جو پيل آھي.
نظام دراني: شاعري ۾ اوهان جا گهڻا شاگرد آهن؟
شبانہ عالماڻي: ڇھ کان ست شاگرد آھن.
نظام دراني: اوهان کي مڃتا طور ڪهڙين تنظيمن يا ادارن طرفان ايوارڊ، ميڊل يا سرٽيفڪيٽ مليا آهن۔
شبانہ عالماڻي: سانا ڪينڊا جي طرفان مڃوتي شيلڊ منسٽر سيد سردار شاھ
هٿان ملي.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ شاعر ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: شاھ عبدالطيف ڀٽائي، استاد بخار ۽ ٻيا جيڪي سٺو لکن ٿا پسند آهن.
نظام دراني: اوهان جي ڪا خواهش، جيڪا اڃان تائين اڌوري آهي۔
شبانہ عالماڻي: تعليم کاتي ۾ ڪميشن ڪئي آهي، نوڪري جي خواھش آهي.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ رنگ ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: قدرت جا سڀ رنگ پيارا آهن، وري بہ ٿڌو گلابي رنگ.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ فنڪار ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: عابدہ پروين، فقراء راڳي تصوف سان ڳنڍيل.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ کاڌو ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: ساڳ سرنهن جو، جوئر جي ماني.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ گل ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماني: گلاب ۽ موتيو
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ ڪتاب ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: قرآن پاڪ، لطيف سرڪار جو رسالو گنج،
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ موسم ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: دل جي موسم ڀلي آ تہ سڀ ڀليون، پر بھار وڌيڪ آ.
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ سواري ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: ريل گاڏي
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ ملڪ ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: سنڌ کان وڌيڪ ڪو سھڻو ملڪ ناهي. مون ملڪ ڏٺا تہ ناهن، پر استمبول ۽ پيئرس ڏسڻ جي خواھش آهي. سعودي عرب عمري لاءِ ويس، بي حساب سھڻو ملڪ محبوب جو آھي.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ موضوع ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: شاعرن کي ھميشہ شاعريءَ جو موضوع هجي بس.
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ خوشبو ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: ڌرتيءَ جي چيڪي مٽي جي خوشبو.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ اديب ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: سڀ پنهنجي وت آھر ڪم ڪن پيا ۽ سٺو لکن پيا.
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ شخصيت ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: منهنجي امڙ! غلام صغران ۽ ادا وڪيل گلزار عالماڻي.
نظام دراني: اوهان جو پسنديدہ شهر ڪهڙو آهي؟
شبانہ عالماڻي: پنهنجو ئي شھر ”مورو “.
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ زيارت ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: نبي پاڪ صلم جي زيارت ۽ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي.
نظام دراني: اوهان جي پسنديدہ صنف ڪهڙي آهي؟
شبانہ عالماڻي: گيت تمام پسند آهي.
نظام دراني: عشق جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آ؟
شبانہ عالماڻي: عشق کي مان الله چوندي آهيان.
نظام دراني: هڪ طرفي محبت جي باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندؤ؟
شبانہ عالماڻي: اسان آپڻي توڙ نڀائون، اھندي اوڄاڻي.
نظام دراني: اوهان جي نظر ۾ عورت ڇا آهي؟
شبانہ عالماڻي: عورت عزت جو در آهي، محبت جو محور ۽ عورت هڪ ڪشادو
ادب، تھذيب تميز جو ادارو آهي.
نظام دراني: اوهان جي ڪا اهڙي عادت جيڪا اوهان کي پريشان ڪندي آهي؟
شبانہ عالماڻي: جلد ويساھ ڪرڻ ۽ انهن جي منافقيءَ تي بہ روئي ڏيڻ.
نظام دراني: زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن سان پيار ٿيو؟
شبانہ عالماڻي: اڄ جي عورت آزاد آهي ڀلي ڳالھ آ! پر ڇڙواڳي عورت کي
زيب نٿي ڏئي، مون
سنڌ ڌرتي، سنڌوءَ درياھ ۽ تخليقن سان بيحد محبت ڪئي آ.
نظام دراني: زندگيءَ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟
شبانہ عالماڻي: زندگي رب پاڪ جي نعمت آهي، هن مان مايوس نہ ٿيجي.
نظام دراني: اوهان جي دل ڪڏهن ٽٽي؟
شبانہ عالماڻي: جڏهن جابر، ظالم، مظلوم تي نا انصافيءَ جا هر روز جبل ڪيرائي.
نظام دراني: زندگيءَ ۾ اوهان کي ڪنهن دوکو ڏنو؟
شبانہ عالماڻي: دوکو ڏيندڙ هميشہ تڪليف ۾ رهندو آ، بس سدا خوش هجن.
نظام دراني: شادي پسند جي آهي يا وڏن جي مرضي سان ڪئي؟
شبانہ عالماڻي: وڏن جي رضا، بابا! ۽ ڏاڏيءَ جي رضا سان.
نظام دراني: اوهان جو اولاد ڪيترو آهي ۽ اولاد ۾ سڀ کان وڌيڪ
پيارو ڪير آهي؟
شبانہ عالماڻي: اولاد جهڙي شيءَ ناهي، چار ٻچڙا آهن. ”ميرحسن عالماڻي، فاطمہ بتول عالماڻي، زين العادين عالماڻي ۽ زنيرا بتول عالماڻي“
نظام دراني: اوهان کي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالھ تي ايندي آهي؟
شبانہ عالماڻي: جيڪو غلط ڪري ۽ غلط ڳالهائي ريء تھذيب.
نظام دراني: گهڻي خوشي ڪهڙي ڳالھ تي ايندي آهي؟
شبانہ عالماڻي: جڏهن ڪنهن سان انصاف غائبانا ٿئي ۽ ظالم کي ھار نصيب
ٿئي.
نظام دراني: پنهنجي نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيندؤ؟
شبانہ عالماڻي: علم پرائن، قلم جهڙي ڪا طاقت دنيا ۾ ناھي، ۽ نوڙت ھميشہ رکن جنهن ۾ رب بہ راضي آھي.
نظام دراني: آخر ۾ اسان جي ننڍڙي ادبي ڪوشش جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ڏيندؤ؟
شبانہ عالماڻي: اوهان جو هيءَ قدم ساراھ جوڳو ۽ سگهارو آهي، ڇو تہ ڪي ڪي اھڙيون شخصيتون جيڪي دنيا جي گولي تي تہ آهن، پر انهن جي ميار، ويليو جي ڪنهن کي خبر ناهي، اوهان جس لھڻو جو هيءَ جاکوڙي وک ڍري ٿيڻ نٿا ڏيو، اوهان جي هن علمي قدم تي اوهان جس لھڻو۔
