سنڌ جيراڄڌانيءَ ۾ ھڪ ريليءَ کي خطاب ڪري رھيو ھيس.
تقرير ڪندي جڏھن چيم تہ ”سنڌ روادار روايتن جي امين ڌرتي رھي آھي“ تہ ھڪ سر ڪٽيل
بت مجموعي کي چيريندو اڳيان آيو، بت جو فقط ڌڙ ڏسي مان حيرت منجھان چُپ ئي ھيس تہ
اھو بنا سر جي بوتو طنزيہ کلڻ لڳو، منھنجي جسم کي ڄڻ باھ وڪوڙي ويئي ۽ ڇڙٻ ڏيندي
پڇيومانس تہ: ”ڪير آھين ڙي؟ کلينن ڇا لاءِ ٿو؟“
چيائين: ”مونکي نہ سڃاتئي؟ مان تنھنجي روادار سنڌي جي
راڄڌاني جي اڏيندڙن مان ھڪ آھيان، نالو ھرچندراءِ وشنداس اٿم.“ منھن ۾ گھنڊ آڻيندي
پڇيم تہ: ”سيٺ اوھان جو سر ڪٿي آھي؟“ کلندي چيائين: ”وسري ويئي؟ 60 واري ڏھاڪي ۾
ئي تہ مذھب سان محبت جي نالي ۾ منھنجو سر اڏايو ويو، نہ صرف منھنجو پر سنڌ جي
رواداري جو بہ سر اڏايو ويو.“
مون چيو: ”سيٺ پر اھو ھڪ واقعو ھيو“ ... سيٺ منھنجي ڳالھ
ڪٽيندي چيو: ” ۽ مذھب جي نالي جيڪو روز سنڌ جون نياڻيون اغوا ٿيون ٿين؟ ۽ ڪالھ بہ
تہ ھڪ نينگري اغوا ٿي آھي اڃان توکي سنڌ روادار لڳي پئي؟“ مان خاموش بس سر ڪٽيل بت
ڏانھن نھاري رھيو ھيس. سيٺ ڳالھ جاري رکي: ”ٻچا اھا صوفي شاھ عنايت، سرمد، مخدوم
بلاول واري سنڌ ناھي رھي، نہ شاھ، سچل ۽ سامي واري سنڌ رھي آھي، جي ايم سيد واري ۽
سورھيہ بادشاھ واري سنڌ بہ تہ ناھي..“
ان کان اڳ سيٺ جو ڪٽيل ڌڙ ڪجھ وڌيڪ ڳالھائي، مان ڇرڪ ڀري اٿي پيم، منھنجو سڄو جسم پگھر سان شم ھيو، اھو سوچي دلجاءِ ٿي تہ اھو فقط خواب ھيو ۽ منھنجي سنڌ اڃان روادار ۽ صوفي آھي. فيس بڪ کوليم تہ ماڻھو امر جليل صاحب کي گھٽ وڌ ڳالھائي رھيا ھيا، خدا سان ڳالھ ٻولھ واري ويڊيو تي، ڪا پوسٽ ڪنھن ھندو نياڻي جي زبردستي مذھب مٽائڻ واري پڙھيم تيار ٿي گھران نڪتس تہ دن جيڏين ڏاڙھين سان ڪجھ فرشتا صفت انسان مون ڏانھن وڌيا جيڪي خيبرپختونخواھ جا باشندا لڳي رھيا ھيا، مون کي سلام ڪندي چيائون تہ اوھان کي دينجي دعوت ڏيڻ آيا آھيون، کين تڪڙ ۾ ھجڻ جو بھانو ڪري نڪتس ۽ اھو پاڻ کي يقين ڏيارڻ لڳس تہ سنڌ روادار ئي آھي، اھي فقط چند واقعا آھن، شايد ان ڪري بہ مان اھو مڃڻ چاھيان ٿو ڇاڪاڻ تہ صوفي شاھ عنايت، سرمد، حمل فقير، شاھ سائين، سچل، حيدر شاھ سنائي ۽ جي ايم سيد وانگر سنڌ کي واپس روادار بڻائڻ لاءِ مون ۾ رت ۽ ست ڏيڻ جي ھمت نہ آھي.