هڪ انقلابي
پارٽي نئون سماج قائم ڪرڻ وارن جو منظم جٿو هوندي آھي. اها هڪ
نظريي جي عملي صورت، مظلوم ۽ پورهيت
طبقي جي حقن جي ترجمان هوندي آھي. 
مارڪسي انقلابي
تنظيم بابت اهو چيو ويندو آھي تہ اها نون انسانن
جو منظم گروه، جيڪا هڪ نئين
استحصال
جي هر صورت کان پاڪ سماج قائم ڪرڻ چاهيندي آھي.
اھڙي پارٽي هڪ نئين انسان
جي خالق سمجهي ويندي آھي. جيڪو هڪ غير
طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني
ڏيڻ لاءِ تيار هجي.
پارٽي ڪارڪنن
۽ مسڪين ماڻھن جي ماءُ هوندي آھي، جيڪا سندن ڏک ۽ سک ۾ مالڪي ڪندي آھي. انقلابي پارٽي مايوس فردن ۽ دانشورن کي مايوسين جي
ڪُن مان ڪڍي کين اميدن تي آمادہ ڪندي آھي. پارٽي
نظرياتي تجربيڪار ڪارڪنن جو اهڙو جٿو هوندي آهي.
جيڪا
ڪنهن بہ رياست اندر متبادل رياست جي حيثيت اختيار
ڪري وٺي اها ئي پارٽي سماج کي تبديل ڪندي، پارٽي
پنهنجا ملازم رکندي جن کي پيشہ ور انقلابي
چيو ويندو. روس ۾ بالشويڪ پارٽي هڪ اهڙو ماڊل هو.
افسوس تہ اسان هن وقت تائين پارٽي تہ پري چند سئو ڄڻن جي گروه کي گڏائي سنڀالڻ
جي پوزيشن ۾ نہ آھيون، روس ۾ انقلاب وقت بالشويڪ پارٽي وٽ اٺ هزار ڪارڪن
هو. جيڪو هڪ منظم شڪل ۾ هو. اسان وٽ هڪ سئو نظرياتي ۽ عملي ڪارڪنن جو گروه پيدا
ٿيندو آھي تہ ان ۾ انيڪ ننڍا
ننڍا گروپ ۽ ٽولا ٺھي ويندا آھن. جيڪي سماج
۾ طبقاتي تظاد کي تيز ڪرڻ بدران پاڻ ۾ وڙھيل هوندا
آھن، جنهن جي ڪري جدوجهد محدود هوندي آھي ۽ سماج ننڍي
تنظيم جي وجود کان بہ واقف نہ هوندو آھي.
انقلابي تنظيم
جي تعمير ڪرڻ هتان جي انقلابي قوتن لاءِ
وڏو
چئلينج آھي. جيڪڏھن کاٻي
ڌر ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ پنهنجون
کوٽون ختم ڪري ڪجهہ بهتري نہ
آندي
تہ تاريخ ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر 1947 جيان وري بہ هڪ تماشائي هوندي جيڪو هاڻ خطرناڪ هوندو، افسوس تہ
هتي
سموري تاريخ جو علم رکڻ جا دعويدار ڪارڪنن جي مالڪي ڪري هڪ منظم عوام دوست، پورهيت دوست تنظيم ٺاهڻ ۾ ناڪام آھن. سندن انائون انقلاب کان وڏيون آھن، هو تاريخ جا ڏاها ترين فرد سمجهن ٿا، هو هر تنقيد کان پاڻ کي بالاتر سمجھن ٿا.
پارٽي جا سماج
۾ خدمت لاءِ ٽريڊ يونين
سميت دانشورن، شاگردن، استادن جا منظم تنظيمي ڍانچا ھئڻ گھرجن. پارٽي پنهنجي
هر فرد جو ماءُ جيان خيال ڪري
تنظيم ليڊر کي بادشاه، آمر ۽ آپيشاه
وارا اختيار نہ هجن. اهڙي صورتحال ۾ موجود وڏن چئليجن کي ڪئين منهن ڏئي
سگهبو اهو وڏو سوال آھي، جيڪو بظاهر
جدليات ۽ تضاد جي ماهرن کي ڏيڻو پوندو. اهو
المييو نہ آھي تہ
جيترو
ظلم پورهيتن تي وڌي رهيو آھي اوترو سندس حامي جماعتون ڪمزور کان ڪمزور ٿي رهيون آھن. افسوس تہ
پارٽين
۾ اها جمهوريت بہ نہ آھي تہ
قيادت
کان ڪي سوال ڪري سگهي تہ سائين هي کاٻي
ڌر ۽ خود اسان جو پارٽي جي نالي ۾ هي ڪمزور گروپ روز محدود ڇو ٿي رهيو آھي.
پراڻن ڪامريڊن
جو چوڻ آھي تہ اهو خودبخود
نہ پيو ٿئي هي دور سرمائيداري سامراجيت جو آھي، ان ڪري اهڙين انقلابي تنظيمن کي محدود رکڻ
واڌ ويجهہ کان روڪڻ لاءَ تنظيم اندر ئي اهڙو گروه گروپ رکيو ويندو
آھي جيڪو وقت بہ وقت پارٽي کي
گروه بندين جو شڪار ڪري ترميم پسندي ۽ سامراجيت
نوازي جي لاڙن کي زندہ رکي ٿو.
اچو هن حوالي
سان بہ سوچيون:
لينن جو پارٽي
تصور سخت ڊسپلين ۽ متحرڪ لچڪدار اصولي
طرح سخت پارٽي وارو آھي هو چوي ٿو تہ
”انقلابي پارٽي اها آھي، جيڪا منشور ۾ بہ طاقت جي بنياد تي زور ۽ تشدد وسيلي اقتدار
تي قبضو ڪري اها هڪ سخت پوزيشن آھي.“ افسوس تہ پارٽي جي انقلابي ترميم پسند پوزيشن جي حوالي
سان ڪوبہ بحث ڪرڻ لاءِ تيار نہ
آھي. هي سماج جو هڪ اهم موضوع آھي پر نام
نهاد کاٻي ڌر جي سياسي فڪري ايجنڊا تان هي بحث غائب آھي.
اچو هڪ ڀيرو وري انقلابي پارٽي جي تصور
تي بحث ڪريون تہ سرڪاري وقت
پاس ڪندڙ ۽ حقيقي انقلابي قوتن وچم فرق واضح ڪري سگهجي. هي نهايت اهم دور آھي، کاٻي ڌر جا دوست ۽ دانشور هن حوالي سان صحت
مند بحث ڪن تہ جيئن حقيقي انقلابي
جدوجهد جو رخ نئون تعين حاصل ڪري سگهي.

