(ادبي تنقيد) وجوديت جي ڊيسڪ کان ترقي ـ پسنديءَ تائين! ـ خليق ٻگهيو

 


سنڌي افسانوي ادب ۾، جڏهن اولھ جي جديديت جي تحريڪ جا اثر پيا، تڏهن سنڌي تخليقڪار ٻِن مڪتب فڪر ۾ ورهائجي ويا. هِڪڙا هئا، جَن وٽ، چِٽي طرح، تخليقي ادب جي پُٺيان ترقي پسندي يا مارڪسزم هو. جَن جي تخليقي ادب جو محور طبقاتي سماجُ هو.فَن ۾ داخليت برعڪس، معروضي صورتحال ۽ واقع نگاريءَ تي زور هو. وڏيرڪي ـ نظام تحت، سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم، بربريت، بُکَ، بدحالي، بيروزگاري، اَوديا، جھالت، ناخواندگي، عورتن سان ٿيندڙ ظلم،” ڪارو ڪاري“ ڪلچر خلاف بغاوت هئي ۽ ادب وسيلي هڪ متوازن ۽ غير طبقاتي سماج جو آئيڊلزم هو،پر اڳتي هلي، سندن ترقي ـ پسندي نعري بازي ۽ شدت پسنديءَ جو شڪار ٿي وئي.جنھن ڪري اُھي سماجَ ۽ ادب جي گهڻ ـ پاسائين سائنسي تجزيي ڪرڻ ۽ ادبي تخليقيت ڏيڻ بدران، سياست، نعري بازي ۽ ادبي انتھا پسنديءَ جي سَمتن جو شڪار ٿي ويا، ٻئي پاسي ادبي ـ جديديت جي تحريڪ جا، ٻيا ڪي اِھڙا تخليقڪا هئا، جَن وٽ، وجوديت، سرئيلزم، اظھاريت، شعور جو وھڪرو ۽ علامت ـ نگاري ۽ اظھاريت جي تحريڪن، ادبي لاڙن ۽ رجحانن کي مرڪزي بڻايو ويو. مدد علي سنڌي، مشتاق شورو، ماڻڪ، اِھڙن افسانوي ادب جي رستن جو بنياد تخليق ڪندڙ هئا. ساڳئي طرح، ادبي جديديت ۽ وجودي ـ ادب جي رستن تي، ڪيھر شوڪت ۽ ڪنھن حد تائين وجودي ـ ادب جي لحاظ کان موهن ڪلپنا، لعل پشپ، شيام جئسنگهاڻي ۽ جزوي طور علي بابا کي پڻ شمار ڪري سگهجي ٿو.

وجوديت، اوڻيھين ۽ ويھن صديءَ جي غير ـ يقيني صورتحال خلاف هڪ ”دانهن جو فلسفو“ ثابت ٿي هئي. وجوديت جي فلسفي جي شروعات تہ پھرين عالمي جنگ کان اڳ ٿي چُڪي هئي، پر هِن فلسفي جو جوڀن ٻئين عالمي جنگ جي دوران ۽ اُن کان پوءِ رهيو. وجوديت، ڪنھن ٻئي مرڪز بدران، خود انسان کي مرڪز ۾ رکي ٿي. وجوديت، فطرت، سماج ۽ مافوق الفطرت وارين شين جي اهميت کان انڪار ڪري، اجتماعيت برعڪس انفراديت کي هٿي ڏني. هِن فلسفي موجب، انسان پاڻ پنھنجو ٺاھيندڙ آھي ۽ زندگيءَ جي معنيٰ به هُو پاڻَ ئي پيدا ڪري ٿو.

ادبي جديديت ۽ وجودي فلسفي جي پيشڪش ۾ دنيا جا وڏا نالا اچيو وڃن. مثال:

سورين ڪريڪيگارڊ Kierkegaard

نٽشي Fried Nietzsche

سارتر Jean paul sartre

سائمن ڊي بُوائير Simone de Beauvoir

البرٽ ڪاميو Albert Camus

مارٽن هائيڊيگر Martin Heidegger

جهڙا اهم نالا قابل ـ ذڪر آھن، جَن آزاد شعور Free will ۽ آزاد عمل جو سَڏ ڏئي، پنھنجي فلسفياڻي ۽ تخليقي ـ جوهر جي دريافت ڪئي ۽ معاشرتي طور، اڳواٽ مقرر طئِہ ٿيل معنائن کان نابري واري ورتي. ٻِئي پاسي کان، وجوديتَ Existentialism، فلسفياڻي ۽ ادبي ـ نھج تي ماڻهوءَ جي ڳڻتي، نراسائي، ننڌڻڪائي، مونجهارن تي فوڪس رکڻ جي ڪري، باقي انقلابي سماجي چئلينجز کان فراريت پڻ اختيار ڪري وئي. شو پنھار تہ نراسيت ـ پسند هو. ڪريڪيگارڊ وجودي هئڻ باوجود، عقيدت ـ پرست. نٽشي، معاشري جي نقصن جي حل بابت ڪجھ، نہ ڏيڻ واري ناڪاميءَ بعد، سپر مين جو تَصور ڏئي فراريت ـ پسنديءَ جو شڪار ٿيو. ڪاميو بہ زندگيءَ / سماج کي بي ـ معنيٰ سمجهيو، پر ڪاميو وٽ، زندگيءَ ۾ معنيٰ جي غير موجودگيءَ جي باوجود، زندگيءَ کي قبوليت ڏيڻ وارو تصور هو. ڪاميو، زندگيءَ کي صفا بيڪار شيءِ نہ سمجهندو هو، يا زندگيءَ مان مڪمل مايوس ڪونہ هو. پر هُن زندگيءَ کي پاڻ معنيٰ ڏيڻ واري ڳالھ ڪئي.

