موسمي تبديليءَ جا اثر، سبب ۽ اُپاءَ ـ زاھد ڏيپر

موسمياتي تبديليءَ ڪري ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار شديد متاثر ٿيندوپيو وڃي، غربت ۾ بي حد اضافو، اڻ برابري، سماجي، معاشي، ثقافتي نقصان سان گڏ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ سميت انساني صحت جا مسئلا پڻ ڳڻتيءَ جوڳي حالت اختيار ڪري رھيا آھن، مليريا، ٽائيفائيڊ بخار، ڊينگي، ڪالرا، ھيپاٽائيٽس سميت ٻيا مرض پکڙجي رھيا آھن، ان سان گڏ اسان جي ڳوٺن ۾ رھندڙ وڏي انساني آباديءَ جو گذر بصر جو ذريعو چوپايو مال، ماھيگري ۽ زراعت آھن، جيڪي پڻ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ آھن. موسمي تبديليءَ سبب دريائي ٻوڏون تہ ڪڏھن سوڪھڙو، ڏڪار، سمنڊ ۾ اندر طوفانن يا برساتن جو ڪٿي گھٽ تہ ڪٿي شديد پوڻ ۽ ڪڏھن اڻ مندائتي پوڻ سبب دنيا جو نظام شديد طرح سان متاثر ٿيندو پيو وڃي.

پوري عالمي دنيا ۾ گرمي پد ۾ بي حد اضافو ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري پيئڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. 2015ع ۾ اقوام متحدہ سميت دنيا جي عالمي ادارن سمورن ملڪن کي خبردار ڪيو ھو تہ گرمي پد ۾ مسلسل اضافي جي ڪري گليشيئر تيزيءَ سان ڳرندا جنھن سان ڌرتيءَ جا مختلف حصا پھريان دريائي ٻوڏ ۽ بعد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سوڪھڙي جو شڪار ٿي سگھن ٿا.

گرين ھائوس گئسز موسمياتي تبديليءَ جو اھم سبب آحن، گرين ھائوس گئسز جن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ، ميٿين وغيرہ شامل آھن جيڪي فضا ۾ غلاف جي صورت ۾ پکڙجي ھوائي تَھ جي چو گرد گرين ھائوس جھڙو واٽر پيدا ڪن ٿيون. ڪارخانن، فيڪٽرين، ريفريجر، ايئر ڪنڊيشنر مان خارج ٿيندڙ گئس ۽ ھر قسم جي موٽر گاڏين مان نڪرندڙ دونھون، وڻن بيلن ۽ جھنگ جو ختم ٿيڻ فطرت جي خلاف سرگرميون گرين ھائوس گئسز جي بي حد اضافي جو سبب آھن. جنھن کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي، جنھن ۾ ھوا کي آلودگي کان صاف رکڻ لاءِ اپاءَ وٺڻا پوندا، وڻن جي واڍي کي روڪي ڪئنالن، واھن، روڊن گھر، اوطاق، آفيسن يا زرعي زمينن جي پاسن سان وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ گھرجن. درياءَ جي بچاءَ بندن جي وچ وارو حصو جنھن کي ڪچو سڏجي ٿو ان اندر فاريسٽ قانون مطابق ٻيلا بحال ڪيا وڃن ۽ فطرت سان ھٿ چراند کي مڪمل روڪڻو پوندو ۽ صنعتي گدلاڻ لاءِ پڻ رٿابندي ڪرڻي پوندي.

موسمي تبديليءَ جي اثر کان بچڻ لاءِ فطرت کي سمجھڻو پوندو ۽ ان سان پيار ڪرڻو پوندو، بغير رٿابندي جي وڌندڙ شھري آبادي کي پڻ رٿابندي ۾ آڻي گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ برساتي پاڻيءَ جي گذر گاھن کي صاف رکڻ سان گڏ درياھن، واھن، ڪئنالز ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال کي پڻ روڪڻ ضروري آھي، ماحوليات کي بھتر ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽيءَ جو درجو رکندڙ ھر باشعور شخص کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪرڻو پوندو.

Previous Post Next Post