Saturday, March 9, 2024

پنھنجي حُسن جھڙو حَسين شاعر ”عزيز سولنگي“ ـ بالا بلوچ

 

غزل شاعريءَ جي ڳل تي موھِيڙي جيان آھي، جنھن جي خوبصورتي سان شاعريءَ جا ڳَل، اکيون، چَپَ وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا نہ صرف شاعريءَ جا ڳل، اکيون، چپ پر شاعريءَ جو سمورو جسم خوبصورت لڳي ٿو. شاعري اُن حَسين ڪُنواري ڇوڪريءَ جيان آھي، جنھن جي جاءِ ھر ڳَڀرو جي اکين ۾ ھوندي آھي. جڏھن ڪو ڪوي ڪنھن حُسن  پريءَ جي ثنا ڪندو آھي تہ چنڊ پنھنجي ڪَنن ۾ ڪپھ وجھي ڇڏيندو آھي ڇو تہ چنڊ جا ڪَن ٻي جي ثنا قبُول نہ ڪندا آھن. چنڊ حُسندار ضرور آھي پر سرتي جو حُسن چنڊ جي حُسن کان مَٿاھون آھي، جنھن جي ثنا صرف شاعر ئي سُھڻي نموني سان ڪري سگھن ٿا. اھڙن ثنا ڪندڙن ۾ اسم عزيز بہ اچي وڃي ٿو. عزيز جو ٿوري عرصي ۾ غزل جھڙي ڏُکي صنف کي سمجھي وڃڻ، سندس ذھني وڏو ڪمال آھي. مُون اھو ڪڏھن بہ نہ سوچيو ھيو تہ اڳتي ھلي ھي حسين ڇوڪرو پنھنجي حُسن جھڙي حَسين شاعري ڪندو. پر سندس تازي شاعريءَ ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان.

بالا بلوچ ۽ عزيز سولنگي

عزيز ھُونءَ تہ ڪافي، وائي، بيت، گيت، نظم نہ لکيا آھن پر منھنجي قلم جي نگاھ کي سندس غزل وڌيڪ وڻن ٿا. سُونھن جي سوجھري ۾ سفر ڪندڙ عزيز سکيءَ جي سونھري وارن ۾ ساھيون کڻندو آھي.

تنھنجي وارن جي وڻن ھيٺان،

روزٿڪجي ٿو کڻان ساھيون.

محبوبا جي چيلھ تي چميون ڏيندڙ وار شاعر کان ثنا ضرور ڪرائيندا آھن، پر وارن جي وڻن ھيٺان ساھيون کڻڻ بلڪل نئون خيال آھي. عزيز جي شاعريءَ ۾ وِصال سان گڏ وڇوڙي جو وجود بہ آھي. جڏھن واءُ مُکڙين جي اڳيان گُلابن جا ڪنڌ ٿو ڪَٽي تہ خود موسم بہ ماتم ٿي ڪري، جنھن سان گڏ عزيز جي دل بہ نوحاگري ڪري ٿي.

موسمون ٿيون ماتمي ۽،

دل ڪئي نوحاگري آ.

عزيز جديد دور ۾ شاعريءَ کي جديد ويس پارائي ٿو. لفظن جا چمڪندڙ موتي آرسيءَ جي انا کي شرم سارڪن ٿا، جيڪا عزيز جي ڪاريگري آھي پر عزيز پاڻ کان مٿي سونھن کي ڪاريگر سمجھي ٿو، جنھن جي ڪاريگريءَ سان خزان ۾ گُل ٽڙن ٿا.

گُل ٽِڙيا آھن خزان ۾،

سونھن جي ڪاريگري آ،

عزيز ڀلي پاڻ کان وڌيڪ سونھن کي ڪاريگر سمجھي پر عزيز سُونھن کان وڌيڪ ڪاريگر آھي ڇو تہ عزيز سونھن کي وڌيڪ سونھن بخشي ٿو. محبوبا جي چپن جي مٽيءَ تي ڪاشيگيري ڪرڻ عزيز جي وڏي ڪاريگري آھي.

تنھنجي چپڙن جي مٽيءَ تي،

مون ڪئي ڪاشيگري آ.

