آخر رجب ميمڻ جو قصور ڪهڙو آهي؟ ـ اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن سجاول ضلعي جي کلي ڪچهريء ۾ پيرسن رجب ميمڻ پاران پيپلز پارٽيءَ جي کاٽو پٽ ضلع ڪائونسل چيئرمين ڀوتار دانش ملڪاڻيء جي ظلم خلاف صوبائي وزير ۽ بيوروڪريٽ سامهون دانهن ڏيڻ تي کيس پوليس سامهون سرعام تذليل ڪري تشدد جو نشانو بنائڻ بعد پيرسن مرد کي گهليندا رهيا ۽ پوليس تماشو ڏسندي رهي ۽ هو کيس موت مار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا۔ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند ڀوتار جي واٺن ھٿان تشدد جو شڪار بنيل پيرسن رجب ميمڻ کي سامهون ويهي ڏسي رھيو هو، سجاول واسين جي ھردلعزيز ايس ايس پي ميڊم علينا راڄپر پڻ کليل ڪچھري ۾ موجود ھئي۔ ٻڌايو ته توھان قانون جي رکوالن ۽ سوين پوليس اھلڪارن جي موجودگي ۾ ھڪ پيرسن مظلوم ۽ غريب رجب ميمڻ کي وحشي ۽ ظالم وڏيري جا غنڊا جانورن جيان مٿس تشدد ڪندا رھيا۔ توهان اسٽيج تي ويهي ڇا ڪري رهيا هو؟ توهانجي پوليس جنهنجو ڪم امن و امان برقرار رکڻ هوندو آهي سا به خاموش تماشائي بڻيل رھي۔ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته توهان ان ڀوتار توڙي ان جي ڇاڙتن سان ٻٽ بڻيل آهيو ۽ انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ کان قاصر هيو جڏهن اسيمبليء جي فلور تي رجب ميمڻ لاء آواز اٿي ٿو ۽ سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ تي پوسٽون هلن ٿيون ته رَجب ميمڻ تي تَشدد جو ڪيس سجاول ٿاڻي تي داخل ڪري صبغت الله، ميرمحمد جت، نوراحمد جت سميت 10 جوابدارن تي داخل ڪري،4 جوابدار گرفتار ڏيکاريا وڃن ٿا۔ رجب ميمڻ جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو پر مٿس ٿيل تشدد جو ڪيس سجاول ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت هيٺ قلم 353 , 186 ,504 , 506 , 147  ,149 پي پي سي تحت جهيڙي هنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جي الزامن تحت داخل ڪيو ويو, نامزد جوابدار سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي جا ويجها همدرد آھن.

 هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهن مجرمن خلاف ٻي ڪهڙي ڪاروائي ٿي ٿئي جڏهن ته رجب ميمڻ جو اصل جوابدار دانش ملڪاڻي آهي جنهن جي چرچ تي مٿس حملو ڪيو ويو۔ هتي سوال اهو آهي ته سنڌ حڪومت ايس پي ۽ ڊي سي کي سجاول ضلعي جي ماڻهن جي جان مال ۽  عزت آبروء جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو آھي پوءِ ڇا ھي رياست اندر رياست قائم ٿيل آھي جو انهن جي سامهون غريب مسڪين پيرسن ڪٽجندو رھي ٿو ۽ اهي مظلوم جا مددگار ٿيڻ بجاء ان ظالم ڀوتار اڳيان مجبور بڻيل رهيا آهن۔ جيڪڏهن  غريب مسڪين پيرسن رجب ميمڻ جي جاءِ تي اھڙو حملو ڪنهن صوبائي وزير ايم اين اي ايم پي اي ضلع ڪائونسل چيئرمين يا پارٽي عھديدار تي ٿئي ھا ته پوء به توھانجو قانون ۽ پوليس نفري ائين خاموش ٿي تماشو ڏسي ھا ۽ ڪابه ايف آء آر داخل ڪونه ٿئي ھا ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿئي ھا؟!

افسوس صد افسوس آخر مسڪين رجب ميمڻ جو قصور ڪهڙو آهي؟ هو ته پنهنجي اباڻي زمين تان دانش ملڪاڻي جو قبضو ڇڏائڻ ٿو گهري۔ جيڪو اٺن سالن کان سندس پاڻي بند ڪيو ويٺو آهي۔ ان ڀوتار ڪيترائي ڀيرا مٿس ظلم ڪيو آهي کيس اغوا ڪرايو آهي.سڄو سجاول ضلعو ڄاڻي ٿو ته ملڪاڻي ڀوتارن نه فقط رجب ميمڻ جي زمين تي قبضو ڪيو آهي پر آرائين جي زمين تي به ملڪاڻي قابض آهن۔ رجب ميمڻ صحت کاتي جو ننڍڙي ملازم طور رٽائرڊ آھي جيڪو اصل ۾ جاتي جو رھواسي آهي ھن وقت دڙي شھر ۾ رھائش پذير آھي.  رجب ميمڻ بار بار دانھيندي چيو آهي ته جاتي ۾ 36 ايڪڙ اباڻي زرعي زمين آھي، جيڪا زرخيز آھي جنھن جي ڀر ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار غلام قادر ملڪاڻي جي پُٽ دانش ملڪاڻي جي زمين آهي. جنھن کيس بار بار چيو آهي ته ھيء زمين مون سان وڪرو ڪري هليو وڃ نه ته زمين آباد نه ڪري سگھندين، جنھن جون تر جي سمورن سياسي سماجي ڌرين کي دانھون پڻ ڏنيون پر ڪنھن به سندس واھر نه ڪئي آهي.دانش ملڪاڻي سندس زمين جو پاڻي بند ڪري زمين بنجر بڻائي ڇڏي آھي محض ان مقصد لاءِ ھي زمين دانش ملڪاڻي کي پسند آئي آھي ۽ رجب ميمڻ تي دٻاء وجهي رهيو آهي ته اھا زمين ڀُڳڙن جي مُٺ تي وڪرو ڪري ٻي صورت ۾ ھي زمين آباد نه ڪري سگھندو.

ھي صرف رجب ميمڻ سان معاملو نه آھي پر سڄي سنڌ سان اھو لقاءُ آھي. ھر طرف ظلم ۽ بربريت دهشت ۽ وحشت ڇانيل آھي، سنڌ کي ڏينهون ڏينهن دوزخ جي دونھن ۾ ڌِڪيو پيو وڃي. سڄي سنڌ مٿان ظلم جي ڪاري رات جا ڪَڪر ڇانيل آھن پر ھڪڙي ڳالھه واضح آھي تہ مزاحمتن جي اڳيان ھي وحشتون ۽ ظلم ڪا به معنيٰ نٿا رکن.خدارا! ڪجهه ته خدا جو خوف ڪريو ڀوتارن سان گڏ بيھڻ بجاءِ غريب عوام سان گڏ بيھو۔بيگناهه  رجب ميمڻ سان انصاف ڪري کيس زمين آباد ڪرڻ جو حق ڏيو سندس مٿان تشدد ڪندڙ ٽولي ۽ ان جي سرواڻي ڪندڙ ڀوتار خلاف ڪاروائي ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي  قانون ۽ انصاف جو ڀرم برقرار رکو ٻي صورت ۾ الله جي عدالت ظالم ۽ ظلم جي حامين کي هميشه لاء نيست و نابود ڪري ڇڏيندي!!!


Previous Post Next Post