پوري ڪائنات
عشق جي الستي انگن سان اجاريل آھي، جيڪڏهن عشق نہ هجي هان تہ شايد دنيا جو وجود ئي
نہ هجي هان نہ سج، چنڊ ۽ ستارا هجن هان نہ سمنڊ درياء ۽ ڍنڍون هجن هان نہ پکي پکڻ
۽ جيت جڻا هجن هان، نہ وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ سرسبزي هجي هان۔ نہ انسان حيوان ملائڪ ۽ جنات هجي
هان۔ نہ عرش ۽ فرش جو ڪو تصور هجي هان۔ اهي سڀ عشق الاهيء جي بنياد تي وجود ۾ آيا آھن
جيڪڏهن عشق نہ هجي هان تہ ڪائنات جو وجود ئي نہ ٿئي هان۔ عام طور تي عاشق عشق جي ابتدا
آدم کان ڪري ٿو اهو انڪري جو الله بہ آدم کان آغاز ڪيو ۽ انبياء سان ابتداء ڪئي هاڻي
جيڪڏهن عشق ڪرڻو ئي آهي تہ الله سان عشق ڪر جيڪا تنهنجي حقيقي منزل آهي تنهنجو مقصد
آهي، لطيف سائين عشق جي ڳالھ عزازيل جي ڪندي ٻڌائي ٿو تہ هن صرف الله سان عشق ڪيو پر
اهڙو عشق بہ ڪيائين جو محبوبن جي محفل کان ئي ٻاهر ٿيڻو پيس شاه لطيف عاشق زهر پياڪ
جي ڳالھ ڪهڙي نہ سهڻي نموني ڪئي آهي.
عاشق زهر پياڪ،
وهُ ڏسي وهسن گهڻو،
ڪـڙي ۽ قاتـل
جا هميشہ هيراڪ،
لڳين لنئو،
لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چڪن چاڪ
تہ بہ آه نہ سلن عام کي.
عشق حقيقي هجي
يا مجازي، عاشق کي سور تہ پسڻا ئي آهن، عشق ۾ ڪڙي ۽ جان وٺندڙ زهر جو ذائقو چکڻو ئي
پوندو آهي، محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ سهڻو ئي آهي. عاشق چئو م ان کي، مڪي چئو
معشوق،
خالق چئو م
خام تون، م ڪي چئو مخلوق،
سلج تنهن سلوڪ،
جو ناقصئا نڱيو.
دنيا جي اڪثر
شاعرن عورت کي پنهنجو معشوق يا محبوب ڪري پيش ڪيو آھي پر مرشد ۽ رھبر لطيف دنيا جو
اهو واحد شاعر آھي جنھن عورت کي عاشق ڪوٺيو آھي۔ جيئن مومل راڻي گهڻن کي پنهنجي حُسُنَ
جا جلوا ڏيکاري پنهنجي حُسُنَ تي مست ڪري انهن گهوٽن کي ڪهايو پر هاڻي جڏهن کيس مينڌري
جو عشق لڳس ۽ سندس ڪاپار ۾ مندائي جو تکو تير لڳس تہ هوءَ پاڻ سندس عشق ۾ فنا ٿيڻ لڳي۔
سهڻيء جو ڪردار نهايت طاقتور ۽ جان نثار عاشق جو آھي۔ سهڻي مست عاشق ٿي رات جو ننڊون
ڦٽائي لوڪ کان لڪي ميهار سان ملڻ لاءِ درياءَ جون ڇوليون بہ کيس خوفزدہ نہ ٿيون ڪن
۽ نہ ئي لوڪ جي پرواه ٿي ڪري۔ هوءَ ھڪ ڪمزور زال هوندي بہ بنا ڊپ ڊاء جي درياه جي دهشت،
لهرن جي زور ۽ تک طوفان ۽ واء جي تيزيء درياهي خوفناڪ جانورن جي مقابلي ۾ ھمت ڪري ميهار
سان ملي ٿي۔ هتي سهڻي عاشق ۽ ميهار معشوق نظر اچي ٿو۔ يعني سهڻيء جڙي عاشق پنهنجي معشوق
تائين پهچڻ لاء دنيا جا حيلا وسيلا ڪتب آڻي ٿي۔
وه تک واهڙ
تک جت نينهن تک نرالي
جن کي عشق عميق
