ڪارا ھٿ ـ ڪھاڻي ـ امن لغاري

جڏهن مان يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ يونيورسٽي کان ڳوٺ واپس ويندو هوس تہ ٺٽي واري اسٽاپ تي هر دفعي هڪ ٻار سان منهنجي ملاقات ٿيندي هئي. سندس عمر ڏه ٻارهن سال هوندي. بس تي چڙهي پاڻي جون ننڍڙيون بوتلون ۽ چپس وڪڻندو هو. هن جو نالو حيدر هو۔

سفر جي مٽي ۽ محنت جي ٿڪ سان گدلا ٿيل سندس ننڍڙا هٿ… الائي ڇو انهن مان مون کي مستقبل جي ڪا روشني اڀرندي محسوس ٿيندي هئي. هو چوٿين ڪلاس جو شاگرد هو ۽ گهر جي گذر سفر لاءِ هي ننڍڙو واپار ڪندو هو۔

اسان يونيورسٽي جا شاگرد هئاسين، پاڻ کي صفا بادشاه ماڻهو سمجهندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن تہ بس وارن کي ڪرايو بہ نہ ڏيندا هئاسين. بس ۾ پويان سيٽن تي قبضو ڪري کلاءُ مذاق ۾ لڳل هوندا هئاسين۔

حيدر به اڪثر انهن ئي سيٽن تائين اچي پهچندو هو. بوتلون وڪڻيندو هو ۽ اسان جي ڪچهرين ۾ بہ شامل ٿي ويندو هو۔

اڄ بہ، جڏهن بس ٺٽي کان سجاول طرف رواني ٿي، تہ هو آرام سان چڙهي اندر آيو. ٻن ٽن سيٽن تي ڪاليج جا گروپ ويٺل هئا ۽ باقي عام مسافر، جيڪي روز هن روٽ تي سفر ڪندا هئا. حيدر اچي هڪ پاسي ويٺو ۽ ويٺلن جي چهري جو جائزو وٺڻ لڳو. مان خاموش کيس ڏسندو رهيس۔

ڇا حال آ، جاني؟

اسان جي گروپ مان هڪ ڇوڪري مرڪي کانئس پڇيو۔

حيدر ٻانهن ٻڌي چيو:دعا آ ڀاءُ، خير لڳو پيو آهي

هو وري ويٺلن ڏانهن ڏسڻ لڳو. هڪ ٻن کي چيائين:پاڻي وٺو؟ چپس وٺو؟“

ڪنهن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، ڪنهن وري بلڪل جواب نہ ڏنو. حيدر جي چهري تي اوچتو اداسي پکڙجي وئي. هو آڱرين سان هلڪو ٺڪاءُ ڏيندو رهيو… مان کيس ڏسندو رهيس۔

هڪ همراه پڇيس: ڪڏهن کان هي ڪم ڪرين ٿو؟

هو مرڪي چيائين: سائين، ڪافي ڏينهن ٿيا آهن. پڙهندو بہ آهيان ۽ هي ڪم بہ ڪيان ٿو۔

سندس مضبوط ۽ سچو لهجو ٻڌي سڀ ويٺل ماڻهو ڌيان سان حيدر کي ڏسڻ لڳا۔

هڪ ٻيو شخص پڇيس:ڪهڙي ڪلاس ۾ ٿو پڙهين؟“

سائين، چوٿين ۾

واه، همت رکجانءِ پٽ! هڪ همراه خوش ٿي چيو۔

حيدر سڀني ڏانهن ڏسي چيو: سائين، همت تہ پاڻ کي ڪرڻي پوندي. امڙ سلائي ڪري ٿي، ابو هارپو ڪري ٿو. اجازت ڏني اٿن تہ پڙهان… پر پنھنجا خرچ پاڻ پورا ڪرڻا آهن.“

اسان مان ڪنهن مذاق ۾ چيو: ڀلا ڪامريڊ، ڪا تقرير ٻڌاءِ.“

ڇاڪاڻ تہ هن سان اڳ بہ اسان جون ڪچهريون ٿي چڪيون هيون۔

حيدر هڪ ساه ڀريو. هو رڳو وڪرو ڪندڙ ٻار نہ هو. بس ۾ روز ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هن جو شعور وڏن کان گهٽ نہ رهيو هو۔

