نفس جو فساد ۽ حرص جي آڳ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

جيئن تہ بک ۽ بدحاليءَ ۾ عقل موڪلائي ويندو آهي۔ هڪ بکيو ماڻهو فقط پيٽ سان ۽ پيٽ لاءِ سوچيندو آهي۔ افسوس سان چوڻو پوي ٿو اها بک بڇي وئي آهي۔ اها بک انهن بڇي آهي جيڪي اربين روپيا هڙپ ڪري بہ نٿا ڍاپن۔ جيڪڏهن نظام عدل هجي تہ جيڪر ڪوبہ بني بشر بکيو ۽ ڏکيو نہ رهي۔ شيخ اياز چواڻي ڍوءَ بنان او ڍولا، ناهي ساڃھ سونهن جي۔

ڪائنات جي عظيم ترين تخليق ”انسان“ جنهن کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو ويو، اڄ پنهنجي ئي اندر جي هڪ خوفناڪ دشمن سان وڙهي رهيو آهي. اهو دشمن ڪو ٻاهريون لشڪر ناهي، پر اهو آهي حرص ۽ بڇڙي بک۔ جڏهن انسان جي اندر ۾ لالچ جو گهوڙو ڊوڙڻ شروع ڪندو آهي، تہ عقل جا سڀ رستا بند ٿي ويندا آهن. اها بک رڳو پيٽ جي ناهي هوندي، پر اها بک اختيار، پئسي، انا ۽ ٻين جي حقن کي غصب ڪرڻ جي هوندي آهي.

عقل ۽ جنون جي جنگ:

چيو ويندو آهي تہ پوري دنيا جي دولت هڪ لالچي انسان جي هڪ خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. جڏهن انسان جي دل ۾ حرص پنهنجو گهر ڪري وٺي ٿو، تڏهن وڏا وڏا داناءُ ۽ عقل جا ڌڻي بہ پنهنجو توازن وڃائي ويهن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي ڪڏهن سماج لاءِ مشعلِ راه هوندا هئا، جڏهن حرص جي ور چڙهن ٿا تہ سندن دانائي ديوانگيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿي. اها اهڙي ديوانگي آهي جنهن ۾ کين صحيح ۽ غلط، حلال ۽ حرام، ۽ پنهنجي ۽ پراوي جي تميز نٿي رهي.

در در جي رولڙي جو سبب:

حرص رڳو ذهن کي مفلوج نٿو ڪري، پر اهو انسان کي دربدر بہ ڪري ڇڏي ٿو. هڪ قناعت پسند انسان پنهنجي جهوپڙي ۾ بہ بادشاه هوندو آهي، پر هڪ حريص ماڻهو سون جي محلن ۾ رهندي بہ پينو لڳندو آهي. هو وڌيڪ جي ڳولا ۾ پنهنجو حال وڃائي ويهندو آهي. اها اڻ مٽ بک کيس اهڙن رستن تي رلائي ٿي، جتي نہ ڪا منزل آهي ۽ نہ ئي ڪو سڪون. اها رولڙي جي ڪيفيت کيس سماجي توڙي روحاني طور تي بي نام و نشان ڪري ڇڏي ٿي.

بي ايماني ۽ ڪردار جو زوال:

سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ پهلو اهو آهي تہ حرص انسان کي بيمانو يعني بي اعتباري جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو. جڏهن ضمير تي لالچ جو زنگ چڙهي وڃي، تہ پوءِ امانتن ۾ خيانت، واعدن جي ڀڃڪڙي ۽ بي ايماني هڪ عام فعل بڻجي وڃي ٿو. اهڙو شخص جنهن جو ڪردار بي ايمانيءَ سان داغدار هجي، اهو معاشري ۾ ڪيترو بہ مالدار ڇو نہ هجي، پر عزت جي نگاه کان هميشہ محروم رهندو آهي.

اسان کي اڄ ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ اسان پنهنجي نفس جي هن بڇڙي ٽولي کي سڃاڻون. جيڪڏهن اسان پنهنجي اندر جي بک کي قناعت ۽ شڪر جي پاڻي سان نہ ماريو، تہ هيءُ حرص اسان جي دانائيءَ کي کائي ويندو ۽ اسان کي رڳو هڪ بي معنيٰ رولڙي کان سواءِ ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندو.

شاعريءَ ۾ ڪالم جو نچوڙ:

بک بڇڙو ٽول، داناء ديوانا ڪري،

حرص رلائي رول، بڇڙا بيمانا ڪري۔


Previous Post Next Post