جو خلوت خيالي
وارين سي والي
هينڙو جنين هٿ ڪيو
گربخشاڻيـ
255 بيت
جن جي دل ۾
عشق الخ پيدا ٿيو آھي سي دنيا کان گوشو ڪر آرام ۽ سانت سان گذاري پنهنجي اندر محبوب
جي مشاهدي ۾ محو رهن ٿا۔ ائين ئي سسئي جهڙي عاشق تہ عشق جي انتها ڪري ڇڏي۔ هوء پنهونء
جي مجازي عشق ۾ حقيقي عشق جو مزو چکي ٿي۔ هتي بہ سسئي عاشق ۽ پنهون معشوق نظراچي ٿو۔
هوء سرتين کان ڪنارہ ڪش ٿي چوي ٿي اي سرتيون منهنجو پنهل تہ اڳ ئي منهنجي اندر ۾ آباد
هو پوء ڪيچي بہ ان جي تلاش واري واٽ ۾ گڏيا۔ هاڻي ڪڏهن جهنگ ۾ مرن سان منهن ٿي ڏئي
تہ ڪڏهن جبل ۽ ڏونگر سان ٿي اٽڪي ڪڏهن عشق ۾ نانگن سان ٿي مهاڏو اٽڪائي ته ڪڏهن سج
جي سامهون ٿي کيس شڪوھ شڪايتون ڪرڻ لڳي ٿي۔ اهو سسئي جو عشق هيو جو لطيف سرڪار کيس
پنج سر ارپي ٿو پوء بہ سندس داستان پورو نہ ٿو ٿئي. شاه سائين تہ کيس تنبيھ بہ ڪري
ٿو تہ متان تڪليفن ۽ آزمائشن کان گهٻرائي ڊڄي تنگ ٿي عشق تان هٿ کڻي وڃين.
ڄاڻي سڃاڻي
وهان ڪيئن ماٺ ڪري؟
اندر آڳ عشق
جي اپر اڌاڻي
العشق نارالله
الموقد کوري جنء کاڻي
آهي آرياڻي
ٻيو سرتيون سڄي ڪين ڪي
گربخشاڻي۔294۔
بيت 15
وري سورٺ جو
عشق انتها جو ملي ٿو هيء داستان بہ سهڻيء وانگر هڪ بيحد مٺڙي راڳڻي بڻجي ويو آھي۔ هي
داستان نهايت اثرانگيز ۽ دل ڀڄائيندڙ داستان آھي۔ جنهن ۾ عشق سندا سور ۽ احساس سمايل
آھن۔ مطلب تہ عشق مرد کي بہ لڳي ٿو تہ عورت کي بہ ٿئي ٿو عشق ٻنهي لاءِ هڪجهڙي حيثيت
رکي ٿو عشق ذات پات جو پوڄاري ناهي هوندو، عشق محبوب جي اکين مان جنم وٺي عاشقن کي
قيد ڪندو آهي. سندس ننڊون ڦٽائي اوجاڳا ڪرائيندو آهي. جبل جهاڳرائيندو آهي محبوب کي
حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ڳوٺ ڇڏرائيندو آهي. ڪشالا ڪرائيندو آهي رڻ پٽ وسرائيندو آهي رڙيون
ريهون ڪرائيندو آهي، لطيف سائين عشق جي ڳالھ پنهنجي هن بيت ۾ هيئن چوي ٿو.
عشق نہ آهي
راند تہ ڪي کيڏنس ڳڀرو!
جي جسي جان
جي ڀڃي جو هيڪاند !
سـر نـيزي پاند،
اڇل تہ اڌ ٿـئي.
عشق جو رمزون
تمام گهڻو نراليون هونديون آهن عشق تہ هر انسان ڪري ٿو ليڪن لطيف سائين چوي ٿو عشق
هر ڪنهن جي ڳالھ نہ آهي، جو جنهن کي جيئن وڻي تيئن عشق ڪري سچي ۽ حقيقي عشق جي منزل
اوکي آهي. حقيقي محبوب کي پسڻ حاصل ڪرڻ ان ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ ان جو حصو وجود بڻجي وڃڻ ڪنهن
عام ماڻهو کان گهڻو مٿي آهي. لطيف سرڪار پنهنجي هن بيت ۾ چوي ٿو،
عشق جي آڙاه
۾ سر جو سانگ نہ ڪر،
لاهي سر لـطيف
چئي دوست اڳيان در
عشـق نانگ کپر،
خـبر کاڌن کي پوي.