اُنهيءَ رخ ۾، وجودي، علامتي ۽ اسٽريم آف ڪانشسنيس جي ساڳئي دڳَ جي، ادبي ـ جديديت جي تخليقي ـ مسافر اخلاق انصاريءَ  جو نالو بہ سنڌي فڪشن ـ ادب جي چوٽيءَ جو نالو رهيو آھي. اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻين ۾ جدت طور، ڪھاڻيءَ جي روايتي فَن جو ٽوڙ بہ آھي، جيئن سندس ڪھاڻين ۾ عروج Conflict موجود  آھي، پر اُن ۾ حالتن جي شديد دٻاءُ، شديد ـ ڇِڪتاڻ Tension ڪونهي. سندس ڪھاڻين ۾ عروج ڪونهي، جنھن ڪري، پڙھندڙ لاءِ هن جي اڪثر ڪھاڻين ۾ تجسس جو مرحلو نظر ڪونہ اچي ٿو. جڏهن تہ ڪھاڻي پڙھندڙ لاءِ، ڪھاڻين  ڪھاڻيءَ جي پلاٽ جي پڄاڻيءَ جو انتظار تجسس ڪري ممڪن هوندو آھي. اخلاق صاحب جون اڪثر ڪھاڻيون، ٻِن ـ ٻِن ڪردارن جي مڪالمن ۾  ڳالهائن ٿيون، جنھن ڪري انهن ۾ ڪھاڻي ـ پڻي جي کوٽ آھي. سندس ڪردار، مقرر معنائن تي ڀروسو ڪرڻ برعڪس، زندگيءَ جي بي ـ رحم حقيقتن جو زھر ڏيکارين ٿيون.سندس ڪردارَ، اڪثر رُومانوي، پر اُهي ذاتي خوشيءَ، سڦلتا، اهنج ۽ تنزليءَ جي ذميواري پاڻ قبول ڪندڙ ڪردارَ آھن. سچائيءَ جي ڳولا ۾ سندس ڪردارَ، خود پسنديءَ جو شڪار ٿي مستند زندگيءَ جي جاکوڙ ۾ هارائي وڃن ٿا. ترقي ـ پسند ادب ۽ ادبي ـ جديديت پسنديءَ جي ٽَڪراءَ ۾، هُن ڪنھن هڪ ـ طرفي جانبداري يا اھڙي واضح ڪميٽمنٽ جي برعڪس ٻنهي مڪتب فڪر جي وچ وارو رستو ورتو آھي. اخلاق صاحب جو پھريون ڪھاڻي ـ مجموعو ”رڃ ۾ رابيل“ ئي اِھڙيءَ ادبي ـ جديديت پسنديءَ جو پھريون اثر ورتل ڪھاڻي ـ ڪتاب آھي. پندرھن مختصر ڪھاڻين تي مشتمل، هِن ڪتاب جون پنج ڪھاڻيون جلدي، فوري يا مختصر ـ مختصر ڪھاڻيون آھن. جن کي فليش فڪشن چئبو آھي، اهي پنج ڪھاڻيون ايتريون اهم ۽ اثرائتيون نہ آھن، جو انهن تي ڳالهائڻ جي ضرورت پيش ايندي هجي. باقي اهم ڪھاڻين جو هتي ادبي تنقيدي جائزو وٺون ٿا.

اخلاق انصاريءَ جي ڪيترن ئي ڪھاڻين جا ڪردارَ، ڪاميو جيان معنيٰ جي ڳولا ۾ رهن ٿا. سندس  ادبي  سڃاڻپ بہ، وجودي ـ علامت نگاريءَ شعورَ جي وهڪري واري ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾  پئي رهي آھي، تنھن ڪري، سندس اهم ڪھاڻيون معروضي يا واقعاتي هئڻ جي برعڪس، موضوعي يا داخليت پسند پئي رهيون آھن. جيتوڻيڪ هُن ٻئي پاسي معاشرتي ڪھاڻيون پڻ لکيون آھن، پر سندس اڪثر ڪھاڻين جا ڪردارَ، ماڻهوءَ جي اندروني دنيا جا عڪس آھن. سندس ڪردار فڪر جي تڪليف مان گُذرندي، وجودي سوالن جا زنده استعارا بڻجي وڃن ٿا. سندس ڪھاڻين جا ڪردار، ٻاھرين عملن کان وڌيڪ موضوعي Subjective جهيڙن سان وڙھڻ ۾ مصروف رهن ٿا. اُھي ڪردارَ، معروضي سماجي صورتحال کي گهٽ فوڪس ۾ رکن ٿا، انهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو، ساروڻين، سوچ، خاموشيءَ ۽ سوالن ۾ گذري ٿو ۽ زندگيءَ جي چونڊ ۾ ڪِٿي بغاوت ڪن ٿا تہ ڪِٿي معنيٰ ٺاھڻ ۾ سرگردان ۽ پريشان آھن. هونئن بہ وجودي فلسفي واري تخليقي ـ ادب ۾، ڪھاڻين جا ڪردار، ويڳاڻپ  Alienation

