هندن جي مذهبي
ڪتاب ”رگويد“
۾ سنڌ ملڪ جو نالو: ”سپت سنڌو“، يعني ستن درياهن وارو ملڪ لکيل آهي. قديم زماني ۾ سنڌ جون سرحدون تمام وسيع هيون ۽ ان
۾ ست درياه وهندا هئا. جنهن ڪري سنڌ
کي ”سپت سنڌو“
يعني
ستن درياهن وارو ملڪ چيو ويندو ھو. اهي درياه: راوي، چناب، جهلم، ستلج، ڀياس، سنڌو ۽ سرسوتي
جيڪي سڀ جو سڀ سنڌوءَ ۾ڇوڙ ڪندا
هئا.
ان مان صاف
ظاهر آهي تہ سنڌ ملڪ تي
اهو نالو سنڌوندي جي ڪري پيو، هن ڳالھ کي مستند سمجهي مٿان بيهارجي ڇو تہ زندگيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي، اناج،
گل ڦل، ميوا، ساوڪون پيدا ٿين ٿيون. درياه تي ئي
تهذيبون جنم وٺن ٿيون، قومون، قبيلا، ٻوليون جنم وٺن ٿيون، جيئن سنڌونديءَ جي ڪناري تي سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾اروڙ، منصور،
برھمڻ آباد، ديبل، نصرپور، ۽ ٺٺي وغيرہ جهڙا شهر سنڌو درياه جي ڪري ئي آباد ٿيا
تہ انهن جي ڦٽڻ جو جوابدار بہ سنڌو درياه جو ڦرندڙ وهڪرو ئي آهي.
سنڌو درياه: سنگيڪاباد نالي چشمي مان نڪري ٿو جيڪو
تبت ملڪ جي مانسرو ڍنڍ وٽ، هماليہ جي اتر تان ڪيلاش پربت جي اتر اولهہ ۾، سطح سمنڊ کان 16946 فوٽ
مٿي آهي، سنڌو ڪشمير وارو جابلو علائقو لتاڙي پنجاب ۽ سنڌ
جي ميدانن مان گذرندو شاه بندر وٽ سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو
آڳاٽا آريا
لوڪ سنڌوندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڀر ڏيئي اچي ويٺا. تنهن ڪري اڳوڻن ايرانين هند جي انهن سڀني
رهاڪن کي سنڌو سڏيو، آريہ قوم سنڌو درياه کي پنهنجو ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا، هنن جي مذهبي ڪتاب رگويد ۾ سنڌو جي
تمام گهڻي ساراه ٿيل آهي. ڏهاڪو ندين
کان سنڌوءَ کي مٿاهون درجو ۽ مانُ
مليل آهي. ان کان علاوہ پارسين جي ڪتاب، زندان اوستا، ۽ هندن
جي ڪتاب، پراڻ، ۾ پڻ سنڌو درياه جي ساراه جا ڍڪ ڀريا ويا آهن، سنڌوءَ جي موج مستي جو ذڪر ڪيو ويو آهي
عيسوي سن کان
ٽي سئو ورهيہ اڳ يوناني بادشاه
سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاه ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ کي ماپڻ لاءِ پاڻ سان درياه جا ماهر آندا
هئا. ان جي معنيٰ تہ
هن
يونان ۾ ئي سنڌوءَ جي اوج بابت
ٻڌو هو،
حجاج بن يوسف
پنهنجي لکيل ڪاڳرن ۾ ابن قاسم کي لکيو تہ،
جڏهن مهراڻ اڪرين تڏھن ھن جي گھيڙ جي ڪنارن کي ٺاهي ڏسج، نديءَ جي ٽپڻ جو انتظام پڪو رکج، اتي جي رهاڪن
کي پڪن انجامن سان پنهنجو مطيع ۽ مخلص بڻائج،
ان کان پوءِ درياه ٽپجو.
حجاج جي خطن
مان خبر پوي ٿي تہ سنڌو درياه
ايڏو وڏو اونهو ۽ خطرناڪ هو جو محمد بن قاسم جو ٽپڻ ڏکيو ٿي پيو،
ان ڪري تہ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي،
جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو سنڌو درياه جي اوج ۽ موج جو وڏو وڪيل هو سو درياه
جي دهشت بابت چئي ٿو تہ:
دهشت دم درياه
۾، جت جايون جانارن
نڪو سندو سير
جو، مپ نہ ملاحن
درندا درياه
۾، واڪا ڪيو ورن
سڄا ٻيڙا ٻار
۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو پئدا نہ ٿئي، تختو منجھان تن
ڪوجو قهر ڪنن
۾، ويا ڪين ورن
اتي اڻتارن،
ساهڙ سير لنگھاء تون
سنڌوءَ کي شينهن جي وات مان نڪرندڙ چيو وڃي ٿو اهو
ان ڪري جو منڍ کان سنڌوءَ جو پاڻي وڏيون
گجگوڙون ڪري نڪرندو آهي، سنڌوءَ جو جنھن پاڻي
پيتو ان ۾شينهن جهڙي طاقت ۽ بهادري پيدا
ٿئي ٿي.
سنڌونديءَ جي سرتين مان هڪ ندي ”برهمپترا“
بہ آهي جيڪا ساڳي سنڌوءَ واري ايريا مان نڪري ٿي، هن کي گهوڙي جي
وات مان نڪرندڙ چيو ويو آهي. تنهن ڪري هن
جي پاڻي پياڪن کي گهوڙي جي خاصيتن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي.
گنگا ندي بہ سنڌونديءَ
جي
سرتين مان هڪ سرتي آهي، سنڌوءَ واري علائقي
مان نڪري ٿي هن کي هاٿيءَ جي وات مان
نڪرندڙ چيو ويو آهي. گنگا جي پاڻي
پيئندڙن کي هاٿيءَ جي قابل تعريف
خاصيتن ڏي منسوب ڪيو ويو آهي.
ڪرنالي ندي
بہ سنڌو نديءَ
جي
سهيلين ۾شامل آهي. هن نديءَ کي مور جي وات مان نڪرندڙ چيو ويو آهي. ڪرنالي جو پاڻي پيئندڙن ۾
مور جهڙي خوبصورتي پيدا ٿئي ٿي.
سنڌونديءَ جي ٻين سرتين ۾ جمنا، سرسوتي، پرشني، ستدري، اسڪني، وتاستا، مرادہ ورودها، سثومي، ارجڪيا
جو ذڪر هندن جي قديم مذهبي ڪتاب رگويد ۾ آيل آهي، پر سنڌونديءَ کي هنن سڀني کان مٿانهون درجو ڏنو ويو آهي.
اسان کي پنهنجي
سنڌو درياھ تي فخر آهي، سنڌو سنڌ جو روح آهي پر افسوس
ڪجهہ سنڌ دشمن قوتون اسان جي هن بهشتي درياه تي
ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ کي ڏڪاريل ڏيهہ بڻائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن پر سنڌ وديس کي
ڀٽائيءَ جي دعا آهي. تنهن ڪري سنڌ
کي لهر نڪو لوڏو
سائينم سدائين
ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار
عالم سڀ آباد ڪرين.