عزيز جي خوشين جا سمورا پل پيار جي پاند ۾ ٻڌل آھن. سندس من جو مينڌرو مومل جي ميلاپ لئہ ماندو رھي ٿو. عزيز جنھن بنا پريم نگر ۾ پاڳل ٿو لڳي پر کيس پرينءَ جو وصل حوصلو بخشي ٿو.

وصل آ ڏنو حوصلو،

رھي بيخودي پيار تي.

ٽُٽو تِرون جو گھمنڊ،

ٽُٽي آرسِي پيار تي.

عزيز کي وصل حوصلو تہ بخشي ٿو پر وڇوڙي جو وجود ختم نٿو ڪري، جنھن جي ڪري وڇوڙو واريءَ جا ٻوڪ وري عزيز جي وارن ۾ وجھي ٿو ۽ وري ڪاري رات عزيز جي اڳيان ڪر کڻي بيھي رھي ٿي. عزيز ڪاري رات ۾ ٻلٽنڊڻيءَ کي ٻُڪ ۾ آڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھُن جي اُڏام عزيز جي قد کان مٿاھين آھي، جنھن جي ڪري عزيز جي ٻُڪ جي اھا خواھش پُوري نٿي ٿئي پر عزيز مات جھڙي مايوسي کي بہ قبُول نٿو ڪري. چنڊ جي روشنيءَ کي ٻُڪ ۾ بند نٿو ڪري سگھجي پر عزيز جي اھا ڪوشش ھڪ ڏينھن ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ عزيز چنڊ کي روشني سُوڌو پنھنجي ٻُڪ ۾ بند ڪندو. عزيز جيڪا چاھت جي چمني ٻاري آھي اُن جي وَٽ تمام وسيع آھي، جنھن جي ڪري عزيز جي شاعريءَ ۾ مُسلسل سوجھرو رھي ٿو، جيڪو کيس آبرو بخشي ٿو.

آبرو ڪيڏي ٿي بخشي شاعري،

شعر منھنجا سوجھرا سمجھين نٿو.

عزيز جي شاعري انڌيرن ۾ مشعل جيان آھي، جنھن جي ضرورت رات جي ھر راھي کي پوي ٿي. سندس شاعري پيار جي پانڌيئڙن کي پيغام ٿي پھچائي تہ ھُو ھاڻي پرھ جي قريب آھن. ماڪ ۾ پُسيل گُلاب سندس آجيان جي تياري ڪن ٿا ۽ مکڙيون بہ پريت جي پاٽ ۾ ميندي مَلِن ٿيون. عزيز اُھو شاعر آھي جيڪو شاعريءَ جي لال لوئيءَ تي شھر جي سونھري ستارن سان گڏ ٻھراڙيءَ جا ٻرندڙ موتي بہ جَڙي ٿو. ٿڌڙي ھوا جو ھيراڪ جوڀن جُون ۾ جھنگلي جاني سان ڪِرڙ جي ڇڊي ڇانوَ ھيٺان قرب جي ڪچھري نٿو ڪري سگھي. جنھن ڪري عزيز جھنگلي جاني کي سمجھائيندي چوي ٿو:

آ لکيل ھڪ ھڪ ڄَڻيءَ تي بيوَفا،

جھنگ جا تون ڇوڪرا سمجھين نٿو.

اھا جھنگلي ڇوڪري جي محبت آھي، جنھن جي ڪري شھر جي ڪومل ڇوڪري جھنگ جا ڪانھن، ٻُوڙا ٻک ۾ آڻي ٿي، جنھن جي ڪري گواھي عزيز پاڻ ھِن ريت ڏئي ٿو.

جھنگلي جاني سان ڦاٿي،

شھر جي ڪا ڇوڪري آ.

جڏھن ڪڻڪ رنگي ڇوڪري ڪڻڪ جا آڀُون مَروڙي پنھنجي ساجن کي ڏئي ٿي تہ ٻنھيءَ جي سِڪ سمپورن راڳڻي ڳائي ٿي ۽ کيت بہ جھومن ٿا پر عزيز جي سرتي عزيز کي سيءَ ارپي آڙاھ کڻي وڃي ٿي.

افسوس سيءَ ارپي،

آڙاھ آ کڻي وئي.