بوريت Bordem زندگيءَ جي تلخين مان ڪراھت،ڪرب  Nausea، مايوسي Despair، شخصي وجود جي حقيقت Reality of individual ۽ موت جي تصور واري ڏک ۽ خوف Concept of death وغيرہ جا شڪار هوندا آھن. اخلاق صاحب جي ڪھاڻي ”ڏک : اڻ کٽ سلسلو“ وجودي ـ فلسفي جي چوڌاري ڦرندڙ، هڪ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ هڪ نوجوان جي محبوبہ روبرو توڙي فون تي ساڻس رومانس ۽ شاديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ چاھي ٿي، پر نوجوان تي وجوديت غالب آھي. اُن ڪري، هُو زندگيءَ جو انت پن ـ ڇَڻ جي فلسفي ۾ اظھاري ٿو. وجودي طور، هُو انفراديت ـ پسند آھي ۽ پنھنجي آزاد ـ شعورَ جو پيروڪار آھي. هُو آزاديءَ واري خواھش Freedm of Choice چاھي ٿو. ايتري قدر جو، هُو پنھنجي محبوبہ ۾ پڻ، بي ـ معنويت ڳولي لهي ٿو. کيس سڀ شيون، بي ـ مقصد ۽ بي ـ معنيٰ لڳن ٿيون، جڏهن تہ سندس محبوبہ کي، سندس اُهي ڳالهيون بڪواس لڳن ٿيون. اُھو ساڳيو احساس سارتر جي ناول Nausea  ۾ روڪنٽن کي ٿيندو آھي. ڪھاڻيءَ جي ڪردار مان Absurdist Aesthetics جو تاثر ملي ٿو. اخلاق انصاريءَ جي مھارت اِھا آھي تہ اتي ان ڪردار جي داخلي منظرـ ڪشي Interior Monologue جو عڪس پيش ڪري ٿو. هيءَ ڪھاڻي، نثري ـ نظم جي اسٽائيل واري انداز ۾ سرجيل ڪھاڻي آھي. هيءَ ڪھاڻي ٽئگور جي هِڪَ خيال مان، پنھنجي موضوعاتي ـ بندش جوڙي ٿي. ٽئگور جو اُهو خيال هيءُ آھي ته ”جنهن جي ڳولا ڪجي، سو نہ ملي، جنھن جي ڳولا نہ ڪجي سو ملي“ :

I lose my way

And I wander

I seek what I can not get

I get what I do not seek.

ساڳيو خيالُ، صوفي ازم ۾ روميءَ وٽ پڻ ملي ٿو. ”تون جيڪو ڳولي رهيو آھين، سو توکي ڳولي رهيو آھي“ انهيءَ ڪھاڻي اندر ماڻهوءَ جي اندر جي مفھوم جي گُمشدگي The loss of meaning جو تاثر بہ آھي تہ اندروني ڳولا، ذاتي آزادي ۽ فڪر جي بي معنيٰ هجڻ جو هڪ فلسفياڻو اظھار بہ آھي.

ادبي جديديت نَون هيئتي تجربن جي پناھ گاھ رهي آھي. فن جي مختلف پيشڪش ۽ منفرد متني ـ ساخت جي سمت ۾، رشين ۽ سنڌي ـ ٽائيپ ترقي ـ پسنديءَ جي سخت پسندي، جبريت ۽ انتھا ـ پسنديءَ جي ڀيٽ ۾ اخلاق انصاريءَ وٽ، اظھاريت ۾ رومانويت پسندي، تاثريت پسندي ۽ نرملتائن جنمڻ خاطر ڪي Soft Zones آھن. جيئن سندس ڪھاڻي ”سَرُوپ ڪَرُوپ، ڀاڳ ـ سڀاڳ جي رڃ ۾ ڀَٽڪندڙ توهم ـ پرستي خلاف هڪ ترقي ـ پسند ڪھاڻي آھي. سَرُوپ جي معنوي تصورُ، ڪنھن به شيءِ  جي حُسن،ڀاڳ، مُنھن جي پَني، شڪل ۾ وٺي سگهجي ٿو ۽ ڪَرُوپ، ڪام ڪروڌ ڪاوڙ يا رنج جي معنائن جو علامتي تصور ڏيندڙ لفظ آھي. ڪھاڻيءَ جو متني ـ جوهر، مندر ۾ پاٺ ڪرڻ، آس ـ نراس، مايوسيءَ جو جنم وٺڻ، رسڻ ـ پرچاءُ، ماضيءَ جي سُکَ ۽ حال جي درد جي بيانيي تي انحصار رکي ٿو. فني طرح، هيءَ ڪھاڻي شاھ لطيف جي بيتن مان نثري ـ معنويت پيدا ڪندڙ بيانيي واري نئين تجربي اڌار بيٺل ڪھاڻي آهي. يا ائين چئجي ته، لطيف سائين جي نظمي، صورت ـ گيريءَ مان، ڪھاڻيءَ جي ٽيڪسٽ واري اظھاريت تخليق ڪئي وئي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ هندي ٻوليءَ جي گهڻن لفظن توڙي منفرد متني اسلوب جي پيش نظر، ڪھاڻي پڙھندڙ جي عام تجربي کان مَٿي تان گذري وڃي ٿي. عام پڙھندڙ اُن کي ڪھاڻيءَ جي نقص سمجهي بيزار ٿي پوندو. مشاھدي آڌار، هيءَ ڪھاڻيءَ جوڳيءَ جي سماڌيءَ اڳيان ”اوم اوم پرڀو شانتي، اوم اوم پرملا شانتيءَ“ جي ورلاپ کي اوتيندي، مندر ۾  ڀائي شلوڪن جي بند ٿيڻ بعد، هڪ بيواھ پرملا جي مٿان ڪمري/ مندر ۾  لنگ آڏو اکيون بند ڪري ويھڻ واري عڪس بندي ڏيکاري ٿي. لنگ مٿان لوٽي مان جل ڌار ڪرندڙ، گل ڳاڙهو لوٽي مٿان جا ڏيکَ، ۽ ڀائيءَ جي ”اگم اگوچرا اگڻا الک ابناسي آھين. شاھن جون تون شاھ“ واري ڪامنائن جون منظر نگاريون ڏيکاريندڙ هيءَ ”علامتي ڪھاڻي“، هندو ازم جي فلسفي کي به اظھاري ٿي ۽ انڌي عقيدت پرستيءَ ۽ توهم ـ پرستيءَ تان پردو هٽائي ٿي. ڪھاڻي ڏيکاري ٿي ته پرملا ۽ چندر جو عشق به هن مندر ۾ تخليق ٿيو هو، پر چندر واڳون ڳرڪائي ويا، مري ويو. پيءُ جي چوڻ تي بيوهه پرملا وري وينتين ۽ ڪامنائن لاءِ مندر وڃي ٿي ته مندر ۾ ڀائي کيس لنگ ڏي اشارو ڪري چئيس ٿو ته ”هي لنگ پٿر جو ڪٿان پُٽ ڏيندءَ.پرملا ڏٺو ته ڀائيءَ جي ڌوتي مٿي هئي جتي، جيئرو جاڳندو لنگ هو“ هِن ڪھاڻيءَ جو اُهو ڪلائيمڪس شديد اثرائتو ۽ ترقي ـ پسند ادب جو گواھ ڪلائيمڪس آھي. مڙس چندر جي مري وڃڻ بعد پرملا جو مندر ۾ دعا لاءِ وڃڻ پُٽ ڄمڻ لاءِ ته ڪونه هو، جيئن ڀائيءَ سمجهيو هو. هوءَ ته ماضيءَ ۾ پُٽ ڄمڻ وارين زيارتن جي ساروڻين ۾ اڳ ئي ناسٽيلجا جو شڪار ٿي رهي هئي. انهن ساروڻين ۾ فني طرح شعور جو وهڪرو Stream of Consciousness هو. پر هن ڪھاڻيءَ جي ٻولي ۽ پيشڪش ترقي ـ پسند ادب جيان سولي سادي ۽ سِڌي نه، پر ادبي جديديت جي اثر ڪري ابھام  Ambiguity  جو شڪار آھي. ساڳئي طرح هِن ڪھاڻيءَ ۾، عقل جي جَک هڻڻ بدران پلاٽ، سواءِ پُڄاڻيءَ جي، پيچيده ۽ ناقابل فهم رکيو ويو آھي ۽ ٻولي مُنجهيل آھي. اُهو ڪھاڻي لِکڻ جو طريقو،.ترقي ـ پسند ادب جي ابتڙ، ادبي ـ جديديت ۽ جدت جي سائنس وارو طريقو آھي، جنھن وسيلي لِڪَ ـ ڇِپ ۾ اُهو راز به کُلي ٿو ته ماڻهوءَ جو جوهر، ڪم ڪرڻ واري صلاحيت پيدائشي ڪانهي.

اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻي لِکڻ جوانداز، اِهڙو به آھي، جو پڙھندڙ مڪالمن ۾ وڃائجي اصل ڪھاڻي وساري ويهي ٿو. سندس ڪِن ڪھاڻين ۾ ڪردارن جو تعارف موجود نه آھن يا گهٽ تعارف ٿيل آھن. سندس ڪِن ڪھاڻين ۾ انوکي جدت جي ڪيمسٽري آھي، جيڪا چڱي ڀلي پڙھندڙ Parexcellence کي پڻ مُنجهائي سگهي ٿي، جيئن سندس هڪ ڪھاڻي ” ڊگهي سفر جي آخري منزل“ آھي. هن ڪھاڻيءَ جو متني ـ سرشتو ٻِن بابن تي محيط آھي .1 پڇاڙيءَ جي شروعات 2 شروعات جي پڇاڙي. ٻِنهي زاوين کي، پڙھندڙ نوٽ ڪري، ڪھاڻيءَ جي جوهر يا Message Delivery تائين پھچي سگهي ٿو. اُنهيءَ کان سواءِ، سندس ڪھاڻيون پڙھندڙ کان گَهڻو ڌيان گُهرن ٿيون. نه ته ٻي صورت ۾ پڙھندڙ ڪردارن جي مڪالمن ۾ مونث مذڪر جي تفاوت نه ڪرڻ ڪري مُنجهي سگهي ٿو. اخلاق صاحب جي ڪھاڻي ”ڊگهي سفر جي آخري منزل“ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ٻِن پريم ڪندڙ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي اِھڙي ڪھاڻي ئي آھي، پر غور ويچار بعد، متني جوهر مان سُڌ پوي ٿي ته هيءَ ڪھاڻي، ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي مختلف رخن، آدرشن يا نظرين جي ڪٿَ ۽ فڪري سوالن جي جنم ـ آستان جو ڪجهه وقت لاءِ اهتمام ڪري ٿي. مثال طور: ٻنهي ڪردارن جي وچ ۾ مڪالمن وسيلي فرائيڊ جي سيڪس بابت ٿيوريءَ تي اُهو چئي کِلڻ ته ”جي ماڻهو ٻنهي جنسن واري خاصيت رکندڙ Bisexual هجي ها ته نه فرائيڊ سائيڪالاجسٽ هجي ها ۽ نه ڪو ڪامپليڪس هجي ها“ هِن مڪالمي ۾ Bisexual هجڻ جو امڪان جِتي ڇرڪائيندڙ ۽ بيباڪ متن آھي، اُتي فرائيڊ تي تنقيد ۽ زندگيءَ جي نئين امڪاني رخ طرف به اشارو آھي. يعني معنويت جي منسلڪ ۾، هتي جنسيت جي ڪامپليڪس ختم ڪرڻ واري ٽوڪَ ۽ مزاح ۾ Bisexual هُجڻ ڏانهن اشارو ڪندي، ڪھاڻي،ماڻهوءَ کي جنسيت جي پهلوءَ کان سندس نارمل نه هجڻ، ذھني دٻاءَ جو شڪار ٿيڻ، مونجهاري، نفسياتي تڪرار يا ماڻهوءَ جي اِھڙي احساس ـ محروميءَ کي فوڪس هيٺ آڻي، ڪارڻن يا سببن ڏانهن ڌيان ڏياري ٿي. پوءِ اهو فطري آهي يا غير فطري، اهو الڳ بحث آھي. ائينءَ، هِن ڪھاڻيءَ ۾ ”مون ۾ آھين تون“ واري شدت سان پنھنجايل ۽ مقبول ٿيوريءَ جي حمايت کان انڪار ڪري، ان تي داخلي ڪيفيتن تحت تنقيد ڪندي ڪردار، ماڻهوءَ جي انفراديت تي زور ڏيڻ، رومانس ۾ به، ميٿميٽڪ جي Accurate اصولن جي Accuracy وارو تصور، ساروڻين کي پڪاسو جي ايبسٽريڪٽ آرٽ سان ڳنڍڻ جو سعيو، مادي تصوف، گوتم جي ڏک جو فلسفو ۽ ڏک مان سُک وٺڻ وارو دقيق ۽ نزاڪت وارو آدرش ۽ اهم شيءِ وجوديت جو فلسفو آھي، پر ساروڻين جي اسٽائيل ۾ سرجيل، هِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪوبه فلسفو يا نظريو زندگيءَ جي فيصلا ـ ڪُن مرحلي لاءِ ٽِڪاءُ نٿو ڪري، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ اندر، مذڪوره نظريا ۽ فلسفا عارضي محسوسات بڻجي وڃن ٿا. پڙھندڙ هِن ڪھاڻيءَ مان زندگيءَ بابت ڪا مستقل پرستي، آفاقيت يا مڪمل رهنمائي حاصل ڪري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سڀ شيون ۽ شعور جي وھڪري Stream of Consciousness واري ٽيڪنڪ ۾ وھڪري جيان وهايون ويون آھن. هِن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردارُ، جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪري ٿو، اُھا ساڻس شادي ڪرڻ چاھي ٿي، پر هُو سمجهي ٿو ته شادي ڪرڻ سان وڌيڪ ڏک جو شڪار ٿبو. ڇاڪاڻ ته شاديءَ کان اڳ به ڏک آھي. شاديءَ بعد به ڏک آھي.اُن ڪري ڪا به حاصلات ڪانهي. هُو سمجهي ٿو ته شادي ڪرڻ يا ٻئي جي پيار ۾ گُم ٿيڻ سان پنھنجي شخصيت ضايع ٿي وڃي ٿي. سندس انڪار تي سندس محبوبه ڪنھن ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي ٿي. ڪافي وقت بعد ريل گاڏيءَ ۾ اسٽيشن تي هُو پنھنجي محبوبا جي ملڻ واري اميد کڻي انتظار ڪري ٿو. سندس محبوبا کيس ٻُڌائي ٿي ته هُن شادي ڪئي، پر فالج ڪري کيس مڙس ڇڏي ڏنو. هُو هُن کي هاڻي، شاديءَ جي آڇ ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو، پر هوءَ کيس، سندن وچ ۾ ٿيل معاھدو ياد ڏياري ٿي ته ”اُهي تيستائين گڏ رهندا، جيستائين هڪ ٻئي تي بار نٿا ٿين“ ۽ پوءِ هٿَ لوڏيندي واپس هلي وڃي ٿي، ڇو ته هوءَ سندس مٿان بار ٿيڻ نٿي چاھي. زندگيءَ جي احساساتي مڪينزم ۽ نازڪ موڙ تي بيھندڙ اِهڙن ڪردارن جي انوکائپ، هيءَ ڪھاڻي چونڊي اچي ٿي.

