سُر سارنگ جو مختصر جائزو ـ ياسين شاھ لطيفي

شاھ عبدالطيف ڀٽائي کي عام طور تي صوفي ازم جو جو شاعر سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ صوفي شاعرن جو خاص تعداد موجود آھي پر انھن ۾ ڀٽائي خاص اھميت رکي ٿو، سندن شاعري سنڌ جي قصن ڪهاڻين، عشقہ داستانن کان علاوہ ھتان جي ڌنڌي واپار محنت، ڪرت ماڳن مڪانن مندن موسمن وغيرہ تي مشتمل شاعري ملي ٿي.

شاعري بابت ھر ڪنھن ماڻھو جي پنھنجي سمجھ عقل جي آڌار تي راءِ آھي. ڪن جو چوڻ آھي تہ شاعري ڏات آھي، الحامي آھي ڪن جو چوڻ آھي تہ شاعري ڏانءُ آھي پر شاھ محمد شاھواڻي صاحب جي راءِ موجب شاعري ازجز پيغمبري، شاعري پيغمبري جي ڏنل علم مان ھڪ جز آھي. شاعري شعور مان نڪتل آھي، ھي اھو عقل ۽ شعور آھي، جنھن جا فڪري پاسا کوڙ سارا آھن.

شاعري ٽن ڌارائن ۾ ھلندي آھي، .1 واقياتي، .2 مشاھدتي، .3 تصوراتي، باقي ان کان سواءِ شاعري جا فڪري پاسا مختلف ۽ ڪيترائي ھوندا آھن.

شاھ سائين جي شاعري، شاعري جي سڀني لازمات ۽ گھرجن سان ڀرپور شاعري، ٽيھن سرن تي مشتمل آھي، جن مان 17 سر ڪلاسڪيل راڳن ۽ راڳڻين تي ملي ٿي. جن ۾ سر سارنگ بہ شامل آھي. ھي راڳ ميگھ راڳ جي راڳڻي چئي وڃي ٿي. ڪلاسيڪل راڳن جي ڳائڻ جا وقت مقرر ٿيل آھن ان ۾ ھن راڳڻي جي ڳائڻ جو وقت ٻارنھن وڳي منجھن کان چار وڳي شام تائين ٻڌايو ويو آھي، ھتي ھندستاني راڳ جي علم جو ٿورو ذڪر ڪجي تہ پڙھندڙن کي ھر ھڪ سر جي سرنامي جي اصل جي وري خبر پوي.

ھندو لوڪ سال کي ڇھن مندن ۾ ورھائين ٿا. ھر ھڪ رت لاءِ خاص راڳ رٿيل آھي، راڳ جي اصلي معنيٰ آھي روح جو ريلو يا جذبو ڪل وڏا راڳ 6 آھن تن جا نالا ھي آھن. .1 ڀيرو، .2 ھنڊول، .3 ميگھ، .4 سري راڳ .5 ديپڪ، .6 مالڪوس

ھندو ماڻھو راڳن کي تمثيلي طور ديوتائون ڪري سڏيندا آھن. ھر ھڪ ديوتا کي پنج ڀارائون يعني زالون ۽ اٺ پٽ آھن. انھن زالن کي راڳڻيون ڪري چوندا آھن پر پٽن جو ايترو مان ناھي جيترو راڳن ۽ راڳڻين جو مان آھي، ان ڪري راڳن ۽ راڳڻين کي وڌيڪ ڳايو ويندو آھي.

انھن ڇھن راڳن جي ڳائڻ جو وقت ھيٺين ريت آھي،

ڀيرو 4 :وڳي رات کان صبح 8 وڳي تائين

ھنڊول 8 :وڳي صبح کان12 وڳي مجھند تائين

ميگھ 12 :وڳي مجھند کان 4 وڳي شام تائين

سري راڳ 4 :وڳي شام کان  8وڳي رات تائين

ديپڪ 8 :وڳي رات کان 12 وڳي رات تائين

مالڪوس 12 :وڳي رات کان 4 وڳي صبح تائين

ھر ھڪ ديوتا کي پنھنجي راڳ ٻڌڻ جي فرصت مٿئين ڄاڻايل مقرر وقت تي ٿئي ٿي پر ھي راڳ ۽ راڳيڻيون جڏھن بہ دل چوي تہ ٻڌي ۽ ڳائي سگھجن ٿيون.

