بدقسمتيءَ کي خوش قسمتيءَ ۾ ڪيئن بدلائجي؟ ـ سنڌيڪار: امتياز علي رند

آرٿر ايش هڪ عظيم ٽينس رانديگر ٿي گذريو آهي. هو آمريڪا جو واحد ڪارو رانديگر هو جنهن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري ’ويمبلڊن‘، ’يو ايس اوپن‘ ۽ ’آسٽريليا اوپن‘ تائين پهتو ۽ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا. جڏهن هو مسلسل فتوحات حاصل ڪري رهيو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ هو ايڊز جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي ويو. هن ڪيترائي سال اها ڳالهہ لڪائي رکي پر آخرڪار 1992ع ۾ پنهنجي موت کان هڪ سال اڳ هن اعلان ڪيو ته ”مان ايڊز جي گرفت ۾ آهيان.“ هي خبر ٻڌي سندس مداح صدمي ۾ هليا ويا ڇاڪاڻ ته ماڻهو کيس تمام گهڻو پسند ڪندا هئا. کيس سڄي دنيا مان محبت جا خط ملڻ لڳا. هڪ مداح لکيو: ”آرٿر! خدا هن موذي مرض لاءِ صرف توهان کي ئي ڇو چونڊيو؟“ آرٿر کيس جيڪو جواب ڏنو، سو سون جي پاڻي سان لکڻ جهڙو آهي. هن لکيو: ”سڄي دنيا ۾ پنج ڪروڙ ٻارن ٽينس کيڏڻ شروع ڪيو، انهن مان پنجاهه لک چڱيءَ طرح کيڏڻ سکي ويا، پنج لک ٻارن ان راند ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ پنجاهه هزار اهڙا هئا، جيڪي بين الاقوامي مقابلن تائين پهتا. انهن مان پنج هزار ’گرينڊ سلام‘ مقابلن تائين پهچي سگهيا، انهن مان پنجاهه ڇوڪرا ’ويمبلڊن‘ تائين پهتا، چئن ڇوڪرن سيمي فائنل کيڏيو، انهن مان ٻه فائنل تائين پهتا، هڪ خوش قسمت فائنل کٽيو، سڄي دنيا ۾ ان فتح جي گونج ٿي ۽ توهان کي خبر آهي ته ”ويمبلڊن“ جي فتح جو اعزاز حاصل ڪرڻ وارو ڪير هو؟ اهو مان هوس. جڏهن مان ”ويمبلڊن“ جي ٽرافي کڻي ۽ فخر سان سينو وڌائي بيٺو هوس ته مون ان وقت خدا کان اهو نه پڇيو ته تو مون کي ئي هن اعزاز لاءِ ڇو چونڊيو، تنهن ڪري اڄ مون کي اهو حق نه آهي ته مان هن کان پڇان ته توهان مون کي هن مرض ۾ ڇو مبتلا ڪيو؟

الله تعاليٰ اسان تي ڪرم ڪيو ۽ اسان کي عالم ارواح مان عالم دنيا ۾ موڪليو. هن ئي اسان کي زندگي جي دولت عطا ڪئي. سندس ڪرم جي ڪا انتها ناهي، ان ڪري اسان انساني حياتيءَ کي به محدود نه ٿا سمجهي سگهون. اسين زندگيءَ کي صرف راحت يا صرف درد نه ٿا چئي سگهون ۽ نه ئي ان پيماني سان زندگيءَ کي ماپي سگهون ٿا. جيڪو شخص زندگيءَ کي لذت حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ هميشه آرام ۽ راحت جو طلبگار رهي ٿو، اهو معمولي تڪليف تي به رڙيون ڪرڻ لڳندو. ان جي ابتڙ جيڪو شخص زندگيءَ کي ڏک ۽ غم جو مجموعو سمجهي ٿو، اهو هر وقت مايوس رهي ٿو، کيس الله جي رحمت نظر نه ٿي اچي، جنهن ڪري سندس سڪون ختم ٿي وڃي ٿو.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو ارشاد آهي: ”دنيا ۾ ايئن رهو جيئن مسافر يا واٽهڙو رهي ٿو.“ سفر ۾ راحت گهٽ ۽ مشقت وڌيڪ ٿيندي آهي. جڏهن مسلمان پاڻ کي مسافر سمجهندو آهي ته کيس معلوم ٿيندو آهي ته منهنجي منزل دنيا نه پر آخرت آهي. هن سوچ سان سفر ڪندي هو دنياوي شين سان دل نٿو لڳائي. کيس جيڪڏهن راحت ملي ته الله جو شڪر ادا ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن تڪليف ملي ته ان تي صبر ڪري ٿو. زندگي غم، خوشي، ڏک، راحت، درد ۽ لذت مان ٺهيل هڪ مڪمل پئڪيج آهي. ان جون سٺيون ۽ خراب حالتون خدا جي منصوبابندي جو حصو آهن. ان ۾ پيش ايندڙ ڪجهه واقعا اهڙا آهن جيڪي اسان جي اختيار ۾ آهن ۽ ڪجهه اختيار کان ٻاهر آهن. مثال طور: ڪٿي زلزلو آيو، ڪيترائي ماڻهو ان جي لپيٽ ۾ آيا، ڪجهه زخمي ٿيا ۽ ڪجهه فوت ٿي ويا يا ڪنهن علائقي ۾ ٻوڏ آئي، ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا، گهر ڊهي پيا ۽ جانور ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي ويا يا ڊرائيونگ ڪندي اوچتو ٻي لين مان هڪ گاڏي اوهان جي سامهون اچي وئي ۽ جيتري قدر اوهان پنهنجي گاڏي روڪي سگهو ٿا، اها زوردار انداز ۾ اوهان جي گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي.

