سچا صوفي جو آهيون ـ حڪيم پريم چاندواڻي


 انسان جي سڄي فطرت، هڪ ڳولا آهي۔ پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڳولا، پنهنجي رب پاڪ کي سڏڻ جي ڳولا، ۽ روحاني سڪون حاصل ڪرڻ جي ڳولا۔ دنيا جي شور ۾ ڪيترن کي رستو فقط مادي خواهشن ۾ نظر اچي ٿو، پر جيڪي دل جي درين کي کولين ٿا، اکين کي اندر واري روشني ڏانهن موٽائن ٿا، سي ئي سچا صوفي آهن۔ صوفي سڀ جو خير گهرندڙ ٿين ٿا۔ هو ڪنهن جي بہ دل آزاري نٿا ڪن، صوفي انا ۾ اٽڪي هڪ هنڌ بيهي نٿو رهي، پر سلوڪ جي واٽ تي سدائين سفر ڪندو ٿو رهي۔ صوفي جيئن پاڻ صاف دل هجي ٿو، تيئن ساري جڳ کي، ساري لوڪ کي صاف دل ڏسڻ گهري ٿو۔ صوفي ڪنهن سان حسد يا ساڙ نٿو ڪري، نڪو ئي گهڻي جي لوڙ رکي ٿو۔ صوفي هر حال ۾ راضي رهي ٿو ۽ الله پاڪ جو هر وقت شڪر ڪندو رهي ٿو۔ اڪثر صبر سان زندگي بسر ڪري ٿو، بجاءِ ڪنهن جي بہ شڪوه شڪايت نٿو ڪري۔ صوفي انا کي فنا ڪري بقا يا امرتا جو سفر سير ڪري ٿو۔ سچو صوفي يقين جي آخري منزل تي هجي ٿو ۽ ڪڏهن بہ سندس يقين ٽٽي يا ختم نٿو ٿئي۔ سندس ايمان ڪامل هجي ٿو. هو دعائن ۽ آهن جي اثر کي سمجهي ٿو۔ بيماني يا ٺڳي ڪرڻ وارو صوفي نٿو ٿي سگهي۔ صوفي الله پاڪ کان سڀ ڪجھ گهرندڙ هوندو آهي ۽ ٻين آڏو هٿ نٿو ڦهلائي۔ وڏي ڳالھ تہ صوفي بي خوف هوندو آهي۔ موت کان ڊڄندو ناهي۔ هر طمع کي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي۔

سچو صوفي ڪير آهي؟! اهو جيڪو پنهنجي وجود کي سمجهي، مان ڪير آهيان؟، جو جواب تلاش ڪري۔ صوفيت ڪنهن ڪپڙي، ڪنهن طبقي يا ڪنهن نالي جي محتاج نہ آهي، اها دل جي صفائي، نيت جي سچائي ۽ عمل جي پاڪائيءَ جو نالو آهي۔ صوفين جو پيغام هميشہ پيار، انساني برابري، معافي ۽ خيرخواهي رهيو آهي۔ اهي ڪنڌ تي تاج نہ پر دل تي عشق جي مھر لاڳائيندا آهن۔

سچا صوفي، جو آهيون،

عرفان ڪشف، ٿا ڄاڻون۔

علم عرفان ڇاهي:

عرفان يعني معرفت، الله جي سڃاڻ۔ جڏهن انسان پنهنجي اندر جي اسرارن کي سمجهي وٺي ٿو، پوءِ کيس ڪائنات جا سمورا راز سمجهہ ۾ اچن ٿا۔ عرفان دل جي اها اوج آهي، جتي عقل بہ حيران ٿي بيهي وڃي ٿو۔ علم عرفان پنهنجي پيارن جي سيني ۾ سڌو سنئون اوتيو ويندو آهي۔ ان لاءِ ڪنهن بہ اسڪول يا مدرسي ۾ پڙهڻ جي ڪا بہ ضرورت ناهي هوندي۔

ڪشف ڇا آهي؟!:

ڪشف اها نظر آهي، جيڪا پردن پٺيان بہ سچ کي ڏسي وٺي ٿي۔ اهو روحاني بصيرت جو درجو آهي، جتي دنيا جون حدون ٽُٽي وڃن ٿيون ۽ حقيقت جي روشني ظاهر ٿي پوي ٿي۔ پر ڪشف فقط انهن لاءِ آهي جن جي نيت صاف، دل پاڪ ۽ روح بيدار هجي۔ سچو صوفي ماڻهن جا عيب اگهاڙا ڪندڙ نہ، پر انهن جي دردن جي مرهم ٿيڻ ٿو چاهي۔ هو نفرت نہ پر محبت ورهائي ٿو۔ هو پنهنجي ذات کي ميساري ٻين جي دلين کي آباد ڪري ٿو۔ سندس اک ۾ غرور جو هڪ ڦڙو بہ جڳهہ نٿو وٺي، ڇو تہ هو پنهنجي اصل کي ڄاڻي ٿو تہ مان تہ مٽيءَ جو ذرڙو آهيان، عظمت رڳو رب پاڪ کي آهي۔ اڄ جي سماج کي صوفين جي تعليم جي سخت ضرورت آهي۔ دلين ۾ ڪينا، زبان تي تلخي، روين ۾ خود غرضي، انهن سڀني جو علاج صوفيت جي محبت ڀري ريتن ۾ لڪل آهي۔ جيڪڏهن اسين هر ڪنهن سان انسان هئڻ جي حيثيت ۾ پيش اچون، تہ نفرتون پاڻمرادو ختم ٿيڻ لڳنديون۔

حاصل مقصد:

صوفيت ڪنهن خاص طبقي جو فيض ناهي، پر انسانيت جي راھ آهي۔ سچو صوفي اهو آهي جيڪو:

محبت کي پنهنجو ساه پساھ  بڻائي۔ خدمت کي عبادت سمجهي۔ هر دل ۾ رب کي ڏسي۔ پنهنجي نفس کي قابو ڪري۔ ٻين لاءِ سلامتي چاهي۔

جيڪو انسان اندر جي طمعن کي ختم ڪري، عشق جي مشعل روشن ڪري ٿو، سو ئي صوفي آهي۔ جنهن جي دل ۾ رب جي ياد جو گهر آهي، اهو ئي عرفان ۽ ڪشف جو اصل وارث آهي۔


Previous Post Next Post