هائيبرنيشن (Hibernation) هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ڪيترا ئي جاندار سخت موسمي حالتن ۽ خوراڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڊگهي عرصي تائين ننڊ ۾ هليا وڃن ٿا. سائنسي تحقيق موجب، ان عمل دوران سندن دل جي ڌڙڪن 95 سيڪڙو تائين گهٽجي ٿي، جسم جو گرمي پد گهٽجي وڃي ٿو، ۽ ميٽابولزم تمام سست ٿي وڃي ٿو. ڪيترن ئي ڪئن، چمڙن، نيولن، نانگن، ۽ ٻين جاندارن ۾ هائيبرنيشن جو عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هالي ووڊ جي فلم The Passenger ۾ پڻ انساني هائيبرنيشن جو تصور ڏنو ويو آهي، جتي خلا ۾ نئون سيارو ڳولهڻ لاءِ ماڻهن کي ڪيترن سالن تائين هائيبرنيٽ ڪيو وڃي ٿو.
قرآن پاڪ جي سورت ”الڪهف“ ۾ بيان ڪيل اصحاب ڪهف جو واقعو پڻ هائيبرنيشن جي جديد سائنسي نظريي سان گهري مشابهت رکي ٿو. قرآن ۾ ذڪر ٿيل اهم نڪتا سائنسي تحقيق جي حمايت ڪن ٿا، جيئن: پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني ڪيترائي سال. (آرامي رهيا) ۽ تون ڏسندين جڏهن سج اڀري ٿو تہ انهن جي غار جي ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو تہ انهن کان کاٻي طرف ڪترائي وڃي ٿو ۽ اُهي غار جي ڪشادگي ۾ آهن. اها الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت يافتہ آهي ۽ جنهن کي گمراه ڪري تہ تون ان لاءِ ڪو وليءُ مرشد نہ لهندين (يعني مددگار ۽ رهبر نہ لهندين). ۽ تون انهن کي جاڳيل سمجهندين حالانڪہ اُهي ستل آهن. ۽ اسان ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي انهن جا پاسا بدلايون ٿا ۽ انهن جو ڪتو چانئٺ تي پنهنجون (اڳيون) ٽنگون پکيڙيون پيو آهي. جيڪڏهن تون انهن کي جھاتي پائي ڏسين ها تہ انهن کان پُٺِ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها. ۽ اهڙي طرح اسان انهن کي (جاڳائي) اٿاريو تہ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوڻ واري چيو: (هتي) ”ڪيترو رهيا آهيو“؟ چيائون: ”اسان هڪ ڏينهن يا ان جو ڪجهہ حصو رهيا آهيون“. چيائون: ”جيترو رهيا آهيو توهان جو پالڻهار بهتر ڄاڻندڙ آهي. پوءِ پاڻ مان هڪڙي کي پنهنجو هي سڪو ڏئي شهر ڏانهن موڪليو پوءِ اُهي ڏسي تہ ڪهڙو کاڌو زور پاڪيزه آهي؟ ان مان اوهان لاءِ ڪجهہ کاڌو وٺي اچي ۽ ان کي گهرجي تہ (ايندي ويندي) آهستگي ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪڙي کي بہ توهان جي خبر نہ ڏئي. انهن جي ڪنن تي پردو وجهي ڇڏيو ويو: سائنس چوي ٿي تہ اندروني ڪن جو اهو حصو، جيڪو شور ٻڌي جاندار کي جاڳائي ٿو، هائيبرنيشن دوران بند ٿي سگهي ٿو.
غار ۾ روشني جو داخل نہ ٿيڻ: سائنس موجب، سڌي سنئين روشني جاندار جي عمر تي اثر وجهندي آهي. سندن جسم کي وقت بوقت گهمايو ويندو هو: سائنس بہ چوي ٿي تہ اهڙي حالتن ۾ جسم کي هلائڻ ضروري آهي، نہ تہ Pressure Ulcer جهڙيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.
هو جاڳيل نظر ايندا هئا پر اصل ۾ ستل هئا: سائنس موجب، مسلسل بند يا کليل اکيون نقصانڪار آهن، تنهنڪري قرآن پاڪ جي بيان مان لڳي ٿو تہ سندن اکيون وقفي وقفي سان ڇپڪنديون هيون.