سواءِ ميگھ جي جو اڪثر ڪري برساتي موسم ۾ ڳايو ويندو آھي پر ڪيترن ئي گوين کي ھي وھم ويٺل آھي تہ بي وقتو راڳ ڳائڻ بدسوڻ آھي. ھندن قديم يونانين وانگر راڳ جي راڳڻين کي مجسم ڪري ھر ھڪ راڳ جي سندن مضمون مطابق تصوير ڪڍي آھي.

اھڙي طرح ميگھ جو ورن ڪارو آھي، پيلي پوشاڪ پھريل اٿس ھٿ ۾ تکي ترار اٿن ۽ ڪڪر تي سوار آھي. ان تصوير مان جيڪڏھن فڪري خيال ۽ تصور جوڙجن تہ ائين معلوم ٿيندو تہ تبديلي ۽ خوشحالي جي نشاني آھي. ٻيو تہ ھن راڳڻي جي ڳائڻ جي موسم ۽ وقت سان تعلق کي جيڪڏھن جاچينداسين تہ ان مان اھڙي معنيٰ ۽ مطلب ملندو، جنھن جو تعلق انسان جي سک ۽ آرام سان تعلق رکي ٿو ھن راڳڻي کي برساتي موسم ۾ ڳائڻ ۽ ٻيو وقت جي ورڇ مطابق 12 وڳي مجھند کان 4 وڳي شام، ھي وقت سال جي ڇھن رتن مان برساتي موسم گرم ڏينھن ۾ ايندي آھي. جنھن کي اسان عام طور تي سانوڻ جي موسم چوندا آھيون. جنھن ۾ گرميون گھڻيون ٿينديون، ھن راڳ کي 12 وڳي مجھند جو ڳائڻ مان مراد ئي اھا آھي تہ ھن راڳ ڳائڻ سان برسات وسي پوندي آھي. ان ڪري ئي ھن راڳ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان موسم ۾ ھي راڳ مزو ڏيندو آھي.

سر سارنگ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ ٻين سرن وانگر فڪري معنائون بہ آھن، جن ۾ ظاھري، باطني، روحاني، مادي لحاظ کان معنيٰ وٺي سگھجي ٿي، شاھ ھن سر کي مدنظر رکندي جيڪي خيال تصور اميدون جوڙيون آھن، جن جو تعلق انسان ذات سان گھرو آھي.

گرم موسم خوشڪ سالي، لڪون، ڏڪار جھڙي صورتحال زمين ۾ خشڪ ھوائن ۾ پاڻي جي کوٽ، ڌرتي جي ساوڪ سڙي ختم ٿي وئي ھجي، ڪانو جي اک پئي نڪري، پکي پکڻ جانور انسان پاڻي لاءِ پيا واجھائين، ساوڪ سلو نظر نہ اچي، ساھدار جانور گاھ پاڻي لاءِ پرشان، سڀئي ساھ واريون شيون آگم لاءِ پيون واجھائين، اھڙي صورتحال کي ڀٽائي بہ محسوس ڪيو ۽ ان سڄي صورتحال کي سر سارنگ واري شاعري ۾ پڙھي ۽ سمجھي سگھجي ٿو.

ماڻھن جو مينھن برسات کي سارڻ مان سندن مقصد سمجھي سگھجي ٿو تہ ڌرتي تي انسان ڇا ٿو چاھي، ھو پنھنجي زندگي ڪيئن گذارڻ پسند ڪري ٿو، ان کي ڪھڙيون ڪھڙيون بنيادي گھرجون آھن، انھن گھرجن جي پورائي ٿيڻ جون ڪٿي اميدون رکڻ گھرن ٿا، اھڙي صروتحال ۽ اھم حقيقتن کي ھن سر ۾ پڙھي سگھجي ٿو.

سر سارنگ جو مختصر تعارف مٿي پيش ڪيو ويو آھي. شاھ سائين جي شاعري کي ترتيب ڏيندڙ ڪيترائي وڏا عالم آھن، جن پنھنجي پنھنجي مرضي مطابق ترتيب ڏني آھي. ائين ھن سر جي شروعات ۾ مختلف بيتن سان ٿيل آھي مختلف رسالن کان کنيل بيتن جي سادي ۽ پنھنجي سمجھ مطابق معنيٰ ۽ تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

 

سارنگَ! سارَ لھيج،اللھ لڳ اُڃِيَنِ جِي،

پاڻي پوڄَ پَٽَنِ تي، اَرزان اَنَ ڪريج،

وطنُ وَسائيج، تہ سَنگھارن سُکُ ٿئي

مندائتي مينهن جي، کِوڻِ نہ کوٽي،

آءُ لالڻ موٽي، گهوريا رُسڻ ڏينهنڙا.