ٻئي قسم جون اهي حالتون آهن، جن تي اسان کي اختيار حاصل آهي. مثال طور: گاڏي هلندي هلندي اوچتو بيهي وئي، معلوم ٿيو ته پيٽرول ختم ٿي ويو آهي، يا ڪو شخص بيمار آهي ۽ ڊاڪٽر وٽ نٿو وڃي، ڪجهه عرصي کان پوءِ مرض شدت اختيار ڪري ويو ۽ هو اٿڻ ويهڻ کان به قاصر ٿي ويو يا بجليءَ جو بل اچي چڪو آهي پر ان کي ٽاريندي ٽاريندي آخري تاريخ گذري وئي. هي سڀ مثال انسان جي ڪوتاهي ۽ غفلت تي دلالت ڪن ٿا. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ۽ جيڪا به مصيبت اوهان کي پهچي ٿي، اها ان جي سبب آهي جيڪو اوهان جي هٿن ڪمايو آهي.“ (سوره شوريٰ: 30)

ان مان واضح ٿئي ٿو ته زندگيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتون دراصل اسان جي هٿن جي ڪمائي آهي. ڪٿي نه ڪٿي اسين غلطي ڪندا آهيون ۽ نقصان کڻندا آهيون.

جيڪي شيون اسان جي اختيار کان ٻاهر آهن ۽ خواهش جي باوجود به اسين انهن کي بدلائي نه ٿا سگهون، ان بابت شريعت صبر جو حڪم ڏنو آهي. برداشت سان گڏوگڏ الله تعاليٰ کان اها اميد رکڻ گهرجي ته ان تڪليف ۾ منهنجي لاءِ خير هوندو. اسان وٽ هر ان شيءِ کي مصيبت چيو ويندو آهي، جيڪا مالي، جسماني يا نفسياتي نقصان جو سبب بڻجي، جڏهن ته لفظ مصيبت جو ماخذ ’ص و ب‘ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ٺيڪ ۽ درستگي. ان بنياد تي مصيبت جو مطلب آهي: ”هر اها شيءِ جيڪا ٺيڪ پنهنجي هدف تي پهچي.“ ماڻهو نقصان جي صورت ۾ شڪايت ڪندا آهن ته صرف مان ئي ڇو ان جي گرفت ۾ آيس، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهو نقصان اسان لاءِ پيدا ٿيو هو ڪنهن ٻئي لاءِ نه. ان ڪري ان تي ناشڪري جو اظهار ڪرڻ درست نه آهي بلڪه الله کان صبر، همت ۽ آساني گهرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر مشڪل ۾ ڪو نه ڪو فائدو ضرور ٿيندو آهي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو ارشاد آهي: ”مسلمان کي جيڪو به ڏک، غم، ملال ۽ تڪليف و رنج پهچي ٿو، ايتري تائين جو جيڪڏهن ڪنڊو به چڀي ٿو ته الله تعاليٰ ان جي بدلي ۾ ضرور سندس خطائون معاف فرمائيندو آهي.“ (الادب المفرد، حديث نمبر: 492)

اهي شيون جيڪي اسان جي دائري اختيار ۾ آهن ۽ اسان انهن کي بدلائي سگهون ٿا پر ان جي باوجود اسين غفلت جو مظاهرو ڪندا آهيون ته ان بابت اسان کان حساب ورتو ويندو. ڪيترائي ماڻهو اختيار رکڻ جي باوجود ڪم مڪمل نٿا ڪن ۽ چون ٿا ته ”اها الله جي مرضي هئي، مان ان ۾ ڇا ڪري سگهان ٿو،“ هي دراصل پنهنجي ذميوارين کان ڀڄڻ آهي ۽ بدقسمتي سان معاشري ۾ اهو رويو وڌي رهيو آهي.

ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي هر ڪم کي قسمت جي کاتي ۾ وجهندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي حصي جي محنت نٿا ڪن ۽ بدقسمتي جو ڍونگ رچائي ٻين جي همدرديون گڏ ڪرڻ چاهين ٿا. ياد رکو ته اسين حقيقي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. هتي ڪنهن به شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش شرط آهي. الله جي مدد به تڏهن ايندي آهي جڏهن انسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪري وٺي. سڀ کان وڏي مثال غزوه بدر جي آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جنگ جي موقعي تي سامان گڏ ڪيو، لشڪر ترتيب ڏنو ۽ بهترين جنگي حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي پاڻ لاءِ ميدان جو انتخاب ڪيو ۽ تياري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ الله جي حضور ۾ بيهي پنهنجي فتح جي دعا گهري. ان کان پوءِ الله تعاليٰ مدد لاءِ ملائڪ موڪليا. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن انسان مسلسل پريشانين جو شڪار ٿيندو آهي. هو ڪو ڪم شروع ڪندو آهي ۽ ان ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي. کيس سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ مان ڪيئن پنهنجون حالتون بهتر ڪريان. ان حالت ۾ ضروري آهي ته انسان ڪجهه دير بيهي پنهنجي زندگيءَ جو جائزو وٺي ۽ جن شين تي کيس اختيار حاصل آهي، انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙي صورتحال لاءِ ڪجهه ڪارائتيون تدبيرون اوهان جي سامهون پيش ڪيون وڃن ٿيون.

1.     شڪر: توهان ڪيترين به بدترين حالتن کي  منهن ڇو نه ڏئي رهيا هجو، شڪرگذاري اختيار ڪريو اوهان جي زندگي بدلجي ويندي. ان ڳالهه تي پورو ايمان رکو ته ان مشڪل ۾ منهنجي لاءِ خير هوندو. انسان جي زندگيءَ ۾ ايندڙ مصيبت دراصل ان جي شخصيت سازي ڪندي آهي. اڄ جو انسان تڪڙو آهي، هو Process ۾ وڃڻ بجاءِ جلد کان جلد نتيجو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هو جڏهن ڪنهن مشڪل جو شڪار ٿيندو آهي ته فوري طور تي ان کي راحت ۾ بدلائڻ چاهيندو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انسان جي شخصيت سازي Process ۾ ٿيندي آهي. مشڪلاتن واري مرحلي مان گذري ڪري ئي هو ذهني طور تي مضبوط بڻجندو آهي پر اسين مسئلن کي جلدي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان فائدي کان محروم ٿي وڃون ٿا جيڪو مشڪل جي بدلي ۾ اسان کي ملڻو هو. تنهن ڪري شڪر ادا ڪريو ۽ صبر کان ڪم وٺو.

2.     صحبت: ڪڏهن ڪڏهن اسين مسئلن جو شڪار ٿيندا آهيون ته اسان جا ڪجهه دوست اهڙا به هوندا آهن جيڪي اسان کي واپس انهي کوه ۾ ڌڪيندا رهندا آهن. اهي پنهنجي ڳالهين، خيالن ۽ روين سان اسان جي حوصلا شڪني ڪندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسين روز بروز مايوس ٿيندا ويندا آهيون. تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ سڀ کان پهريان پنهنجن واسطن جو جائزو وٺو، اهڙن سڀني ماڻهن کان جان ڇڏايو جيڪي اوهان کي نااميد بڻائين ٿا ۽ اهڙا ماڻهو ڳولهيو جيڪي پراميد هجن، جيڪي اوهان سان مخلص هجن ۽ باصلاحيت به هجن. اوهان کي جڏهن به محسوس ٿئي ته ڪنهن شخص تي الله جو ڪرم آهي ته ان سان جڙي وڃو، اوهان به ڪرم ۾ شامل ٿي ويندا. بهترين ماڻهن جي صحبت رکڻ جي ڪري اوهان وڏين وڏين مصيبتن تي قابو پائڻ سکي ويندا.