لطيف سائينءَ
جيئن عشق کي پرکيو پروڙيو ۽ سمجهيو آهي ائين ڀلا ڪنهنجي وس جي ڳالھ نہ آهي جو عشق سان
پاند اٽڪائي ۽ بچي وڃي ڪو بہ عاشق عشق لڳڻ کان پوءِ پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهيو ڪڏهن
بہ سنئين لڱين گهمي ناهي سگهيو هميشہ محبوب جي يادن ۾ پاڻ کي پاڻ ۾ وڃائي ٿو ڇڏي.
عاشِقَ مَعشوقَنِ
جِي وَٺِي ويهُه ڳَرِي
جِمَ وِرچِي
ڇَڏيين سَندِي دوستَ دَرِي
ڏيندَءِ ٻُڪِي
ٻاجَهه جِي وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي
ساجَنِ توءِ
سَرِي، اَسان سَرِي نه اُنِ ري.
سمجهاڻي: ”اي
عاشق، توکي گهرجي تہ دوست جي ڳليءَ ۾ وڃي ويهي رهين، (۽ اتي سندس ديدار جو انتظار ڪرين).
ياد رک، متان بيزار ٿي دوستن جو در ڇڏي وڃين. هو ضرور ايندا ۽ اچي توکي پيار جي دوا
ڏيندا تہ جيئن تنهنجا ڦٽ ۽ زخم ٿڌا ٿين (توکي آرام ۽ سڪون ملي). اهو ٻڌي ڇڏ، محبوب
جو وقت توکان سواءِ گذري ويندو، پر اسان عاشقن جي زندگي هن کان سواءِ گذري نہ سگهندي.
(اسان جي درد جو درمان اسان جو سڄڻ آهي).“ ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
عاشقَ! معشوقن
جو، وٺِي ويھه دُڪاڻ؛
پَـئِجِ پيش
پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وجِھي پاڻ؛
ته تون تنِين
ساڻُ، سدا رهِين سُرخُرو.
سر يمن ڪلياڻ:
داستان 7 :بيت 8
ترجمو: ”اي
عاشق! تون محبوبن جو هٿ وٺيو. ويٺو هج. پرينءَ اڳيان ڳڄيءَ ۾ پلاند پائي، سر جهڪائج
تہ وٽن هميشہ مانائتو رهين. عاشق کي هميشہ نياز جڳائي.
عاشقَ! معشوق
جو، وٺِي ويھج گهَٽُ؛
جِمَ وِرِچِي
ڇَڏئين، موکِيءَ سندو مَٽُ؛
ڪري سِرَ جي
سَٽُ، پِيِجِ ڪي پِياليُون.
”اي عاشق! معشوقن
جي گهٽيءَ جو منھن جهلي وڃي بيھج. متان بر ٿي، ڪلال جي مٽ جي پچر ڇڏين. سر جو سودو
ڪري، (سر نذراني ۾ رکي) شراب جون ڪي پيالون پيئج.“
سُر يمن ڪلياڻ
عاشق! معشوقن
جو، وٺي ويهج رَندُ،
پياريندءِ پاڻهين،
مئيخاني جو منڌُ،
ڪيمَ ڪڍج تون
ڪنڌُ، اوڏو ٿي ان کي.
مطلب تہ عشق
جو راز اھڙو اونھو ۽ منجھائيندڙ آھي جو ڪنھن
جي سمجھڻ جو نہ آھي عقل ۽ علم ان کي سمجھڻ کان قاصر آھن. رومي چوي ٿو تہ:
عقل در شر حش
چو خردرگل بخفت
شرح عشق و عاشقي
ھم عشق گفت؛
آفتاب آمد دليل
آفتاب ؛گر دليليت بايد از وي رومتاب
عشق ۽ عاشقي
کي سمجھڻ تمام ڏکيو آھي سج جو اڀرڻ دليل آھي تہ ڏينھن روشن آھي حسن جو تاء عشق تي حاوي
آھي ان ڪر حسن للڪار ڪري ٿو تہ اي عشق ! خبردار مان حسن آھيان منھنجي اڱڻ ۾ قدم رکڻ
کان اڳ فنا لاء تيار ٿيء لطيف فرمائي ٿو تہ عاشق! معشوقن جو وٺي ويھج رند وري چويس
ٿو تہ عاشق! معشوقن جو وٺي ويھج گھٽ
جم ورچي ڇڏيين
موکي سندو مٽ؛
ڪري سر جي سٽ
پيج ڪي پياليون
وري وائي ۾
خبر ٿو ڏيس تہ
سپريان جي سو
نھن جي ڳالھ ڪين وڄي؛
وڃي در دوستن
جي سوري سر ھجي
عاشق انگھن
چڙئا ٻئو سڀڪو ڀڄي
پڇج پوء پريتڻو۔
پھرين سر سڄي؛
عاقل ئي اوڇون
ٿئا ڀورو ڪين ڀڄي .! لطيف چي ٿو دنيا گزرگاھ آھي مڙس يعني عاشق اھو جيڪو ڌرم يڌ يعني
ديش جي لاء وڙھي ۽ سر ڏي اڳي پوء مرڻو آھي تنھن ڪري ڇو نہ عشق ۾ سر قربان ڪجي اھڙي
طرح فرض ادائي ڪندي ساھ ڏجي ”مٿان تيغ ترار مار تہ متارو ٿئين“ وري عشق جي سرڪي پياري
ٿو تہ:
عاشقن الله،
ويروتار نہ وسري،
آهَ ڪَرِيندي
ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.