اخلاق صاحب جي هڪ ٻي ڪھاڻي” Unbalanced ماڻهوءَ ۾ به هڪ نوجوان کي ڇوڪري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪندي چئي ٿي ته ” آئون يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ آئي آھيان. آئون شادي ڪري، ٻار پيدا ڪري، انهن ۾ پنھنجا ۽ سوسائٽيءَ جا ڪامپليڪس وجهڻ نٿي چاھيان.هن ڪھاڻيءَ ۾ به يونيورسٽي آھي. سندس اڪثر ڪھاڻين وانگر رومانٽڪ ڪردارن جي وچ ۾ مڪالمن اندر فلسفو به آھي، شيو مھاراج ڪيلاش جي پربت تي ويھي وارن ۾ گنگا لاھڻ، ڏند ـ ڪٿائي ڪردارن جا حوالا، ڪردارن تي سَروُپ ڪُروپ ڪھاڻيءَ وانگر هندو ڌرم جو اثر، ريئلزم جي خوف کان آئيڊلزم ۾ پناھ وٺڻ، پيءُ جو کيس گهر مان  ڪڍڻ سان گڏوگڏ ٻيون به وجوديت، ويدانيت، پيار جي ڳالهين جو ورجاءَ آھي ساڳئي طرح، اخلاق صاحب جي هڪ ٻي ڪھاڻي”ماڻڻ نه ماڻڻ “ ۾ به يونيورسٽيءَ جي هڪ ڇوڪريءَ جون ساروڻيون آھن، جنھن کي خط ـ نما يا ڊائري ـ نما اسٽائيل ۾ لِکيو ويوآھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ به، يونيورسٽي آھي. وري گوتم جي فلسفي واري ڳالهه به آھي. نرواڻ، ڀڪشو جهڙي ڀٽڪندڙ روح جو ذڪر به آھي. آرٽسٽ نوجوان سان موکي نالي هڪ ڇوڪري، ساڻس محبت ڪرڻ جي باوجود کيس رد ڪري ٿي ۽ هڪ ٻئي پيسي واري ماڻهوءَ سان شادي ڪري ٿي، جنھن ڪري نوجوان موٽ ۾ وجوديت جي فلسفي جهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو. اخلاق صاحب هِنن ڪھاڻين ۾ بلڪل ورجاءَ جو شڪار ٿيو آھي.