3.     علم: الله جڏهن ڪنهن انسان تي مهربان ٿيندو آهي ته ان کي تدبر، علم ۽ حلم عطا ڪندو آهي. ان جي اک کلي ويندي آهي جنهن سان هو ايندڙ وقت کي ڏسڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ ان جي مطابق فيصلا ڪندو آهي. هو فلم ڊائريڪٽر وانگر زندگي جي سيٽ تي پنهنجي مرضيءَ سان شيون لڳائيندو آهي ۽ مستقبل کي بهتر بڻائيندو آهي. ياد رکو ته زندگي شطرنج جي راند آهي. ان ۾ ڪڏهن بيهڻ، ڪڏهن مڙڻ، ڪڏهن هارائڻ ۽ ڪڏهن برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ان ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌبو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن نتيجن لاءِ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. بدقسمتي سان اسان زندگيءَ کي ڪرڪيٽ جي راند سمجهي ورتو آهي. اسين چاهيون ٿا ته هر بال تي ڇڪو هڻون ۽ وڌ کان وڌ رنسون ٺاهيون پر بال اسان جي وڪيٽ اڏائي ڇڏيندو آهي. اسين آئوٽ ٿي ويندا آهيون ۽ ان کان پوءِ زندگي اسان کي مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان ڀريل محسوس ٿيندي آهي.

4.     هجرت: حالتون بدلائڻ لاءِ هجرت بهترين عمل آهي. اسان جي ناڪامي جو سبب اهو به آهي ته اسين هڪ ئي جاءِ تي ويهي رهندا آهيون ۽ اتان نڪرڻ جي جرئت نٿا ڪريون. وقت گذرڻ سان گڏ اسان جي حالت بد کان بدتر ٿيندي ويندي آهي. اهڙي صورت ۾ فوري طور تي اتان نڪرڻ گهرجي.اسان جي بزرگن ۾ بيشمار شخصيتن هجرت ڪئي ۽ الله کين شهرت ۽ عزت سان نوازيو. خراسان مان علي بن عثمان الهجويريؒ ۽ ايران مان معين الدين چشتيؒ نڪتا ۽ سندن فيض سڄي هندوستان ۾ ڦهلجي ويو. معروف اديب احمد نديم قاسمي صاحب انگھ (خوشاب) مان، معروف مزاح نگار ۽ منهنجو استاد عطاء الحق قاسمي صاحب وزير آباد مان، معروف سياح ۽ سفرنامه نگار مستنصر حسين تارڙ صاحب گکڙ مان ۽ منهنجو مرشد واصف علي واصف خوشاب مان نڪتا، لاهور آيا ۽ لکين ماڻهو سندن خدمتن مان مستفيد ٿيا. هجرت انسان کي وڏو بڻائي ڇڏيندي آهي. جڏهن انسان رحمت ڳولهڻ نڪرندو آهي ته قدرت ان لاءِ رستا آسان بڻائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن اوهان جي زندگي مشڪلاتن جو شڪار آهي ته هجرت ڪريو، ٿي سگهي ٿو اوهان جو رزق ڪنهن ٻي جاءِ تي موجود هجي. جيڪڏهن اوهان علائقو نه ٿا بدلائي سگهو ته پاڙو بدلائي ڇڏيو، پاڙو به نه ٿا بدلائي سگهو ته گهر جو ڪمرو ئي بدلائي ڇڏيو. ڪنهن هوا دار ڪمري جو انتخاب ڪريو ته جيئن اوهان جي ذهني ڪيفيت بهتر ٿي سگهي ۽ اوهان بهتر انداز ۾ پنهنجن مسئلن جو حل ڳولي سگهو.

5.      سخاوت:جڏهن انسان تي مشڪل حالتون اينديون آهن ته هو پنهنجي لاءِ فڪرمند ٿيندو آهي ۽ سخاوت ڇڏي ڏيندو آهي، جنهن ڪري سندس دل تنگ ٿي ويندي آهي. اوهان مشڪل حالتن ۾ به هٿ کليل رکو ۽ جيترو ٿي سگهي پنهنجون نعمتون ورهايو. مان جڏهن به زندگيءَ ۾ Stuck (منجمد) ٿيس ته مون ورهائڻ شروع ڪيو، حيرت انگيز طور تي منهنجي لاءِ رستا کلندا ويا. هي ڪيميا جو نسخو آهي. مون هميشه ورهائيندڙن جو رزق وڌندي ڏٺو آهي. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن تي ڪرم ڪندو آهي ۽ سندن زندگيءَ تي ڇانيل ڪارا ڪڪر ختم ٿي ويندا آهن.


Previous Post Next Post