هو اٿي بيٺو، ڪپڙا ڇنڊي، ڳلو صاف ڪيائين۔

وري چيائين:سائين، سنڌ جي ڳالهہ تہ ڏکن ۾ لڪل آهي. سنڌ جا ماڻهو تڙپي رهيا آهن. شهرن ۾ پنهنجو حق گهري تہ دهشتگرد سڏجن ٿا، ڳوٺن ۾ ٻار ٻڪريون ۽ رڍون پيا چارين، اسڪول بند پيا آهن. اسان پاڻ ۾ گڏ ناهيون. جيستائين گڏ نہ رهنداسين، ڪجهہ بہ نہ بدلجندو.“

بس جي پوئين حصي ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. سڀ ماڻهو ٻاهر ڏسڻ ڇڏي ۽ حيدر ڏانهن ڏسڻ لڳا. سندس لفظ، لهجو، نظرون… ڪنهن معمولي ٻار جهڙا نہ هئا۔

هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو

ظلم، ناانصافي، حق، تعليم، مستقبل

سڀ موضوع هڪ هڪ ڪري پختگي سان کولي ٻڌائيندو رهيو۔

آخر ۾ چيائين: سائين، ٻڌي ڪجو… سنڌ کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.“

بس ۾ تاڙيون وڄڻ لڳيون۔

يار، ننڍڙي تہ ڪمال ڪري ڇڏيو!“

ٻارن ۾ بہ شعور اچي ويو آهي!

ڪجهہ وقت لاءِ بحث جاري رهيو، پوءِ سڀ وري پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويا. ڪنهن موبائيل استعمال ڪرڻ شروع ڪئي، ڪنهن وري ڪچهري ۾ پاڻ کي وساري ڇڏيو۔

حيدر وري نرم آواز ۾ پڇيو: سائين، پاڻي؟ ڪا بوتل؟ چپس؟ ڪجهہ وٺو؟

ڪنهن انڪار ڪيو، ڪنهن چيو: مٺا، اُڃ ناهي.“

حيدر اڳتي وڌي ٻين کي پڇيو: سائين، پاڻي… هڪ 30 جي، 50 جون ٻہ“

پر ڪنهن بہ حيدر کان ڪجهہ نہ ورتو۔

هڪ ملازم کيسي مان ڏه رپيا ڪڍي چيائين: پٽ، مونکي تہ ڪجهہ نہ کپي، پر هي تون رک.“

حيدر جي اکين ۾ جوت آئي، پر چيو: سائين، نہ… ايئن ڪونہ وٺندس

پر پوءِ ٻيا ماڻهو بہ نوٽ ڪڍي حيدر ڏانهن وڌائڻ لڳا۔

حيدر، جيڪو محنت ۽ خوداري سان بيٺو هو، ويٺي ويٺي ڄڻ هڪ فقير بڻجي ويو۔

منهنجي اندر ۾ تڪليف اُڀري. دل چيو رڙ ڪري ماڻهن کي روڪيان: اوهان کي خبر آهي ڇا پيا ڪريو؟

هِن ٻار جي محنت کي، سندس خودي کي، سندس مستقبل کي اوهان چند رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهيو!

پر مان چپ رهيس.

بس جڏهن دلھ دريا خان پل جي چيڪ پوسٽ تي بيٺي، حيدر سڀني سان هٿ ملايو. مون بہ دل نہ چاهيندي کيس هٿ ڏنو۔

اڄ سندس هٿ مون کي اڳ کان بہ وڌيڪ ڪارا لڳا۔

انهن هٿن کي ايترا ڪارا ڪرڻ ۾ ڏوه ڪنهن جو آهي؟

سندس… يا اسان سڀني جو؟

حيدر پنهنجي ننڍڙي ٿيلهي سميت بس مان لهي ويو

۽ مون وٽ هڪ وڏو سوال ڇڏي ويو


Previous Post Next Post