دنيا جي دوڙ ۾ فڪر جي فضا ڌوڙ سان ڀرجي وئي آهي، جتي سيڪيولرزم جو شور آهي، پر سڪونِ روح جو سور آهي۔ عقل جي آئيندي ۾ انسان پنهنجي عڪس ڏسي ٿو، پر دل جي آئيندي ۾ خدا جو نور۔ اهو ئي تضاد، انساني فڪر جو امتحان بڻجي ويو آهي. جتي سيڪيولرزم انسان کي ”آزاد“ چوي ٿو، پر حقيقت ۾ ”بي مرڪز“ ڪري ڇڏي ٿو۔
سيڪيولرزم چوندو آهي تہ ”عقل ئي حَڪم آهي“، پر عقل بغير وحَي، جيئن درياءُ بغير ڪنارن جي. بي حد، بي مقصد، ۽ آخرڪار بي وجود۔ سائنس جڏهن آسمان کي چيري تارن کي ڳولي ٿي، تڏهن بہ آيتن جي اُڃ ان ۾ باقي رهي ٿي۔ سيڪيولر سوچ چوندي آهي تہ ”دنيا کي بهتر بڻايو“، پر مذهبي فڪر چوندو آهي ”دنيا کي بامقصد بڻايو“۔ هڪ ۾ خوبصورتيءَ جو فلسفو آهي، ٻئي ۾ معنويت جو معجزو۔
جارج هولي اوڪ عقل کي رهنما بڻايو، پر نبي ﷺ دل کي راهبر بڻايو۔ عقل جو رهنما انسان کي زمين ڏيکاري ٿو، دل جو راهبر آسمان ڏيکاري ٿو۔
سيڪيولرزم جي سچائي سائنس ۾ آهي، پر روحانيت جي حقيقت سڪون ۾۔ سيڪيولرزم علم جو علمبردار آهي، پر ايمان علم جو معيار آهي۔ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جتي عقل اڪيلو هليو، اتي ظلم پيدا ٿيو، ۽ جتي وحَي ساڻ هلي، اتي عدل۔
يونان جا فلاسافر عقل جا بادشاھ هئا، پر اخلاق جا مسافر۔ اسلام عقل کي قيد نٿو ڪري، پر رھنمائي الهام جي هٿ ۾ ٿو ڏئي۔ قرآن چوندو آهي: ”أفلا يتفڪرون؟“ — پر ساڳئي وقت چوندو آهي: ”إن في ذلك لذكرى لمن كان له قلب“
يعني سوچڻ بہ ضروري، پر ساھ سان گڏ احساس بہ۔
سيڪيولرزم جي بنياد ”آزاديءَ“ تي آهي، پر اها آزادي بغير وحي جي روشني جي، ريگستان ۾ ڀٽڪندڙ قافلي جهڙي آهي۔ اسلام جي آزادي شعور جي ڇانوري ۾ آهي، جتي انسان جي ”چاهت“ بہ عبادت بڻجي وڃي ٿي۔ سيڪيولرزم انسان کي خدا کان آزاد ڪري ٿو، اسلام انسان کي نفس کان آزاد ڪري ٿو۔
هڪ آزاديءَ جو نعرو آهي، ٻيو آزاديءَ جو نُور۔ سائنس چوندي آهي: ”انسان مٽيءَ مان پيدا ٿيو“ — قرآن چوندو آهي: ”۽ مٽيءَ مان روح کي اُڀاريو ويو“۔ سائنس خلقڻ جو طريقو ٻڌائي ٿي، پر قرآن مقصد ٻڌائي ٿو۔ سيڪيولر فڪر وجود جو جواز ڏئي ٿو، پر دين زندگيءَ جو مطلب۔
اهو ئي تضاد فڪر ۽ ايمان جي وچ ۾ نہ، پر ادراڪ ۽ وجدان جي وچ ۾ آهي۔
اڄ دنيا سيڪيولر ٿي، پر بيسڪون ٿي۔ اڄ علم وڌيو، پر امن گهٽيو۔ اڄ تنقيد وڌي، پر تخليق گهٽجي وئي۔ ڇاڪاڻ تہ جتي هر شيءِ ”عقل“ سان ماپي وڃي، اتي ”محبت“ پنهنجو وزن وڃائي ڇڏي ٿي۔ سيڪيولرزم جي فڪري آزاديءَ ۾ بہ هڪ قيد لڪل آهي. خدا کان انڪار جو قيد۔ پر ايمان جي دنيا ۾ قيد بہ آزاديءَ جو راز آهي.
”بندگيءَ ۾ آزادي، ۽ آزاديءَ ۾ بندگي“
اسان نہ سائنس سان دشمني ٿا رکون، نہ عقل سان عدوات، پر جڏهن عقل پنهنجي خالق کي وساري ڇڏي، تڏهن فڪر فنا ٿي وڃي ٿو۔ سيڪيولرزم انسان کي زمين سان ڳنڍي ٿو، اسلام انسان کي آسماني علم سان ملائي ٿو۔ سيڪيولرزم چوندو آهي ”دنيا بدلايو“، اسلام چوندو آهي ”خود بدلاءِ دنيا پاڻ بدلجي ويندي“ اهو ئي اصل تضاد آهي، جتي سيڪيولرزم ”سائنس“ کي سچائي چوي ٿو، اسلام ”سچائي“ کي سائنس بڻائي ٿو۔ سو، اڄ جي ضرورت سيڪيولرزم جو پرچار نہ، پر سائنس سان ايمان جي سنگت، عقل سان عشق جي رفاقت، ۽ آزاديءَ سان اخلاص جو اتحاد آهي۔
انسان جي ترقي عقل ۾ آهي، پر انسانيت جي بقا ايمان ۾۔ سيڪيولرزم جي دنيا روشنيءَ سان ڀرجي سگهي ٿي، پر روح جي دنيا تڏهن روشن ٿيندي، جڏهن دل تي ”ايمان“ لھندو.