اخلاق صاحب  جي هِن ڪھاڻي ـ مجوعي ۾ موجود ڪھاڻين جي هيئت، ٻولي ۽ پيشڪش ڏِسجي ته سندس ڪھاڻيون ڪِٿي نثري نظمن جي آرٽ تي سرجيل آھن ته ڪِٿي بيھڪ جي نشانين Punctuation جي مدد سان اڳتي وڌن ٿيون. اُهي ڪھاڻيون رشين حقيقت نگاري، ايڊيگر ايلين پو ٽائيپ، چيخوف اسٽائل، جمال ابڙي، نسيم کرل ۽ امر جليل جي انداز توڙي شروعات، وچ، عروج ۽ ڪلائميڪس جي سِڌي لڪير تي سفر ڪندڙ ڪھاڻيون نه آھن، پر سندس ڪھاڻين جي هيئت ۽ تخيلاتي مزاج ۾ علامت نگاري، وجوديت، شعور جو وھڪري ڪري عالمي سطح تي، کيس مارسيل پروست، جيمز جوائس، فرانز ڪافڪا، البرٽ ڪاميو، ورجينا وولف، سيموئل بيڪيٽ جهڙن فڪشن اسٽائل جي ليکڪن طرف شمار ڪري سگهجي ٿو. سندس هِنن ڪھاڻين جو فلسفو، دوستووسڪي، سارتر، ڪريڪيگارڊ، ڪارل جسپرس، گبريل مارسل، پال ٽيلج وغيره سان ڳنڍي،ان روشنيءَ ۾ به ڏِسي سگهجي ٿو. اخلاق صاحب وٽ اُن ڪري، ڪھاڻي، آکاڻي ڪانهي. واقع نگاريءَ جي برعڪس، هُو ٻِن رومانوي يونيورسٽيءَ جي شاگرد ڪردارن وچ ۾ مڪالماتي رنگ ۾ نظرين، فلسفن، شعور جي تيز ڌارئن کي ڇيرا ڏئي ڪھاڻي سرجي وڃي ٿو. سندس ڪھاڻيءَ کي، روايتي فارم تحت شروعات عروج ڪلائيميڪس جي جدولي رياضيءَ جي گهرج ڪانهي. جيئن سندس اهم ڪھاڻي ”اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ“ آھي، جنھن ۾ نثري ـ نظم ۽ بيهڪ جي نشانين اندر معنويت لِڪل آھي. اسٽريم آف ڪانشسنيس واريءَ هِن ڪھاڻيءَ ۾، فزڪس تحت هر شيءِ ٻي شيءِ کي ڇِڪي ٿي، مفاصلو ڇِڪ کي گهٽائي ٿو، فزڪس جي ٿيوري رومانس تي لاڳو ڪرڻ واري ڳالهه ڪھاڻيءَ ۾ زبردست ۽ شاندار نموني سان آندي وئي آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار وجودي فلسفي جي اثر ڪري، زندگيءَ جي بي مقصديت، بي معنويت  Being and absurdity  جي احساس جو شڪار آھي. ڪھاڻيءَ ۾ عقليت ـ پسنديءَ جي جبريت تي مرڪزي ڪردار تنقيد ڪري ٿو. هُو، پاڻ سڃاڻڻ Self realization جي ڳولا ۾ آھي. مڪالمن مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته کيس کنڀي دنيا ۾ اڇلايو ويو آھي. ڄڻ ته زندگيءَ جي هر طرف کان ساڻس ڊوھ ٿيو هجي. هُو زندگيءَ ۾ چونڊ جي معاملي ۾ Freedom of choice جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي فيصلن جي مرحلن تائين نٿو پھچي سگهي.اُهي سڀ وجودي وارتائون ئي آھن. ڪھاڻي سوال اڀاري ٿي ته، دنيا ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڊليور ڪري ڇا ٿو سگهي؟ ڪھاڻيءَ ۾، آءِ آءِ قاضيءَ جي آپگهات وارو سوال ۽ شيڪسپيئر جي جماليات جا ڇهاءَ ڪھاڻيءَ جي ٿوري عڪس بندي بڻجن ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالمن مان شعوري ـ اُڇلون ڇُلڪن ٿيون. سماجي سائنس تي تنقيد، رشتن جي ساخت ۾ معنويت جي ڳولا، ستن جنمن وارو سوال، جدلياتي ماديت، هيگل جي ٿيسز اينٽي ٿيسيز، پورهيت جو ڪردار، انقلاب جو فلسفو، ڪرشن مھاراج جا قول، ڪرشن جو ڪام، گوپين ۽ شادي شده  راڌا سان ڪام واسنا پوري ڪرڻ تي ڪروڌ، جڳديش، چندر پوش ڪھڙو فلسفو ڏنو؟ هندومت، ويدانيت، سائنسي ٽڪراءُ وغيره ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻي انٽليڪچوئل ذھنن جي اوک ـ  ڊوک مذڪوره سڀ شيون، لقاءَ ۽ خيالَ هن ڪھاڻيءَ جي زينت بڻجن ٿا. ڪلائميڪس ۾، هيءَ ڪھاڻي ثابت ڪري ٿي ته هي سڀ علم، فلسفا، نظريا ۽ شعور، ڳالهين جي حدن تائين محدود شيون آھن. پوءِ به، ماڻهوءَ کي ڇا گهرجي؟ ٻه گرههَ مانيءَ جا کپن ۽ هي سڀ فلسفا، فڪر نظريا ۽ ڌرمي ڪسوٽيون ۽ ڳالهيون بکايل جو پيٽ نٿيون ڀري سگهن! هن سموري ڪھاڻيءَ جي اُڻت وجوديت واري فلسفي واري آھي ۽ ڪلائميڪس ترقي پسنديءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.