عاشقن کان ڪڏهن
بہ الله نہ ٿو وسري. (اُنهن کي هميشه الله ياد آهي.) ڪڏهن عشق جي آه ڪندي، سندن پساه
پورو ٿي ويندو.
سُرُ يمن ڪلياڻ,
داستان ستون.
عاشِقَ اِئن
نہ هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱڙين،
وڃي دَر دوستن
جي، رَتُ ڏِهاڻي رُون،
ٻي پَرِ ڪنهيِن
نہ پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سين.
جئن تون سڄن
لڱن سان (تازو توانو) آهين، تئن عاشق ڪڏهن به نه ٿا ٿين. هو هر روز محبوب جي در تي
وڃي رت ٿا روئن. ٻئي ڪنهن به دستور هو پرين وٽ قبول نه ٿا پون.
سُرُ يمن ڪلياڻ,
داستان ستون، بيت
جان عاشِقَ
مَٿي رَتُ دَعويٰ ڪري مَ نِينهَ جِي
سائو مُنهُ
سُونهَ ڳَئِي سِڪَڻَ اِيءُ شَرطُ
نہ ڪِين گوڏِ
گَرَٿُ مَٿان سِرُ سَودا ڪَري
جيسيتائين جو
ڪنهن البيلي عاشق تي مايا ماس چڙھيل ۽ رتَ ڀريل ھُجي تيسيتائين اُھو عشق ۽ نينهن جِي
دعويٰ ئِي نہ ڪري مُحبت ڪرڻ ۽ صُحبت لاءِ سِڪڻ واري جِي نشانِي ھِيءُ ھُوندي آھي تہ
جُدائيءَ ۽ فراق سببان اُن جو مُنهن ڪاراٽجِي ڪُماڻو ٿِي ويندو آھي اگر ڪو سچو عاشق
ھُوندو تہ اُن وٽ ھڙ ۾ ٻيو ڪُجھ بہ ڪونہ ھُوندو فقط پنهنجو سِرُ ڏيئي پيو سِڪ جا سودا
ڪندو. مطلب تہ سڄي سريمن ڪلياڻ عشق معشوق عاشق ۽ محبوب جي تصوفاڻي رنگيني سان ڀرپور
آھي ھر بيت جي اکر اکر ۾ دلسوزي درد انگيز
عشق جي لفظن سان جڙيل آھي دردن جو ذڪر بہ ڪري ٿو تہ دردن جا انواع بہ طبيب بہ پاڻ تہ
ويڄ بہ پاڻ عاشق بہ پاڻ تہ معشوق بہ پاڻ سربہ گھري ٿو تہ معشوق جو در وٺي ويھڻ جو سبق
بہ ڏيئي ٿو، عشق جو سمنڊ ڏسڻو آھي تہ سر ڪاموڏ ۾ ڏسو جتي نوريء تي وقت جو حاڪم ڄام
تماچي ڪيئن نثار ٿو ٿئي ۽ کيس پٽ راڻي بڻائي ٿو.