 

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪڪَرَ ڪيسَ،

وِڄُون وسڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ،

پِرِين جي پَرديسَ، مُنکي مِيهَ ميڙِيا۔

 

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛

ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛

اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا۔

 

اسان جنھن علائقي ۾ رھون ٿا، ان کان اتر ۽ اوڀر جي ڪنڊ کان جڏھن سانوڻ جي موسم ۾ ڪڪر چوٽي ڪري تہ پڪ سان برسات پوندي ٻيو تہ تاڙو پکي جنھن کي مينھڻ بہ چوندا آھن. تنواريندي آھي، ان تنوار يا سندس ان ٻولي کي مينھن برسات پوڻ جي نشاني سمجھيو ويندو آھي. اھڙن آثارن مان لطيف کي پڪ ٿئي پئي، مينھن برسات اچڻ واري آھي. خوشحالي ٿيندي، وڇڙي ويل پنھنجن محبوبن، مارن سان ملندا.

 

اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛

ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛

آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛

گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛

 

ھڪ سانوڻ جي مند ٻيو وري آگم جھڙ ڪڪر ڏسي مون سڄڻ کي ساريو آھي. جيڪڏھن پرين گھر ۾ آھي تہ منھنجي لاءِ سدائين سانوڻ ئي سانوڻ ھوندو.

شاھ سائين غريبن، مسڪينن، ماروئڙن سان پيار ڪري ٿو پر غربت سان نفرت ڪري ٿو، جنھن سندس ماروئڙن کي ھيڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو، سندن سونھن ختم ڪري ڇڏي آھي. شاھ لطيف اھڙي خوشحالي جو پاسدار آھي، جنھن ۾ ھر ماڻھو خوش ھجي جيئن.

 

اَڱَڻِ تازي، ٻَھرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ سَونھنِ،

سُرَھي سيجَ، پاسي پِرِين، مَر ٿا مِينھَن وَسَنِ،

اَسان ۽ پِرينِ، شالَ ھُون بَرابَر ڏِينھَڙا.

 

اتي ھڪڙا اھڙا ماڻھو بہ آھن، جيڪي منافي خور، ذخيرو ڪندڙ، جن جي نيت ۾ آھي تہ ڏڪار ٿئي، ضرورت واريون شيون وڌيڪ منافي تي کپن، جيئن ھو وڌيڪ اگھن تي مھانگو ڪري کپائين انھن ماڻھن کي ان خوشحالي يا ترقي سان ڪابہ دلچسپي ناھي. انھن کي صرف پئسو کپي.

شاھ لطيف دعائن ۽ امن واري شاعر صرف ھڪ ھنڌ پٽ ۽ پاراتو ڏنو. سو بہ انھن ماڻھن کي جيڪي ڏيھ ۾ ڏڪار ۽ ڏمر جا طالب آھن.

حڪم ٿيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن؛

وِڄون وسڻ آئيون، ٽَه ٽَه مِينهن ٽِمن؛

جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن؛

پنجن مان پندرنهن ٿيا، اِينءَ ٿا ورق وَرن؛

ڏُڪارِيا ڏيھ مان، مُوذِي شال مَرن؛

ورِي وڏِيء وَسَ جون، ڪيون ڳالهيون ڳَنوارن؛

سيد چئي سڀن، آھ (توھ) تنهنجو آسرو.

 

جيڪي ماڻھو ان آسري ۾ ھئا تہ ھن سال ڏڪار پوندو، ڪھت ٿي ويندو، اناج ۽ ٻيو ضرورت واريون شيون مھانگيون ٿي وينديون ۽ کين منافو وڌيڪ ٿيندو تن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو ڇو تہ برسات وسي پئي ان پاڻي فصل گاھ عام جام ٿي پيا، جتي پنجن مڻن جي اميد نہ ھئي، اتي پندرنھن ٿي ويا. غريبن مسڪينن ماڻھن جي لاءِ بھاري ٿي وئي، پر انھن ذخيرہ اندوزي ڪندڙ جا منھن لھي ويا آھن. ھي مختصر ذڪر ان سر سارنگ جو جنھن کي چند بيتن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ٻين سرن جيان ان سر جا فڪري پھلو ٻيا بہ آھن، فني حوالي سان جھڙا آگم، ڪڪرن، مينھن، برسات، تاڙي جي تنوار کي تمثيل طور تي بيان ڪرڻ لطيف جي شاعراڻي قابليت پنھنجي جاءِ تي ڏاڍي خوبصورت لڳي ٿي، پر ھن سر جو ٻيو پاسو بہ آھي، جنھن ۾ لطيف روحاني طور تي ان رحمت ڀري برساتي شخصت جو ذڪر بہ ڪيو، جنھن جي اچڻ سان ھن سڄي جھان تي رحمت وسي پئي، اھي ڏڪاريل ڏيھ ۾ غلام، پيڙيل، ڏتڙيل ماڻھن کي سھارو مليو، اھي عورتون جيڪي غلام ٻانھون، جنھن جي معاشري ۾ ڪا بہ عزت ڪانہ ھئي، انھن کي سھارو مليو. اھڙين حقيقتن جو اظھار لطيف جي ٻين سرن ۾ بہ موجود آھي. جيئن