هِن ڪتاب اندر ”رستا“ ڪھاڻي هڪ منفرد موضوع واري ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي ته، هڪ ايماندار ماڻهو، اداري ۾ نوڪريءَ ڪندي، ڪيئن اڻ ـ وڻندڙ حالتن ۾ بيزاري محسوس ڪندي، Unfit رهي ٿو ۽ ڪنھن ٻئي ڌنڌي ۾ ايمانداريءَ سان فطري ماحول ۾ نٽھڻ اُس ۾ لُوهُ ڪُٽڻ ۾ به روحاني خوشي محسوس ڪري ٿو؟ ماڻهوءَ جي اِهڙي داخلي وارتا ۾، ٿيل محسوساتي بدلاءَ کي هيءَ ڪھاڻي فوڪس هيٺ آڻي ٿي. هيءَ ڪھاڻي ڏيکاري ٿي ته صحت کاتي اندر هڪ ڪينسر اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڪردارن، وارڊ بواءِ، ڊائريڪٽر، اسٽور ڪيپر ۽ پٽيوالن جي ٽيڪنڪي ڪرپشن، منافقت ۽ حرامخوريءَ ڪن ٿا؟ خوبصورت تشبيھن ۽ استعارن ۽ نفاست سان تخليق ٿيل، هِن ڪھاڻيءَ ۾، اسپتال جي ماحول کي زبرست مشاھدي سان پيش ڪندي، نه صرف ڪينسر جي مريضن جي مختلف تڪليفن پھتل حالتن ۾ فطري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي، پر اسپتال ۾ موجود شين، گاماٽران مشين سان گاماريز، فلم بيج ۽ پينٽوزيميٽر، ريڊيشنس اسٽريچر جو ڪم ۽ اسپتال جي ماحول، ڄڻ ته اصلي ۽ تخليقي جَهات سان عڪس بند ڪيو ويو آھي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ديدار، اسپتال جو هڪ گاماٽران آپريٽر ملازم آھي، جيڪو گاماٽران هيٺيان مريضن کي اسٽريچر تي سمھاري ٽي وي سيٽ تي مريضن جي نمبر وار چڪاس ڪري، گاماٽران مشين سان گاماريز ڏئي ٿو. ھُو اسپتال جي ڪاريڊور مان ٻاھر مختلف گُل ڏِسي، سنگ ـ مرمر جي اڇي پليٽ تي لِکيل لفظ پڙھي ٿو، جيڪي هن ريت آھن:

Silent Spring,

In the memory of those,

Who perished in the service of mankind.

ديدار کي، ڊئريڪٽر پاڻهي گُهرائي، اُهو چَئي کيس مھيني جي موڪل ڏئي ٿو ته ”فلم بيج جي پينٽوزيميٽر جي رپورٽ موجب توکي به Radiation لڳا آھن. وڌيڪ لڳئي ته ڪينسر نه ٿي پوئي...سو تون ڀلي وڃي مھينو آرام ڪر....هونءَ به حرامخور آن...توکي ته رڳو موڪل کپي، وڃ هتان!“ ديدار جي اهڙي بيعزتي ڪندڙ ڊائريڪٽر کي پاڻ کان وٺي، اسپتال جي سمورن ملازمن جي ڪرپشن نظر ڪونه ٿي اچي؟ پر ايماندار ملازم سان سندس اِهڙو ورتاءُ ۽ منافقت سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي.

هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي ”رڃ ۾ رابيل“ سماجڪ وايو ـ منڊل جي هڪ اِهڙي سگهاري ۽ پُر اثر ڪھاڻي آھي، جيڪا پير ـ پرستيءَ جي ڌُٻڻ ۾ نياڻين عورتن جي عصمت لُٽيندڙ نام ـ نهاد پيرن جي پَت وائکي ڪري ٿي. موضوعاتي طور، هيءَ ڪھاڻي روايتي آھي، جدت سان سرشار ڪانهي، پر هي ڪھاڻي، سنڌ جي مُلاڻي، پير پرست معاشرتي بيھڪ ۽ طبقاتي سماج ۾. عورت جي انساني ۽ سماجي حيثيت کي ادبي ـ ڊسڪورس جو حصو بڻائي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ساران جو حُسن آھي، جنھن سان رات جو گهر ۾ آيل نام نهاد پير زنا ڪري ٿو. ساران جو هن واقعي کان اڳ، مڙس گهر ۾ آيل چورن هٿان قتل ٿي وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريل آھي ته ريپ ٿيل ساران جا مائٽ به موٽ ۾ پير مرشد کي سزا ڏيڻ کي قيامت  ڪاري ڪرڻ ۽ عظيم گناھ سمجهن ٿا، پر خود ساران کي جاگيرداري ـ سماج جي نام ـ نهاد غيرت جي تصور هيٺ آڻي، ڪاري قرار ڏئي ڪھاڙين سان وار ڪري قتل ڪن ٿا. ساران، حُسن جو تاج هئي، پر اِهڙي جاهل سماج ۾ پيدا ٿي، جتي سندس مڙس کي هڪ طرف قتل ڪيو ويو، ٻئي طرف ساڻس ريپ ٿيو بعد ۾ کيس به اُن، اڻ ڪيل گناھ عيوض قتل ڪيو ويو، اُهي سنڌ جون معروضي حالتون، ڪالهه به هيون. اڄ به آھن. اڄ به ڪئَين ”ساران جهڙيون عورتون ڪاريون ڪاري ماريون وڃن ٿيون. هيءَ ڪھاڻي، ساران جي ڪردار ۾ استعاراتي طور رابيل گُل آھي ۽ ساڻس ظلم استعاراتي طور ”رڃ“ آھي..فني طرح، هيءَ ڪھاڻي معنيٰ ـ خيز جمالياتي تشبيھن ۽ سگهاري مشاھدي جي اُڻت سان سرجيل ڪھاڻي آھي. جڏهن ته پيشڪش جو انداز ناٽڪ رنگ جهڙو ڀائنجي ٿو. اخلاق صاحب جون ڪي ڪھاڻيون هونئن به ڊرامائي انداز رکن ٿيون.