کِکِيءَ هاڻِيُون
کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ،
پاندُ جنين
جي پاندَ سين، لَڳو ٿِئي لَڄَ ،
سَمو ڄامُ سُهَڄَ
،اُڀو ڪَري اُن سين،
مهاڻن جون کاريون
ککيءَ سان واسيل آهن ۽ڇڄ ڇڇيء سان، جن جي پلاند لڳي تہ لڄ اچي وڃي، سمو سردار اُنهن
سان بيٺو سهج ڪري (انهن تي نوازشن جي پلٽ) بيت پنجون داستان پهريون (ڪلياڻ آڏواڻي)
لطيف سائين پنهنجي پرين کي چوي ٿو، اي محبوب توکي ائين نہ ٿو جڳائي جو مون کي محبت
۾ ماري عشق ۾ اڙائي هليو وئين تہ وري موٽڻ
جي نہ ٿو ڪرين تنهنجي عشق جي سور ۾ منهنجي جان جو رت ئي سڙي سڪي ويو آهي هاڻي تہ منهنجي
جسم ۾ رتيءَ جيترو بہ رت ناهي رهيو ۽ منهنجي نيڻن جي ننڊ پڻ ڦٽل آهي ۽ اسان تنهنجي
لاءِ ڳجھ ئي ڳجھ ۾ پئي پوڄائون ڪيون آهن ۽ توکي ئي پئي پوڄيو آهي. لطيف سائين محبوب
جي عشق جي ڳالھ هيئن بہ ڪري ٿو.
عشق اهڙي ذات
جو مانجهي مونجهائي مين کي،
ڏيهان ڏورڻ
ڏونگرين، روئڻ سڄيائي رات،
اٿي ويٺي تـات،
مـيان محبوبن جي۔
يعني عشق اهڙي
قسم جي ماجرا آهي جا پهلوانن ۽ سورمن کي ئي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿي ۽ عشق وارن جون
ننڊون فٽائي ڇڏي ٿي. ۽ ڏينهن جو جبل ڏورڻ، ڪشالا ڪڍڻ ۽ رات جو ويهي اوجاڳا ڪرائڻ ۽
ڳوڙها وهائڻ عشق جي عادت ۾ آهي. عشق جي انتها ڏسڻي آھي تہ سر ڪيڏارو ۾ ڏسو جتي امام
حسين عليہ السلام پنهنجو پاڻ ۽ اولاد سميت سڀ ڪجهہ قربان ڪري ٿو ڇڏي.
سَختِي شَھادَتَ
جِي، مِڙوئِي مَلارُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدَ
کي، اِي عِشقَ جَو آثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ،
اَصلِ اِمامَنِ سين.
امامن لاءِ
شھادت جي سختي، الاهي رحمت جي بارش هئي. انهيءَ الاهي عشق جي اهڃاڻ جي، يزيد کي رتيءَ
ماتر بہ پروڙ نہ هئي. امامن جو ازل ۾ ئي سر ڏيڻ جو انجام ڪيل هو.!!
اهو عشق الاهي
تہ هو جو حضرت عيسيٰ عہ صليب تي سر ڏنو ۽ منصور سوريء تي پساه ڇڏيو، پر امامن جھڙي
آزمائش ڪنهن سان ڪانَہ ٿي. هت تہ هر هڪ، پاڻيءَ
جي بوند لاءِ سڪي، بک ۾ پاه ٿي، سچ تان سر صدقي ڪيو. امام جيڪر اڪيلو شھيد ٿئي ها تہ
ٻيَن جھڙو ليکجي ها. شاباس آهي سندس اهل و اولاد کي اکين اڳيان شھيد ٿيندو ڏسي جيڪا
مائٽ جي دل جي حالت ٿيندي پر شاباس امامن جي صبر کي، جو سختيون سهي بہ اهو پئي فرمايو
اي خدا بس تون راضي ٿي۔ ڪربلا جي ميدان تي هڪ هڪ ٿي خدا جي دشمنن کي جهنم رسيدہ ڪندا
رهيا ۽ پاڻ شھادت جو جام پيئندا ويا ۽ ڪُسڻ جو قرار جيڪو اصل کان ئي. امامن سين هو۔
تنهن قول تي ابهم معصوم سميت ثابت قدم بيھَي ڏيکاريائون!!!
عَلِيءَ پُٽَ
اَڀام، ڪَندا راڙو رُڪَ سين
صبر ڪري سور
سهڻ، اصول تي اکين اڳيان اولاد ڪهائڻ ننڍڙن ابهمن کي پاڻيءَ لاء تڙپي تڙپي ساھ ڏيندو
ڏسي، ثابت قدم بيهڻ، ڪا معمولي ڳالھ ڪانهي. محڪم ارادو ڪندڙ اصول جي پاپندي ڪندڙ انسان،
دنيا ۾ سختيون سهي ٿو، پر ابدي حياتيءَ جو مستحق ٿئي ٿو. شال ڪو دنيا خاطر دين برباد
نہ ڪري. شل ايمان تان هن دنيا جون سؤ حياتيون قربان ڪرڻ جي اسان کي قادر قوَت ڏئي.!!
انھيءَ منجهہ آھي ڪا اونهي ڳالهہ اسرار جي۔