عزيز سِيءَ ۾ سرتيءَ جا گرم ڀاڪر ياد ڪري ٿو ۽ سندس چَپ سڪن ٿا چاھت جي گرم سُوپ لاءِ جنھن جي حاصلات سندس سرتيءَ جي ھَٿن ۾ آھي پر سندس سرتيءَ جي دل ڪنھن سنگتراش جي تخليق آھي، جنھن عزيز جي اُميدن جا سمُورا گِلاس ٽوڙي ڇڏيا آھن. اڄ سندس اندر جي الماڙي خالي نظر اچي ٿي پر سندس جسماني منظر اھو محسوس ٿو ڪرائي تہ عزيز مايُوس ناھي ٿيو، عزيز پنھنجي وک وڌائيندي نظر اچي ٿو. راھن ۾ وڇايل ڪنڊا گُلاب بڻجي کيس سلام پيش ڪن ٿا، جيڪا عزيز جي وڏي ڪاميابي آھي. عزيز پيار ۽ امن جو شاعر آھي. جنھن جي ڪري عزيز شاعريءَ جي ڌرتيءَ تي صرف رابيل ئي پوکيا آھن، جيڪي سدائين امن جو سَرگم ڳائن ٿا.

ھر ڪو ڇيڙي ٿو پيو سُرتار ۾،

ھڪ حقيقت راڳ بڻجي آ وئي.

پيار جُئر جو پچايو آ ڊڳڙ،

مُند جھڙي ساڳ بڻجي آ وئي.

عزيز نيري آسمان جا سڀئي ستارا تہ نٿو ڳڻي سگھي پر پوءِ بہ عزيز شاعريءَ جي بحر ۾ ٽُٻيون ھڻي ڪجھ موتي مُٺين ۾ ضرور کنيا آھن، جنھن جي ڪري سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو عَرُوِضي کُنجيءَ سان ماپي سگھجي ٿو.

ڏِنو عشق آھي ھُنر شاعريءَ جو،

بدن سُونھن جو ۽ جگر شاعريءَ جو.

رديفن جا رستا ۽ قافين جاگھرڙا،

حسين آھي ڪيڏو شھر شاعريءَ جو.

عزيز شاعريءَ جو ڳانو عشق کان ٻَڌرايو آھي، جنھن کيس شاعريءَ جي سُٺي سِکيا ڏني آھي. سالم وزن جيان ٽُٽل وَزن جي سفيد ڪاڳر تي سندس خيالن جي مُصوَري اھو محسوس ٿِي ڪرائي تہ عزيز ڪنھن سخي استاد جي در تي صدا ھنئي آھي، جتان کيس ڪشڪول ۾ عَرُضي سِڪا مليا آھن.

گھُگھ رات ستارا ۽ مان،

درياھ ڪِنارا ۽ مان،

ھي رنگ اڪيلائي جو،

خاموش نظارا ۽ مان.

ننڍي وزن ۾ عزيز جا وڏا خيال عزيز جو ادبي قد وڌائن ٿا.

 توريءَ عذاب ۾،

ڪنڊا گُلاب ۾.

ٿي شاد زندگي،

تنھنجي دلاب ۾.

ھڪڙي چُمي ڏنم،

ساڀي تہ خواب ۾.

خواب ۾ چپن جي چودڳيءَ تي چاھتون ماڻيندڙ عزيز ساڀيان جي پويان آھي، جيڪا گس ۾ خوشبو ڇڏيندي ٿي وڃي. سندس ڪوِتا ۾ جتي خيالن جا ڪنول ٽڙيل آھن، اُتي قافيہ رديف بہ جماليات سان ٽُٻُ نظر اچن ٿا. سندس ڪوِتا جي خواھش آھي تہ مھورت ڪنھن مَلڪہ کان ڪرائي وڃي.

ٻَري ٿِي سڄي رات خوابن جي چمني،

ٽنگيل آ وري ۾ عذابن جي چمني.

*

ڌرتتيءَ جو سفر سِم ۽ ڪَلر،

ٻيو اُڃن جو اَثر سِم ۽ ڪَلر

عزيز جو رُوح ڀٽائي جيان سيلاني آھي، جيڪو سدائين سفر ڪندو رھي ٿو، جنھن ۾ عزيز جو حقيقي مقصد سمايل آھي، جيڪو عزيز حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.

No comments:

Post a Comment