ذهني دٻاء ان جا سبب ۽ علاج ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ذهني دٻاءَ (Mental Stress) انساني ذهن ۽ دل جي اها حالت آهي، جتي خيالن جو دٻاءُ، خوف، فڪر ۽ ذميدارين جو بار گڏجي انسان جي سڪون کي متاثر ڪري ڇڏن ٿا۔ هي دٻاءُ اهڙو اندروني طوفان آهي، جيڪو ظاهر ۾ نظر نٿو اچي، پر انسان جي سوچ، عمل ۽ صحت کي آهستي آهستي پريشان حال يا ابتر بڻائي ٿو ڇڏي ٿو۔

ذهني دٻاءَ جي تعريف:

ذهني دٻاءُ اها نفسياتي حالت آهي، جڏهن انسان تي ذميدارين، خدشن، يا ڪنهن بہ مسئلي جو اهڙو بار پئجي وڃي، جو ذهن ان کي برداشت نہ ڪري سگهي ۽ مسلسل فڪر ۾ رهڻ سبب دماغي ۽ جسماني توازن بگڙجي وڃي۔

ذهني دٻاءَ جا سبب:

1. مالي پريشانيون: غربت، قرض يا معاشي غير يقيني صورتحال.

2. خانداني تڪرار: گهر ۾ جهيڙا، ڌڪاري رويا يا احساسِ اڪيلائي.

3. نوڪري جو دٻاءُ: ڪم جو وڌندڙ بار، مقابلي جو رجحان، يا بيوفائيءَ جو احساس يا غلط رويا۔

4. سماجي دٻاءُ: ماڻهن جي اميدن ۽ تنقيدن جو خوف.

5. پراڻو صدمو: ڪنهن ڏک، نقصان يا ناانصافيءَ جو گهرو اثر.

6. پراڻيون ۽ ديرينا بيماريون بہ نا اميديءَ ۽ مايوسيءَ طرف ڌڪي ذهني دٻاء جو سبب بڻجن ٿيون۔

ذهني دٻاءَ جون علامتون:

1. ذهني علامتون: وسوسا، گهڻو سوچڻ، يادگيري ۾ گهٽتائي يعني ويسر، ڌيان نہ رهڻ، تخليقي عمل ختم ٿي وڃڻ۔

2. جذباتي علامتون: بيچيني، مايوسي، ڪاوڙ، يا روئڻ جو رجحان.

3. جسماني علامتون: ٿڪاوٽ، ننڊ ۾ خلل، دل جي ڌڙڪن وڌڻ، يا بيمارين جو وڌڻ.

4. رويي ۾ تبديليون: اڪيلائي اختيار ڪرڻ، گهڻي ڳالهائڻ کان پاسو ڪرڻ، يا غير ضروري عادتن ۾ مشغول رهڻ۔

ذهني دٻاءَ جو علاج:

1. ذهني سڪون ۽ مراقبو: روزانو ڪجهہ وقت خاموشيءَ ۾ ويهي دماغ کي آرام ڏيڻ، يا يوگا ڪرڻ۔

2. مثبت سوچ: زندگيءَ جو بهتر رخ ڏسڻ، سٺو پهلو سوچڻ ۽ ناڪاري سوچ ڳالهين ۽ عملن کان پاسو ڪرڻ.

3. جسماني سرگرمي: هلڻ يعني واڪ ڪرڻ، ورزش، يا قدرتي ماحول ۾ وقت گذارڻ.

4. صحبتِ صالحين: اهڙن ماڻهن سان گڏ رهڻ جيڪي اميد، هٿيء سان گڏ سندن صحبت سڪون بخشي۔

5. مشاورت ڪرڻ: ضرورت پوڻ تي نفسياتي ماهر يا ڪائونسلر سان مشورو ڪجي۔

6. عبادت ۽ دعا: روحاني سڪون لاءِ رب پاڪ سان رابطو وڌائڻو پوندو، ذڪر قلبي ڪرڻو پوندو، ڇو تہ دلين جو سڪون يادِ خدا ۾ ئي آهي۔

حاصلِ مقصد:

ذهني دٻاءُ زندگيءَ جو حصو تہ آهي، پر ان کي زندگيءَ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏنو وڃي۔ جيڪو ماڻهو پنهنجي فڪر تي قابو حاصل ڪري ٿو، اهو دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ سکي ٿو۔

سڪون ڪنهن ٻاهرين شئي ۾ نہ، پر اندر جي توازن ۾ لڪل آهي۔ اسان کي مادي پرستيءَ کي ڇڏي روحانيات طرف راغب ٿيڻو پوندو۔ سڀ کان وڏي ڳالھ تہ اسان کي اڄ ۾ جيئڻ گهرجي، ماضيءَ ۽ مستقبل جي فڪرن کان پاڻ کي آجو رکڻو پوندو۔

علاج: سڪون ڏيندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ دوائن سان ممڪن آهي۔ اگر معدي جي تڪليف هجي تہ ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي۔ ذهن کي اجاين سوچن کان آجو ڪرڻ گهرجي۔ درگذر واري سوچ رکندي مخالفن کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي۔ اگر ڪو اوهان کان ناراض آهي تہ ان وٽ هلي وڃي معافي وٺجي۔ مطلب تہ ذهن کي ساري گندگيءَ کان پاڪ ڪرڻ گهرجي۔ ايئن ڪرڻ سان سڪون جي ننڊ ايندي ۽ پريشان ڪندڙ سوچون بلڪل ختم ٿي وينديون۔ خبردار دشمنيون ڪڏهن بہ نہ وڌايو۔


Previous Post Next Post