جاڳڻ کان پوءِ کاڌي جي طلب: سائنسي تحقيق چوي ٿي تہ هائيبرنيشن مان نڪرڻ کان پوءِ جاندار کي تمام گهڻي بک لڳي ٿي، جيڪا قرآن پاڪ جي بيان سان بہ مطابقت رکي ٿي.
سوال اهو آهي تہ اصحاب ڪهف انساني هائيبرنيشن ڪيئن حاصل ڪئي؟ ڇا ڪنهن خاص جڙي ٻوٽي يا قدرتي عمل جي نتيجي ۾ اهو ممڪن ٿيو؟ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ڪيل ”300 شمسي سال + 9 قمري سال“ جو حساب بہ حيرت جوڳو آهي.
حاصل مطلب تہ اصحابِ ڪهف جو واقعو نہ رڳو اسلامي تاريخ، پر عيسائي ۽ رومي روايتن The Seven Sleepers طور بہ مشهور آهي. بهرحال، قرآن پاڪ هن قصي کي اهڙي سائنسي وضاحت سان بيان ڪيو آهي، جيڪا ڪنهن ٻي ڪتاب ۾ نہ ٿي ملي.
اسان سورة الڪهف ڪيترائي ڀيرا پڙهي هوندي، پر اسان ڪڏهن بہ ان حقيقت تي غور نہ ڪيو هوندو تہ غار جا نيڪ نوجوان (اصحاب الڪهف) سمهڻ وقت الٽ پلٽ ڪندا هئا. جڏهن تہ سندن ڪتو ساڳئي پوزيشن ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪڏهن بہ پنهنجي پوزيشن نہ بدلائي ۽ نہ ئي ڪو جسماني نقصان پهچايو! طبي لحاظ کان، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سمهڻ دوران ساڳئي حالت ۾ ڇڏيو وڃي تہ ان جي جسم تي بستري جا زخم ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان ڪري الله تعاليٰ فرمايو: ۽ اسين انهن کي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڦيرايون ٿا. يعني، اسان انهن کي کاٻي ۽ ساڄي موڙيندا رهياسين پر سوال اهو آهي تہ ڪتي کي ڇو نہ ڦيرايو ويو؟ هي سوال هڪ جرمن ڊاڪٽر جي دل ۾ پيدا ٿيو۔ هو سفر دوران هڪ نوجوان کان قرآن جو ترجمو پڇي رهيو هو جيتوڻيڪ هن جو ارادو هو تہ بعد ۾ ان کي اڇلائي ڇڏيان، جهاز تي بوريت جي ڪري، هو قرآن کولي ٿو ۽ ان کي پڙهي ٿو، سورة الڪهف جي آيتن 17 ۽ 18 تي رڪجي ٿو. هو چوي ٿو: مون سمجهيو تہ نوجوانن جو مقصد پنهنجن جسمن جي حفاظت ڪرڻ هو، ۽ سج جون شعاعون پڻ غار ۾ هڪ خاص زاويہ کان داخل ٿيون، غار جيڪا طبي طور تي مڪمل طور تي هوادار هئي ۽ هڪ صحتمند ماحول جي نشاني هئي. پر جنهن واقعي دنيا کي حيران ڪيو اهو هو تہ ڪتو 309 سالن تائين ساڳئي حالت ۾ رهيو، نہ تہ ان جي شڪل بدلي ۽ نہ ئي ان جو جسم بدليو. هن ڪتي جي چمڙي تي تحقيق شروع ڪئي وئي ۽ جڏهن اها تحقيق مڪمل ٿي، تہ ڏٺو ويو تہ ڪتن جي چمڙي هيٺان خاص غدود آهن. جيڪي قدرتي رطوبت خارج ڪن ٿا ۽ چمڙيء کي سڙڻ کان بچائين ٿا، جيستائين جسم ۾ زندگي باقي آهي. هيءَ سائنسي حقيقت صديون اڳ قرآن جي هڪ سوره ۾ بيان ڪئي وئي هئي. هي اهو نقطو آهي جيڪو انسان جي دل ۾ ايمان جاڳائي ٿو ۽ هو خالق جي طرف رجوع ٿئي ٿو.