برو ھو ڀنڀور آرياڻي اجاريو

لاٿو اچي لوڪ تان ھاڙھي ڌڻي ھور،

ڇوريون ڇُرڻ سکيون پُنھون ڪيائون پور

آيو سو اتور جنھن ڏکيون ڏک وھاريون!

 

اھا عظيم ۽ پاڪ ھستي، حضور صلي اللھ عليہ وسلم جن جي آھي. جنھن کي ھن سر يعني سارنگ ۾ ڪيترن ھنڌ ڳايو. اٿس.

اُتَران ٿي آئِيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛

ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛

پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛

اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.

 ٻيو خيال ھن سر ۾ھن ڌرتي ۽ ديس لاءِ ھڪ ماڻھو جي ضرورت آھي، جيڪو ھن ملڪ تان ڏولائو اچي لاھي، ھنن ماڻھن لاءِ سک جو سامان بڻجي پوي. ھڪ اھڙي جاني جو جوءِ ۾ اچڻ جي لاءِ منتظر آھن. جنھن جي اچڻ سان قلب قرار ۾ اچي وڃي.

معاشي، زندگي بھتر نموني گذري اھڙو رحمت ڀريو ڪڪر ٿي پوي جيڪو سڀني مٿان برسي پوي. اھڙي قسم جا اڳ ۾ بہ اھڙا ماڻھو ٿي گذريا آھن، جن جي سخاوت جا قصہ ڀٽائي ٻين سرن ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي مختلف نالن سان ڪيا آھن.

ھن سر سارنگ کي سمجھڻ جي لاءِ ٻين سرن جو مطالعو ڪرڻ ضروري آھي.

ٽيو خيال ھن طرح ملي ٿو تہ شاھ سائين جي ملڪ جي ماڻھو لاءِ پنڻ عيب آھي. ھو پنڻ جو قائل ناھي. اھو محنت مزدوري ڪري کائڻ کي اوليت ۽ اھميت ڏئي ٿو.

ڏونگھا آڇُ مَ تَنِ کي، ڪاسا جنِي نہ ڪَمُ،

اُٿَنِ وِھَنِ ادبَ سِين، ڳالھائين نَرَمُ،

پِنَدي پَرَڏيھَ ۾، تَنِ سوڍِينِ ٿئي شَرَمُ،

قادرَ ڪَرُ ڪَرَمُ، ان وطن ۾ وَسَ ٿئي..

 

وَسُ بادل وَسُ،تو وَسندي وَسَ ٿئي،

تنين ڀاڳين وَسُ،جن وَر مٽي ڀارَ ڪيا

 

لَڳَھَ پَسُ، لَطِيفُ چئي، آگَمِئو آھي

اُٺو مِينھُن وَڏَڦُڙو،ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي

ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، ثَمَرُ سَنباھي

وِھو مَ لاھي، آسَرو اَللہُ مان

 

لَڳَھَ پَسُ، لَطِيفُ چئي، آگَمَ ڪِئا اَللہُ

پَلُرَ جي پالوٽَ سِين، پَٽَنِ جهَلِيا پاھَ

واحِدَ وَڏا ئِي ڪِيا، مَٿي گَسَن گاھَ

سانگِيَنِ وَرِيا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگُوندَرو.

 

