مسلمانن ۾ اتحاد
جي کوٽ اڄ ھڪ وڏو الميو رھيو آهي، جتي حقيقي اسلامي
روح کان ھٽي، مسلڪ، ٻولي، قوميت
۽ سياسي اختلاف اسان کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن
تہ اسان جو عقيدو، قرآن
۽ رسولﷺ هڪ ئي آهن. اختلاف راءِ فطري ڳالھ
آهي، پر ان کي نفرت ۽ تفرقو بڻائڻ ڪمزوريءَ جي نشاني
آهي. جيڪڏهن اسان ذاتي مفادن، انا
۽ تعصب کي پوئتي ڇڏي گڏجي بيهنداسين تہ
اسان
جي قوت ڪيترائي ڀيرا وڌي سگهي ٿي. ضرورت ان ڳالھ
جي آهي تہ اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، عزت
ڏيڻ ۽ حقيقي اسلامي تعليمات موجب، گڏيل مقصدن
لاءِ ڪم ڪرڻ سکون، ڇو تہ اتحاد ۾ برڪت، طاقت
۽ ڪاميابي آهي، جڏهن تہ
تفرقو
قومن کي ڪمزور ۽ بي وزن بڻائي ڇڏيندو آهي.
ڳالھ ڪجي آمريڪا
۽ ايران جي تازي جنگ ۽ ان ۾ شھادت ماڻيندڙ ھڪ بي لوس، بھادر
۽ ڄمي بيھندڙ شخصيت آيت الله خامنائي جي تہ پوءِ ڳالھ
واضح ھئڻ
گھرجي تہ شهادت ڪو اوچتو ايندڙ حادثو ناھي هوندي، پر
اها تہ انهن دلين جو نصيب بڻجي ٿي جيڪي اڳ ئي حق
تي بيهڻ جو عزم ڪري چڪيون هونديون آهن. جڏهن ڪو اڳواڻ
پنهنجي اصولن تي ڄمي بيهي، ظلم ۽ دٻاءُ
اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري، تڏهن سندس هر
قدم قربانيءَ جي راھ تي هوندو آهي. شھيد مسلم اڳواڻ
آيت الله خامنائي جي زندگيءَ جو وڏو سبق اهو رهيو تہ قومن جي قيادت رڳو تقريرن سان نہ پر استقامت سان ٿيندي آهي. پاڻ
عالمي دٻاءُ، سياسي بحرانن ۽ ڏکين حالتن باوجود پنهنجي اصولي
قومي مؤقف تان هٿ نہ کنيو. سندس
پيغام سدائين اهو رهيو تہ عزت، خودمختياري
۽ ايمان تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. سموري مسلم
امت لاءِ هن واقعي ۾ وڏو سبق لڪل آهي تہ
حق
جي رستي تي هلڻ آسان ناھي هوندو. سچ تي قائم
رهڻ لاءِ قرباني گهرجي.
مسلمان جو ايمان
آهي تہ شهادت سندس قوم کي ڪمزور نٿي ڪري، پر
جيڪڏهن قوم بيدار هجي تہ اها ان کي وڌيڪ
متحد، منظم ۽ باهمت بڻائي ٿي. اڳواڻن
جون قربانيون قومن کي ياد ڏيارينديون آهن تہ
آزادي
۽ وقار بنا قيمت جي نٿا ملي سگهن. دعا آهي تہ الله پاڪ هر ان عظيم شخص جي قرباني قبول
فرمائي، جيڪو پنهنجي عقيدي ۽ اصولن لاءِ بيٺو رهيو. ۽ امتِ
مسلمہ کي اهڙو شعور، اتحاد ۽ حڪمت عطا فرمائي، جو
هو اختلافن کان مٿي ٿي حق، انصاف ۽ امن
جي گڏيل راھ اختيار ڪري سگهي. شال رب ڪريم
اسان سڀني کي حق سڃاڻڻ، ان تي قائم
رهڻ ۽ اعتدال سان اڳتي وڌڻ جي توفيق عطا فرمائي.