اخلاق صاحب جي هِن ڪھاڻي ڪتاب مان سُڌ پوي ٿي ته يقينن، هُو ماضيءَ کان، ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل رهيو آهي. جيئن سندس مائڪرو فڪشن ۾ ”ٻارن جي ٽرئجڊي“ ڪھاڻي آھي، تيئن سندس هِن مجموعي ۾ هڪ ٻي ڪھاڻي بعنوان ”نڀاڳو“ به آھي. جنھن ۾ هڪ ڇوڪري ”دينو“ جو درد ۽ لاوارث موت آهي. ڪھاڻيءَ ۾ دينوءَ جي ڄمڻ وقت ماءُ جي فوت ٿي وڃڻ، ماسي کيس سنڀاليندي سندس لاءِ ڌاڳو وٺڻ لاءِ وڃي ٿي ته واٽ تي ڪکجي مري وڃي ٿي. پڦي کيس نڀاڳو سمجهي گهر مان تڙي ڪڍي ٿي. راند، کيس ٻار کيڏڻ نٿا ڏين جو کيس نڀاڳو سمجهن ٿا. پوءِ هڪ واڙي ۾ مامهنس پاران ڏنل وڇ ۽ هڪ گلر سان گڏجي رهي ٿو، جتي آري تي ويٺل ڪڪڙِ جو چوزڙن ۽ ويايل ڪُتيءَ جو ننڍڙن گلرن سان پيارَ ڏسي، هُو ماءُ جي ممتا لاءِ سِڪي ٿو. هڪ ڏينهن واھ ۾ ٽُٻيون هڻي، مِينهن کي وڻن هيٺيان ٻڌي، ڪھاڙي وڻ ۾ ٽنگي ٽالهيءَ جي وڻ تي چڙهڻ ٿو. پير ترڪيس ٿو ۽ ڪِري مَنڊو ٿي، ڪنهن ڏينھن واڙي ۾ تنھائي ۽ لاوارثيءَ ۾ رت جون الٽيون ڪندي کنگهندي مري وڃي ٿو. ساڳي گهڙيءَ، مِينھن ڦر ڏئي ٿي، پر اُهو ڦر نڀاڳو ڪونه هو. هيءَ ڪھاڻي سنڌي سماج ۾ غلط وهمن، وسوسن سوڻن ساٺن جهڙين دقيانيويسي ريتن روايتن تحت فردن جو ڌار ڌار معاشرتي بيگانگيءَ جو شڪار ٿي مري ضايع ٿي وڃڻ جي عڪاسي ڪري ٿي. فرد جي زندگيءَ ۾ ايندڙ اڻ ڄاتل حادثن، مائرن جي ممتا کان محروم ٿيل فردن ۽ سماجي بيحسيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. پر ڪھاڻي، گهڻن پاسن کان مرڪزي ڪردار بابت ڄاڻ ميسر ڪونه ڏئي ٿي. مثال طور دينوءَ جو پيءُ، ڀاءُ، ڀينرون ڪٿي هئا؟ يا ڄاوا ئي ڪونه هئا، اڪيلو هو؟ آخري منظر ۾ دينوءَ کي کنگهه ۽ رت جي الٽيءَ اچڻ جو ذڪر آھي. اُنهيءَ کان اڳ، سندس ڪنھن به بيماريءَ جو ذڪر ڇو ڪونهي؟ کيس ڪا بيماري هئي ته ڪھڙي هئي؟ دينو، ماءُ جي ممتا لاءِ سڪندو رهي ٿو ته سندس عمر ڪيتري هئي؟ گَهرن مان تڙجي نڪرڻ بعد ڪنھن جي واڙي ۾ دينوءَ کي پناھ ملي ٿي؟ مامهنس کيس مِينهن ڏئي ٿو ته سندس باقي پيار، دينوءَ سان ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ توڙي جو سڀني سوالن جا جواب هڪ ڪھاڻيءَ ۾ موجود نٿا ٿي سگهن، پر اُنهن سوالن جو مرڪزي ڪردار جي جُڙت سان ويجهو تعلق هو. جنھن ڪري ڪھاڻي انهن ڳالهين جي وضاحت ڪري ها! ڪھاڻيءَ جا اهي نقص، ڪھاڻيءَ جا نظر انداز ڪيل خالَ آھن. مجموعي طرح اخلاق انصاريءَ جون ڪھاڻيون ترقي پسند ادب ۽ وجودي علامتي ۽ شعور جي رو واري ادب جو امتزاج آھن.

Previous Post Next Post