ڀٽائي سائين عوام جو شاعر آھي، جنھن عوامي گھرجن کي سمجھيو ۽ معلوم ڪيو تہ ڌرتي ڌڻي ڇا ٿا چاھين. ان لاءِ مٿين بيتن ۾ دعا آھي، گھر آھي تہ ڌرتي وارا تڪليف ۾ آھن، انھن جي گھرجن کي پورائون ڪرڻ لاءِ ڌڻي در دعاڳو آھي. لطيف جن شين جي گھر ڪري ٿو، ان ۾ ان ۽ پاڻي، اھي ٻہ شيون بنيادي حيثيت رکن ٿيون. انسان جي زندہ رھڻ لاءِ لطيف سائين جيڪو صوفي شاعر ھوندي بہ ترقي خوشحالي پسند شاعر آھي، ھونءَ تہ صوفين لاءِ چيو ويندو آھي تہ ھو گوشي نشين، اڪيلائي، تنھاپسند ماڻھن کان پري رھندا آھن، نفس ڪشي ڪندي زندگي گذاريندا آھن. اھا پڻ حقيقت ضرور آھي پر ان جي فڪري معنيٰ ٻي آھي. انجو مطلب اھو آھي تہ ھو ڪنھن کان خيرات، يا تحفي طور ٿوري خاطر مليل آشاعس يا نقلي ترقي يا خوشحالي جو طلبگار ناھي. ان ڪري ڪو وقت ھئو جو صوفين انھن اقتداري ماڻھن کان پري رھيا ھئا. ڀٽائي صوفي جي سٿ ۾ رھندي ھڪ اجتمائي ترقي ۽ خوشحالي جو پاسدار آھي.

سماج کي ڀٽائي بھتر نموني سمجھي ٿو، غربت، مسڪيني، مفلسي سماج لاءِ خطرناڪ بيماري آھي، غربت سماج لاءِ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪندي آھي، اھي بيماريون سماج لاءِ ناسور بڻجي وينديون آھن، ان لاءِ ڀٽائي ماڻھن جي دلين جي ترجماني ڪندي ڌڻي کان دعا گھري ٿو، اھا دعا خوشحالي ۽ ترقي جي دعا آھي.

شاھ جي ٽيھن سرن ۾ جن سرن تي شاعري ملي ٿي، انھن ۾ ڪجھ سر آھن جن کي پاڻي وارا سر چئجي ٿو، اھي ھيٺيان سر آھن. .1 سر سري راڳ، .2 سر سامونڊي، .3 سر گھاتو، .4 ڏھر، .5 سر سھڻي، .6 سر سارنگ، سر سھڻي کان سواءِ باقي ٻين سڀني سُرن جو سڌو سنئو تعلق ڌندي واپار سان آھي. سڀني سرن جو مضمون مطابق فڪري معنائون پنھنجون پنھنجون آھن، سر سارنگ جي حوالي سان خاص ڪري انھن ماڻھن جو ذڪر آھي، جن جو گذر سفر برساتي پاڻي تي ھوندو آھي. سندن خوشين جو دارو مدار برسات تي ھوندو آھي ۽ سالن جا سال برسات نہ پوڻ جي ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آھي، ان ڪري اتان جا ماڻھو مجبورن ٻئي ملڪ يا علائقي ڏانھن لڏپلاڻ ڪندا آھن، پر خاص ڪري سندن گھر واريون پنھنجن ڪکائن گھرن ۾ رھنديون ۽ پنھنجي پيارن جي موٽڻ جو انتظار ڪنديون آھن.

جڏھن آسمان وارو مٿن راضي ٿئي ٿو ۽ سندن ملڪ علائقي ۾ وس ٿئي ٿي، تڏھن سندن پيارا پنھنجي گھرن ڏانھن موٽي ٿا اچن، تڏھن سندن گھرواريون زالون خوش ٿين ٿيون، اصل خوشي کين تڏھن ئي ملي ٿي، جڏھن پرديس ويل سندن پيارا واپس اچن ٿا. ان جو اظھار لطيف ان سر سارنگ ۾ پسي سگھجي ٿو.

آگم ٿين ٿا، پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، گسن مٿي گاھ بہ ٿين ٿا، آب اگوندروٿئي ٿو، سانگين ماروئڙن جا ساھ سرھا ٿين ٿا پر اھي خوشيون من جون مرادون تڏھن پوريون ٿين ٿيون، جڏھن جاني پيارا سندن جوءِ ۾ اچن ٿا.

آگَمَ اِيئَن نہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو

سيڻَنِ رِءَ سَيِدُ چئي، رُوحَ نہ رُچَنِ رَنگَ

سَھسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾

 

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛

وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛

نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.!

 

آگم جھڙي ڪڪرن ۾ اھڙو حسن نظارو ناھي جھڙو منھنجي پرين پسڻ ڏسڻ ۽ سندس ديدار ۾ آھي، سڄڻ ۽ پرين جي پسڻ کان سواءِ روح ۾ جو رچڻ ناممڪل آھي. سارنگ جي خوشي تڏھن ٿئي ٿي. جڏھن جاني جوءِ ۾ اچي ٿو. جڏھن پرين پاڻ پسايو تڏھن ڏک غم وچان ھليو ويو.

 

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪي چوٽي،

Previous Post Next Post